ايڊيٽوريلنئون

بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻي ڇڏيو

            پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جو اختتام جهڙيءَ ريت ٿيو آهي ڪنهن کي به اها توقع نه هئي. ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ عقل، فهم، ساڃاهه هجڻ گهرجي ته جيئن ناساز حالتن کي به پنهنجي فائدي ۾ تبديل ڪري سگهي. ان ڪري چوندا آهن ته سياست امڪانن جي فن جو نالو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پي ٽي آءِ وٽ اهڙي قسم جي سياسي سوچ جو تمام گهڻو فقدان آهي، ايستائين جو ناساز حالتن کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر سازگار حالتن اندر ملندڙ موقعا به وڃائي ويٺي آهي. سوني تي سهاڳو اهو آهي ته هن وقت پارٽي جي اڳواڻي اڻ سڌيءَ طرح بشريٰ بي بي جي هٿ ۾ اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ جو ٺهڻ اسان سڀني جي سامهون آهي ۽ اهو به سچ آهي ته سڀني وڏين سياسي پارٽين جي ٺهڻ جو طريقيڪار هڪ جهڙو رهيو آهي، پر انهن پارٽين وقت سان گڏ پاڻ کي بهتر بنايو آهي، پر اهڙي کوٽ پي ٽي آءِ ۾ شروعات کان وٺي رهندي آئي آهي ۽ هاڻي ته ڳالهه واهه گرو کان وڌي وئي آهي.

            قومي اسيمبلي جون 156 سيٽون پنجاب، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ صوبائي حڪومتون هجڻ جي باوجود ليڊر جي مقبوليت جي باوجود ڪنهن پارٽي سان اهڙي حالت ٿئي ته ان ۾ سڄو ڏوهه صرف طاقتورن جو نه آهي پي ٽي آءِ جا پنهنجا افعال به اهڙا آهن. باني پي ٽي آءِ جي لاءِ چيو ويندو آهي ته هو بشريٰ بي بي جي عقيدت ۾ مڪمل ورتل آهي ۽ اها ڳالهه هن آخري ڌرڻي ثابت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن بشريٰ بي بي کي ڪورٽ جي طرفان رليف مليو ته اهو محسوس ٿي رهيو هو ته طاقتور ڌرين وٽ پي ٽي آءِ جي لاءِ ڪو نرم گوشو پيدا ٿي چڪو آهي ۽ بشريٰ بي بي کي باني پي ٽي آءِ ۽ طاقتور ڌرين جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، پر ايئن ٿي نه سگهيو. بشريٰ بي بي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ محسوس ڪرايو ته هوءَ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ٿيڻ چاهي ٿي، جن شرطن تي کيس آزادي ملي هئي انهن شرطن تان به عمران خان وانگر يوٽرن وٺي الڳ رستو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ طاقتور ڌرين جي آشيرواد کانسواءِ سياست ڪرڻ اڄ تائين خواب رهيو آهي، ان ڪري سڀئي پارٽيون انهن سان ٺهي هلڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. بشريٰ بي بي آزاد ٿيڻ کانپوءِ پهرين بني گالا، پوءِ پشاور، لاهور ۽ آخر ۾ وري پشاور کي پنهنجو هيڊڪوارٽر بڻايو، گنڊاپور کي هڪ قدم پوئتي هٽائي پارٽي جي ليڊرشپ اڻ سڌي طرح پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. 24 تاريخ جي ڌرڻي جي لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ٽاسڪ ڏنو ويو ته 5 ۽ 10 هزار ماڻهو وٺي پوءِ اچو نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ اوهان کي پي ٽي آءِ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني ويندي. ڪجهه خبرون اهڙيون به آيون ته بشريٰ بي بي انهن کي چيو اوهان جي هڪ ماڻهو سان گڏ 10 منهنجا موڪل به احتجاج ۾ گڏ هوندا، پر شايد انهن موڪلن احتجاج کان پاسو ڪيو.

            24 تاريخ وارو ڌرڻو شروع ٿي ويو، ماڻهن جو چڱو خاص تعداد جيڪي تقريبن سڀئي خيبر پختونخواهه سان تعلق رکن ٿا، ڊي چوڪ تي ڌرڻي هڻڻ جي لاءِ بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد تي حملا آور ٿيڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. حڪومت ڪوشش ڪئي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪريون انهن کي سنگجاني جي علائقي ۾ ڌرڻي هڻڻ جي اجازت پڻ ڏيون، حڪومت جي انهيءَ پيشڪش کي باني پي ٽي آءِ پڻ تسليم ڪيو، پر بشريٰ بي بي ماڻهن جا انبوهه ڏسي يا ته جذباتي ٿي وئي يا پي ٽي آءِ جي باني سان ٻٽي راند کيڏي ۽ پي ٽي آءِ باني جو چوڻ به نه مڃيو. ڪجهه دانشور اهو به چون ٿا ته انهيءَ چال جي پويان به طاقتور ڌريون آهن جن پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جو اهو انجام لکي ڇڏيو هو. هاڻي پي ٽي آءِ وٽ هڪ سياسي پارٽي ۽ هڪ انقلابي پارٽي وارو بيانيو نه بچيو آهي. ايندڙ ڪجهه وقت ۾ اها شيءِ واضح ٿيندي ته بشريٰ بي بي پنهنجي عقل کي استعمال ڪندي ٻٽي گيم کيڏي آهي يا اهو به کيس چيو ويو هو ۽ هن چوڻ ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جو رويو اها ڳالهه واضح ضرور ڪندو. هتي اسان انهيءَ ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته ڪوبه گروهه يا سياسي پارٽي انتشار يا هٿياربند مزاحمت سان رياست کي شڪست نٿو ڏيئي سگهي، پر آئيني ۽ قانوني پرامن احتجاج سان نه صرف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي، پر ڪنهن حد تائين فائدا به حاصل ڪري سگهي ٿي، اهڙو مثال اسان کي پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي سياست ۾ نظر اچي ٿو. هن ڌرڻي جو ايڏو خراب انجام جيڪو بشريٰ بي بي جي هٿان ٿيو آهي ان پي ٽي آءِ جي سياست کي ڪونهين ڏور ڌڪي ڇڏيو آهي.