بلاگنئون

ڪتاب “هڪڙو ماڻهو ڪافي آهي” جو اڀياس

سائين پروفيسر نور احمد جنجهي سنڌ جو اھو لکاري آھي جيڪو ادبي گروپ بندين کان دور پنھنجي سادگي سچائي سان پنھنجي استادي جي پروفيشن يا انتظامي عھدي سان گڏ پنھنجي ادبي ڪرت کي جاري رکيو پيو اچي. مون کي عجب ٿيندو آھي ته ھو ھڪ ئي وقت لطيف، ڪبير، اياز ۽ رومي تي ڪم ڪري ٿو وري ٿر جي ثقافت، ريتن، گيتن، جاگرافي، زمين ۽ ادب کان وٺي ڌرتي جي فطرت جيوت تي به ڪم ڪري ٿو. ھو سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي ۽ ھندي ٻولين تي وڏي مھارت ٿو رکي. ان کانسواءِ خاص ڪم پنھنجي والد مرحوم جي نالي سان جڙيل مرحوم غلام محمد جنجھي فائونڊيشن جي بينر ھيٺ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرامن ۾ نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندو آھي. ھن دور ۾ جڏھن ڪو نرگسيت جو شڪار اديب شاعر سياستدان يا عام لوڪ برٿ ڊي ٽرينڊ جي ڪري فوٽو سيشن يا پارٽي ٽرينڊ جو شڪار ٿئي ٿو اتي سائين نور احمد پنھنجي ھر جنم ڏڻ تي سنڌ کي ٻن ڪتابن جو تحفو ڏيندو آھي سندس اھو جنم ڏينھن جي سنڌ کي سوکڙي آھي جو ھو وٺڻ بدران سوکڙي ڏي ٿو.

مون کي سائين جو ڪتاب “ٿري لوڪ گيتن جو سماجي اڀياس” تي ڏاڍو پيار آيو ان ڪتاب ۾ سائين پنھنجي پوري عروج تي نظر آيو ھو، پر ڊسمبر جي مھيني جي آخر جڏھن سموري سنڌ ۾ اياز اياز ٿي رھيو آھي سنڌ پنھنجي ٻگھڻي ڪوي کي ساري رھي آھي ان وقت سائين نور احمد جو اياز شناسي تي ڪتاب “هڪڙو ماڻھو ڪافي آهي” مون جي ھٿن ۾ آهي.

اياز شناسي جي موضوع تي سنڌ ۾ ھن کان اڳ منھنجي استاد سائين عزيز قاسماڻي يا پروفيسر ساجد سومري لکيو اتي سائين نور احمد جنجهي جو ايازيات تي هي نائون ڪتاب آھي. شيخ اياز سنڌ جي نسلن تي اثر ڇڏيندڙ شاعر آھي، جنهن جي فڪر جا ڪيئي پاسا آھن جن تي تحقيق ۽ تنقيد جاري آھي شاعري روح جي وچان نڪري ٿي، بقول سائين نور احمد جي ته اياز جي شاعري ڪلاسيڪيت ۽ هلندڙ دور جي شاعري جي وچ ۾ پل وانگر آھي. اياز تي لکيل ھن نائين ڪتاب “ھڪڙو ماڻھو ڪافي آھي” جي ھر سال جيان ھن سال به جنوري 2025ع جي پھرين ڏينھن تي مک ڏيکائي سان پڌرو ٿيندو. ڪيڏو نه انوکو خيال آھي ته جتي دنيا ۾ نئين سال جي آجيان هوائي فائرنگ، شراب جي جامن ۽ پارٽين سان ڪئي ويندي آھي اتي ٿر جي ريگستان ۾ سال جي شروعات اياز شناسي سان ڪئي وڃي ٿي. اياز جو شعر آھي ته “هڪڙو ماڻهو ڪافي آهي جي هو سچ  چوي  ٿو” وانگر ڪتاب جو ٽائيٽل “هڪڙو ماڻهو ڪافي آهي” جي پرولاگ ۾ ليکڪ سائين نور احمد جنجهي اياز شناسي جي انهن شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪيو آهي. ٿر اهو ديس آهي، جنهن لاءِ اياز اهو چيو هو جيڪڏهن منهنجو جنم ٻئي دفعي ٿئي ته ٿر ۾ جنم وٺڻ جي خواهش ڪريان. ان ٿر سان محبت ڪندڙ اياز تي ٿر جي ٻگهڻي لکاري سائين نور احمد جنجهي جي هن ڪتاب جو پهريون مضمون عالمگريت ۽ اياز جي فڪر جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان پارا سياسي شاگرد ان بلا عالمگريت کي گهڻو پڙهڻ باوجود اياز جي اکين کان آڳاٽو پسي چڪاسين. ليکڪ ان جا نوان پاسا متعارف ڪرايا آهن شاهه لطيف جي “مٿي سنڌ سڪار” کان “عالم سڀ آباد ڪرين” جو آفاقي فڪر بعد اياز جو انساني آزادين بابت سگهاري پرسپيڪٽو جنهن سنڌ جي وڏي حصي تي اثر ڇڏيا. عالمي انساني برابري کان وٺي اڻ برابري خلاف مزاحمت اياز جي شروعاتي فڪر جي اساس هئي، پورهيت طبقن جي وڌندڙ دردن جي ڪٿا کانپوءِ ٻيو مضمون “ڇا تون پنهنجي پنڌ ۾” آهي جنهن ۾ ليکڪ اياز جي نظر سان وقت، پنڌ جي چوڏسائن تي اياز جي نظر ۾ جو ڇيد ڪري ٿو:

ڇا تون پنهنجي پنڌ ۾ آهين منهنجا ماڳ،

تون ئي پنهنجي واڳ تون ئي پنهنجي واٽ ۾.

اياز جي پرار تي ڪا پڪار آهي جي اسرارن جي رازن کي سمجهڻ لاءِ سائين جنجهي صاحب اياز جي انساني روين تي نظر، ڪائنات جي اکين ۾ طبعي يا حياتياتي چڪرن، ٿر لاڙ ۽ اتر جي تصوريت جي ڳالهين جو ذڪر ڪري ٿو. ٽئين مضمون “بک بري ديس جي” ۾ اياز جي ٿر جي بک، ڏک، پيڙائن ۽ دردن جي موضوع تي شاعري يا نثر تي نظر وڌي آهي. دنيا جي 733 ملين بکايل انسانن دنيا ۾ وڏو ٿيندڙ ٻارن مان پنجاهه سيڪڙو ٻارن جي موتن سان لاڳاپيل اهم مسئلي تي ليکڪ اياز جي نظرن سان نظر وڌي آهي.

ڪڻا ڪني ۾ ڏسي… ڪون ڪڇي،

لوليءَ منجھ لڇي ممتا ساري ماءُ جي.

منافعي خور سماج جنهن لاءِ لطيف “ڏڪاريل ڏيھ جا موذي سڀ مرن” جھڙي بددعا ڏني آهي. اياز جنهن بکايل ٻار جي گدري جي ڦار جهڙي چنڊ جي سڌ کان سڀ کان ڳرو جنڊ جيڪو هن پوري منڊ کي بلڪه منڊل کي جڪڙي بيٺو آهي. اياز جي احساساتي منظر ڪشي درد، بک، اڃ، غربت، موت، بيمارين سميت انساني نسل جي اهم مسئلي تي دنيا جي دردناڪ حالتن جو نقشو چٽيو آهي. ٽين دنيا جي سماجي حالتن تي ڪوي جي ڪوتا جي احساسن کي پرکيو آهي. چوٿين مضمون “آهي اڄ اداس” ۾ نراسين، مايوسين، پريشانين ۽ دردن جي ڪٿا آهي ان ۾ به مرڪزي موضوع ٿر اياز جي نظر ۾ آهي. اياز جي نظر سان ڏٺل ٿر تي ٿر جي عاشق اياز بک، غربت، اداس، نراس من جي ڪٿا تي سائين نور احمد جنجهي نهايت باريڪ بيني سان پرکيو آهي. “اگهاڙپ اوڇڻ جن” ۾ سرمد جي ڪردار کي موکيندي تخليق جي اک سان پنهنجي وقت جي باغي شهزادي دارا شڪوه جي انجام کي اياز جي شاعري کي آڏو رکي پيش ڪيو آهي. سرمد، منصور يا دارا جو سنڌي سماج تي تعلق جو هڪ سبب اياز به آهي. “مونس ماهتاب آهيان” جو مضمون مون جهڙن ادب جي شاگردن لاءِ نئون رخ ثابت ٿيو ڇو ته مون اهو پڙهيو هو ته اياز فارسي غزل جي گل و بلبل کي مڪمل رد ڪري غزل کي مڪمل سنڌي جو گيڙو ويس غزل بڻايو هو، پر سائين نور احمد اياز جي اردو فارسي اصطلاحن، ترڪيبن، استعارن سان سينگاريل غزلن جا مثال پيش ڪندي ان موضوع تي بحث جا رستا کوليا آهن. اصل ۾ ايازيات جو اصل روح اهوئي آهي ته اسين سنڌ جي نئين دور جي ساکي شاعر جي اک سان ڏٺل سنڌ کي سمجهڻ ۽ ان جي عڪس جي پويان لڪيل جاودان حقيقتن کي سمجهون.

وينگس ڦلڙي نڪ ۾ پايو لڏي ٿي

سانجهي ٻڏي ٿي تارا اڀريا اڀ ۾

انسان جيڪي سينگار لاءِ ڳھ ڳٽا ٽول پائڻ شروع ڪيا اهي هاڻ انساني ثقافت جو حصو بڻجي ويا آهن شيخ اياز جي ٿر جي ويس وڳن، ٽولن، ڪپڙن، ڪنجرن، گجن، وائلن چوٽلن، چونرن ٽونئرن، ٻانڏڻين کي ڪيئن ڏٺو؟ ان سوال جي ججاب ليکڪ “سانجهي وير امر” ۾ اياز جي نثر ۽ نظمن ۾ ويراواء جهڙي خوبصورت ڳوٺ کان شروع ڪري ۽ ٽونئرن ۽ چونئرن جي چوٽين تي دنگ ڪيو آهي۔ هن ڪتاب جو خوبصورت مضمون “ڪانڪھ تي چانڊوڪي” به آهي جهڙو دل کي لڀائيندڙ عنوان آهي سائين نور احمد جي نثر جي خاص خوبي سندس نج سنڌي بلڪه ٿري لفظن جو استعمال ۽ موضوع آهر محاورتي موتي ٽانڪڻ آهي. ٿر جي ماحول، پرسڪون راتين، اسوء جا اوهيرا، ڪانڪھ جي وڻ تي چانڊوڪي، ٿر جي ڀني رات، اڪ جي وڻ جي ڦلين جهڙي خوبصورتي کي سمويو آهي. اياز سامروٽي، ننگرپارڪر، ڪاسبي، راڻاسر جي ڳالھ ڪندي ڏاڍي ڀلي بات ڪئي آهي ته جن جي ترجيح ڪا درٻار هئي يا ڪو انعام هو ان  جتي ۾ پير پائڻ لاءِ پنهنجا پير وڍايا.

ڪارونجهر تي اوڙڪون اڄ به ساڳيا مينهن

هن مضمون ۾ ڪارونجهر اياز، ڏونگري جو ڳوٺ، هن مضمون ۾ فطرت جو ڳالهيون آهن سر سهڻي ۾ سهڻي جي ڪردار کي لطيف جي پنهنجي اک آهي ته اياز ان کي ڪيئن ڏٺو آهي ان تي “جن جي ساهڙ ساهه ۾” نياري انداز ۾ ڏٺو آهي، ڪتاب جو آخري مضمون “هڪڙو ماڻهو ڪافي آهي” ۾ انساني تخليق کان خامين، ناڪامين، ناڪامين سچ جي واٽ ۾ ايندڙ مشڪلاتن تي اياز جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مجموعي طور تي اياز شناسي جي موضوع تي هڪ سجايو واڌارو آهي.