بلاگنئون

ڊسمبر مهينو ۽ شيخ اياز جي الوداعي

ڊسمبر سڄي سال جو الوداعي مهينو آهي، هن مهيني جي سرد راتين کي هر زي شعور ماڻهو معنيٰ خيز سمجهن ٿا، هونئن به اسان وٽ سيارو مهمانن وانگر هڪ يا ڏيڍ مهينو رهي ٿو ۽ باقي ساڍا ڏهه يا يارهن مهينا ڏاڍا ڏکيا گذرن ٿا. وڇڙڻ ۽ ملڻ فطري عمل آهي اهو سلسلو ڪائنات جي وجود کان وٺي اڃان تائين جاري آهي. ڇو ته خالق موسمن جي تبديليءَ ۾ هڪ راز رکيو آهي جنهن کي سڀ انسان سمجهن ۽ پرکن ٿا، پر ان مان فائدو نٿا وٺن. ڊسمبر سال جو آخري مهينو هوندو آهي جيئن خزان جي موسم وڻن لاءِ هوندي آهي، تيئن ڊسمبر مهينو سال جي يارهن مهينن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي، هنن الوداعي ڏينھن ۾ ڏک، درد لڪائي خوشيون ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ٿيندا آهن، پر انھن خوشين ۾ به غمن جا اهي ڳوڙها نڪري ايندا آهن، مطلب ته الوداع چوندڙ اسان مسافرن جو آخري ڀيرو ٿيندڙ شور گوڙ هر غمگين چهري کي مسڪرائڻ تي مجبور پيو ڪندو آهي ۽ ڊسمبر جي ڊگهين سرد راتين ۽ ننڍن ڏينهن کان دوري اختيار ڪري ڊسمبر جي معرفت سڄي سال کي اجتماعي طور الوداع ڪري نئين سال کي ڀاڪر پائي آجيان ڪندا آهيون، ڇو ته وئي پٺيان ڪوبه ويندو ناهي.

ڊسمبر جي وڇوڙي سدائين ڪيترائي گهاءَ ڏنا آهن جن ۾ ڪڏهن سرمد سنڌي جو سريلو راڳ وڇڙي ويو، ڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو جهڙي عظيم اڳواڻ کسي وئي ته ڪڏهن شيخ اياز جهڙي شاعر کان محروم ٿي وياسين. هڪ ڀيري هڪ تُرڪ عورت  شيخ اياز کي چيو ته توکي خبر آهي ته تُرڪي ٻوليءَ ۾ اياز “سرد هوا” کي سڏيو ويندو آهي، اُهو اياز اُن سرد هوا جي ٻيلهه موت جي ڪاري، مُشڪي گھوڙي مٿان سوار ٿي ساڳئي ڊسمبر جي مهيني ۾ الوداع چئي ويو، اُهو اياز جنهن کي زندگيءَ سان عشق هو ۽ جنهن پنهنجي پوئين دور واري شاعري ۾ موت جي موضوع تي ايترو ته لکيو جيترو هِن وقت تائين ڪنهن به شاعر نه لکيو آهي، جنهن کي معلوم هو ته هڪ ڏينهن هوا دروازو کولي هُن جي گھر ۾ پيهي ايندي ۽ هُن کي ڪمري ۾ ڳولهي مايوسيءَ مان موٽي ويندي. هُن جي ميز مٿان سَوَ ڪاغذ پکڙيل هوندا، پر هو ته نه هوندو، گيت اڌورا اڌورا هوندا، پر هو ته نه هوندو. ڊسمبر جي سخت سردين واري مهيني ۾ جڏهن شيخ اياز جي ورسي ملهائڻ جون تياريون ٿينديون ۽ ڪجهه اديبن پاران اياز ميلي جا اشتهار شايع ٿيندا ته ان وقت ڪنهن ڪنڊ ۾ اياز روحاني طور ضرور بيٺو هوندو ۽ سنڌ جي ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن مان آيل نوجوانن کي گهوري ڏسندو هوندو ته اهي عملي ميدان ۾ ڪيترو سرگرم آهن.

ڪتابن جي اسٽالن تي مردن توڙي عورتن جي رش ڏسي کانئن سوال ڪندو هوندو ته ڪتابن سان جهالت کي پري ڀڄائبو آهي ۽ بيداري کي ويجهو آڻڻو آهي، پر نوجوان نسل کي عمل جي ميدان ۾ پوئتي ڏسي خود اياز پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيندو هوندو. اُهو اياز جيڪو ڪڏهن پاڻ به اُنهن نوجوانن وانگر هڪ اُداس تبِ نوجوان هو جڏهن هو رات جو دير سان شڪارپور جي باغ ۾ سيتا ڦل جي وَڻ مٿان چاندني ڇاهيندي ڏسندو هو ۽ خاموشيءَ کي پنهنجي اندر ڳائيندو ٻڌندو هو، تڏهن هُن جي روح ۾ ستارن جي سِتار وڄڻ لڳندي هئي ۽ اُهو شاعر پنهنجي فني ارتقا جا مرحلا مڪمل ڪرڻ لڳندو هو جنهن کي قدرت عظيم ڏات سان نوازيو هو، اُها ڏات جيڪا هُن ذات ۾ ڪنهن ڪائنات وانگر پيدا ٿي پوءِ ڪائنات وانگر ڦهلجندي وئي، زندگيءَ جي ساز وڄائڻ واري اُن آرٽسٽ آخر ۾ موت جي موسيقيءَ جون لهرون اُڀاريون.

هونئن ته هر شاعر پنهنجي واٽ وٺي هليو آهي، پر اياز جو سفر تمام طويل هو، روماني گيتن کان وٺي رزميه نظمن تائين ۽ زندگيءَ جي پيچيده سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ وارن شاعرن کان وٺي صوفي صدائن تائين هر موضوع ۽ منظر کي منظوم ڪرڻ لاءِ هُن ۾ جيڪا تڙپ هئي تنهنجو مزاج ڪنهن جُوالا جهڙو هو، هو ٻيلي جي باهه وانگي نامعلوم ته ڪهڙي هنڌ کان ٻريو، پر هُن جي شاعري جا شعلا هر طرف رقص ڪندا هئا، ماڪ ڦڙن کان وٺي ٻرندڙ جبلن واري جوالا مُکيءَ تائين هُن جي شاعري هڪ چري وڄ وانگي هر پاسي وراڪا ورائيندي رهي، اُهو اياز جنهن جي شاعري هڪ چو مُکو ڏيئو به هئي ته هڪ اهڙي برسات به هئي جيڪا چئني پاسن کان وسندي آهي ڪڏهن اُتر، ڪڏهن ڏکڻ، ڪڏهن اوڀر، ڪڏهن اولهه، هُن جو ترنم گول گردش ڪندڙ ڪنهن طوفان وانگر هو، اُن ڪري هو ڪڏهن به ڪنهن نوجوان جي دِل ۾ داخل ٿيندو آهي تڏهن اُن نوجوان کي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته هو هڪ مڌر ڪَويءَ سان نه، پر ڪنهن شور مچائيندڙ طوفان سان آشنا ٿي ويو آهي، هر شاعر جي اندر ۾ ترنم واري تند وڄندي آهي، پر اڪثر شاعرن جي منظوم موسيقي مڌر سُرن واري هوندي آهي، پر اياز جي شاعري ۾ جيڪا موسيقي معجزن آهي ان جا سُر جبل تي ڀڙڪي پيل باهه جيان اُڀ طرف اوچا اُٿن ٿا، اياز جي اُٿڪ ڀلي ڪومل هجي، پر اُها ڏسندي ڏسندي تيور سُرن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، اُها انوکي ڏات جنهن جي تند تلوارن سان وڙهڻ ٿي لڳي سا مقابلي ۾ مس ٿي ايتري سگھاري بڻجي وڃي ٿي جو اُها بهاري بُرجن واري  ڪوٽ ۾ ڪڙڪا وجھڻ لڳي ٿي، ۽ قيد جو ڳريون ديوارون به ڪنبائڻ لڳن ٿيون. اُهو شاعر جيڪو پنهنجي واڪن واري ويڙهه جي باوجود ڪيلاش پهاڙ جي برف پوش چوٽين مٿان اُڀري آيل پوري چنڊ کي چاهه سان ڏسندو هو، اُن شاعر بادلن جي رٿ تي چڙهي اُنهيءَ مهيني آخري مسافري ڪئي جنهن مهيني آرٽسٽن جي الوداعي موسم کانسواءِ ٻيو ڪجھه به چئي نٿو سگھجي.