تهذيب قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي، جنهن سان هو صدين تائين پنهنجو وجود مڃرائينديون رهنديون آهن. سنڌي ثقافت به دنيا جي تهذيبن ۾ سڀني کان پراڻي ۽ شاهوڪار آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب انهيءَ جي شاهد آهي. سوميري ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب دنيا جون قديم تهذيبون آهن. اسان جي ثقافت جيئن ته پنهنجي قدامت کي به برقرار رکندي اچي پئي ۽ وقت جي نون قدرن کي پاڻ ۾ جذب ڪندي پنهنجي تهذيب جو حصو بڻائيندي اچي پئي ان لاءِ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب قديم ۽ جديد جو امتزاج آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجي ثقافت پنهنجي ٻولي، اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيب کي جنهن طريقي سان قائم رکندو پيو اچي اها هڪ مثالي ڳالهه آهي، جنهن جو انعام نه صرف سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي ملڻ گهرجي، پر انهن سنڌي ماڻهن کي به ملڻ گهرجي جيڪي ورهاڱي دوران سنڌ کان لڏي دنيا جي ڏورانهن ملڪن ڏانهن لڏي ويا، پر اهي جتي به هئا انهن اتي وڃي پنهنجي ننڍڙي سنڌ اڏي آهي ۽ پنهنجي ثقافت کي، پنهنجي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏنو آهي. سنڌ بنا شڪ جي انهيءَ تي فخر ڪري سگهي ٿي ته اها اهڙي ثقافت جي امين آهي. جنهن کي صدين جو رچاءُ ۽ رنگ آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ثقافت پنهنجو الڳ رس رکي ٿي. اسين ڳالهه پيا ڪريون ته سنڌ جو شاندار ماضي موجود وقت ۾ اسان سان گڏ آهي. ڪنهن به ثقافت جو دُور تاريخ ۾ ايتري ڊگهي سفر جو مثال نه ٿو ملي. سنڌي ثقافت جون پاڙون ماضيءَ کان حال تائين همسفر آهن. اسانجي زراعت روايتي فن، دستڪاري، رسم و رواج ۽ سماجي زندگي انهيءَ ڪري اهم آهي، جو اسين پنهنجي ثقافت تي فخر ڪريون ٿا جيڪا 7 هزار سال پراڻي آهي. اسانجي ثقافت پاڻ سان گڏ اجرڪ جا رنگ ۽ دستڪارين جو حسن، شاعري ۽ موسيقي گڏ کڻي هلي ٿي. سنڌي قوم اهڙي ثقافت سان جيئري رهي آهي، جيڪا 7 هزار سال پراڻي آهي. 7 هزار سال پهرين به اها شهري زندگي سان لاڳاپيل رهي آهي. موهن جي دڙي جي شهر کان وٺي اڄ سنڌ جي شهرن تائين سنڌي ثقافت پنهنجي مختلف رنگن سان سينگاريل آهي ۽ سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو مختلف طريقن سان تعارف ٿيندو رهي ٿو، جنهن کي پرڏيهه ۾ انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ان ۾ يقينن انهن سنڌ واسين جو وڏو هٿ آهي، جيڪي پنهنجي ثقافت کي پنهنجن روين ۾ به کڻي دنيا جي آڏو رکن ٿا ته پنهنجي ثقافتي رنگن کي به دنيا آڏو متعارف ڪرائين ٿا. سنڌي ثقافت جو بنياد امن، محبت، مهمانوازي، ڀائيچاري ۽ هڪٻئي سان معاشرتي سهڪار تي بيٺل آهي، جنهن کي وقت سان گڏ ڌڪ به لڳندو آيو آهي، ڇو ته معاشري ۾ مختلف ماڻهن جي اچڻ سان تبديليون به اينديون رهنديون آهن ۽ ماڻهن جي روين ۾ اهي تبديليون نظر به اينديون آهن، ان جو اظهار ڪڏهن ڪڏهن اسان جي سماج ۾ مذهبي انتها پسنديءَ جي صورت ۾ به سامهون اچي ٿو، پر خوبصورت ڳالهه اها آهي ته هن ڌرتيءَ جو ماڻهو انهن انتها پسند روين جي خلاف گڏجي اٿي بيهي ٿو ۽ پنهنجي بنياد کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نئين نسل کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته انهن کي پنهنجن بنيادن کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ جي ثقافت ڪهڙن بنيادن تي بيٺل آهي. ثقافت صرف ويس وڳا پائڻ يا اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ جو نالو نه آهي بلڪه حقيقت ۾ ثقافت توهان جي قومي روين جو نالو هوندو آهي. جيڪڏهن اهي رويا ئي گم ٿي ٿا وڃن ته پوءِ ٻيا سڀ رنگ بي رنگ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن مان سڄو مزو نڪري وڃي ٿو.
ايڪتا ڏهاڙو به هڪ اهڙو ڏينهن آهي جنهن تي سڄي دنيا جا سنڌي گڏجي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي يڪجهتيءَ سان ملهائين ٿا ۽ اهو عهد ڪن ٿا ته اهي پنهنجي سنڌي ثقافت سان سدائين ڳنڍيل رهندا ۽ هر دور ۾ هر نئون نسل پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن ۽ ثقافت سان ڳنڍيندو ايندو. هن وقت سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان جيڪي پرڏيهه ۾ رهائش پذير آهن سنڌي ثقافت کي مختلف ملڪن ۾ سڃاڻپ ملي رهي آهي ۽ ماڻهو انهن کي موهن جي دڙي جي ثقافت سان ڳنڍي ڏسي رهيا آهن. پوءِ اهي آمريڪي هجن، يورپي هجن يا آفريڪي انهن کي ڏسي اسان کي خوشي ٿئي ٿي ته اسان سان گڏ اسانجو ثقافتي ڏهاڙو ملهائين ٿا. اسين اهو سمجهون ٿا ته اسان جي ثقافت جي رنگارنگي سان گڏ سنڌي قوم جو جيڪو روادار مزاج آهي، انهيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. 7 هزار سالن کان محبتون کڻي، رواداري کڻي جيئندڙ قوم بيشڪ پنهنجي ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تاريخ تي جيترو به فخر ڪري گهٽ آهي. نه صرف رواداري، پر سنڌي قوم جا پنهنجا الڳ قدر ۽ سڃاڻپ آهي، جنهن ان کي 7 هزار سالن کان زنده رکيو آهي. هن وقت سنڌي ثقافت جي انهن قدرن کي تمام گهڻا چئلينجز موجود آهن، پر زنده قومون اهڙن چئلينجز کي منهن ڏينديون آيون آهن ۽ اسان اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان به هڪ زنده قوم آهيون.
موجوده نفسانفسي جي دور ۾ جڏهن انتهاپسند قوتون زور آهن ۽ پنهنجي ايجنڊا تي قومن ۽ معاشرن کي هلائڻ چاهين ٿيون. تڏهن سنڌي ماڻهو انتهاپسندي کي رد ڪيو آهي. سنڌي قوم پنهنجي رواداري، پنهنجي تشخص ۽ پنهنجي امن پسند رويي ۽ انساني ڀائپي واري عظيم گڻ جي ڪري دنيا ۾ عزت پاتي آهي، جنهن ۾ ان جو ادب، شاعري ۽ موسيقي ثقافت جا اهم سرچشما آهن. اسان وٽ پنهنجي نج موسيقي آهي، پنهنجا ساز آهن، نج شاعري آهي، جنهن کي اسان جا فنڪار صدين کان پيش ڪري رهيا آهن. ايڪتا ڏهاڙو جيئن ته سنڌ جو ثقافتي ڏينهن آهي ۽ سال 2009 کان وٺي لاڳيتو ملهايو پيو وڃي. سنڌ جي صديون پراڻي شاهوڪار ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ان کي روايتي جوش و خروش سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ سڄي ملڪ جو عوام ۽ دنيا جا ماڻهو اسان جي ثقافت کي اسان سان گڏ ملهائيندا رهيا آهن. انهيءَ ڏينهن جي موقعي تي ماڻهو خاص لباس پائيندا آهن. اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي انهيءَ ايڪتا ڏينهن جو اهم حصو هوندو آهي. ايڪتا ڏينهن تي سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين، پريس ڪلبن کان وٺي ٻين سماجي مقامن تي هڪ ميلي جو سما هوندو آهي. انهيءَ ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي موسيقي جون محفلون، ڊرامو، ٿيٽر ۽ ادبي نشستون ٿينديون آهن. ثقافت جو فنون سان گهرو تعلق آهي. انهيءَ ڪري اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ايڪتا ڏهاڙو ثقافتي ڏينهن به آهي ۽ سنڌ جي ادب، فن ۽ موسيقي جي ترويج جو ڏينهن به آهي. هتي اسين سرمورٽيمر وهيلر جنهن جون خدمتون موهن جي دڙي جي تهذيب جي تلاش ۾ اهم رهيون آهن، انهيءَ پنهنجي ڪتاب وادي سنڌ ۽ ان کان اڳيان جي تهذيب ۾ لکيو آهي: “تهذيب پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ معنيٰ ۾ شهرن ۾ رهڻ جو فن آهي، ان تمام شرط سان گڏ جو سماجي عمارتن ۽ نظم و ضبط جي حوالي سان آهي” جڏهن اسان سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اسان انسان جي رهائش ۽ انهيءَ جي پيداواري ذريعن جي ڳالهه ڪريون ٿا. اسين 7 هزار سالن کان وٺي، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي جي رهيا آهيون ۽ زراعت اسان جو پيشو آهي ائين اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌو درياءَ اسانجي ثقافت آهي. هن وقت سنڌو درياءَ مٿان ڇهن ڪئنالن جي اڏڻ جو منصوبو سنڌ جي ثقافت کي ڊاهڻ جو منصوبو آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام پنهنجي پرامن جدوجهد سان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.