سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي صوبي جي عوام طرفان تمام گهڻا خدشا آهن، عوام اهو به الزام هڻي ٿو ته سنڌ جي پوليس بجاءِ عوام جي تحفظ ڪرڻ جي ڏوهارين سان ٻِٽ بڻجي سنڌ جي عوام کي عدم تحفظ جو شڪار بڻائي رهي آهي. ميڊيا ۾ هر روز اهڙي قسم جون اسٽوريز ڇپجي رهيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي.
سنڌ صوبي جي اعليٰ عدالت جڏهن واضح طور چيو ته سنڌ جي پوليس پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ايستائين جو فرض جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي ڪري صوبي ۾ امن امان جون حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن، پر پوليس بجاءِ امن امان بهتر ڪرڻ جي ۽ ڏوهارين کي قابو ڪرڻ جي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته انهن سان گڏ آهي. انهيءَ عدالتي بيان کي اڃان هڪ ڏينهن به نه گذريو ته 2024-12-20 تي وزيراعليٰ سنڌ انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس وٺندي خود ان ڳالهه جو اظهار پڻ ڪيو ته پوليس پنهنجو فرض صحيح نموني سان نه نڀائي رهي آهي. انهيءَ ڪري هن سنڌ پوليس جي رٽائرڊ آءِ جيز سان ميٽنگ ڪئي، کانئن مشورا ورتا ته ڪهڙي نموني سنڌ صوبي ۾ امن امان قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ پوليس جي ڪوتاهين کي قابو ۾ ڪيئن آڻجي. آءِ جيز جيڪي مشورا ڏنا ان جي خبر ته وزيراعليٰ سنڌ کي هوندي، پر جڏهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس جي شعبي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ پوليس کي هر قسم جون گهربل سهولتون ڏيئي چڪي آهي. هٿيار، گاڏيون، ڊيزل، بجيٽ، ٽريننگ. ان کانپوءِ به صوبي جي امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي ته پوءِ پوليس کي پنهنجي محڪمي اندر ڏسڻو پوندو ته اتي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪاريون رڍون ويٺل آهن، جن جي ڪري سنڌ پوليس تي ايترو خرچ ڪرڻ کانپوءِ به امن امان قائم نٿو ٿئي. وزيراعلي صاحب انتهائي سادو لڳي ٿو يا وري سمجهي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور نه آهي، سن جو عوام سندس ان بيان سان مطمئن ٿي ويندو. سنڌ پوليس جي اها حالت آهي ته پوري صوبي جا ٿاڻا وڪامجن ٿا. جڏهن ايس ايڇ او لکين رپيا منٿليون ڏئي ٿاڻي اندر ڪرسيءَ تي ويهندو ته ڇا هو ماهوار منٿلي ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪري ادا ڪرڻ جي قابل رهندو؟ ظاهر آهي ته ان کي جوا جا اڏا به هلائڻا پوندا، منشيات فروشن کي آزادي ڏيڻي پوندي، چور لٽيرا، ڌاڙيل، شهري ۽ ڪچي جون مافيائون سڀني کي کليل ڇوٽ ملندي تڏهن ته ايس ايڇ او کي منٿلي ملندي جيڪا هو بالا آفيسرن تائين پهچائيندو ۽ کيس ٿاڻو وٺي ڏيندڙ ايم پي اي ۽ منسٽر تائين پڻ پهچائي سگهندو. ڪجهه ڏينهن پهرين صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ درخشان ٿاڻي جي پوري اسٽاف کي ان الزام هيٺ بدلي ڪيو ويو هو، کين صرف ضلعي بدر ڪرڻ جي سزا ڏني وئي هئي. مطلب ڪراچي جي هڪ ضلعي مان پوري ٿاڻي کي بدلي ڪري ٻئي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو. هاڻي جتي سزا جو تصور نه هجي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي ايستائين جو ايس پي به سفارشن ۽ منٿلين تي مقرر ٿين ۽ اها خبر صوبي جي وزيراعليٰ کي نه پوي ته پوءِ اسان کيس سادو ته چونداسين! سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي ناڪاره آهي، پر ان ۾ وڏو سبب خود حڪومت ۾ ويٺل سياستدانن جو آهي. ٻهراڙيون هجن يا شهر جيستائين ڪو ايم پي اي صاحب فون نٿو ڪري ان وقت تائين ڪنهن مظلوم جو فرياد پوليس وٺڻ جي لاءِ تيار نٿي ٿئي، جوابدار کي ٻَڌڻ ته پري جي ڳالهه آهي.
هاڻي جيڪڏهن عدالت سڳوري جي ڪاوڙ تي سنڌ صوبي جي وزيراعليٰ کي خيال آيو آهي ته سنڌ صوبي جي پوليس کي بهتر بڻائجي ته کيس صرف هڪ ڪم ڪرڻو پوندو، پوليس ۾ سياستدانن جو عمل دخل بند ڪرڻو پوندو. پوليس آفيسرن کي ايمانداري ۽ ميرٽ جي بنياد تي ٿاڻا ۽ ضلعه ڏنا ويندا، انهن کان منٿليون نه ورتيون وينديو، پر انهن کي ذميوار بڻايو ويندو ته پوءِ امن امان جي بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي باقي بيانن سان نه پهرين امن امان ٿيو آهي نه ئي هاڻي ٿيندو.