بلاگنئون

شام جي موجوده صورتحال

شام وچ اوڀر ۾ هڪ اهم ملڪ آهي جيڪو صدين کان تاريخي مذهبي ۽ سياسي اهميت رکندڙ رهيو آهي، پر 2011 ۾ عرب اسپرنگ کانپوءِ شام ۾ شروع ٿيل گهرو ويڙهه ان ملڪ کي شديد تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.

شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي ۽ دمشق تي هيئت تحرير الشام(HTS)  جي قبضي سان خطي جي صورتحال ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. اسرائيل جي حڪمت عملي ان تبديلي کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ تي مرڪوز آهي، خاص طور تي گولان جي چوٽين تي پنهنجي عسڪري ۽ سياسي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

شام جي اندروني بحران سان گڏوگڏ اسرائيل ۽ شام جي وچ ۾ جاري تڪرار پڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود آهي. ان تڪرار جو اهم مرڪز “گولان جون چوٽيون” آهن جيڪي اسرائيل 1967 جي ڇهه ڏينهن واري جنگ ۾ شام کان قبضي ۾ ورتيون ۽ پوءِ 1981 ۾ انهن کي غير قانوني طور تي پنهنجو حصو قرار ڏنو.

گولان جون چوٽيون هڪ اهم جابلو علائقو آهن، جيڪي شام جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع آهن. انهن جي سامهون اسرائيل، لبنان ۽ اردن موجود آهن هن علائقي جي حڪمت عملي اهميت سبب ان تي ڪيتريون ئي جنگيون ٿي چڪيون آهن.

1967 جي ڇهه ڏينهن واري جنگ: اسرائيل، شام، مصر ۽ اردن خلاف جنگ کٽي گولان جون چوٽيون غزه مغربي ڪنارو ۽ مشرقي يروشلم تي قبضو ڪري ورتو.

1973 جي جنگ: شام پنهنجي زمين واپس وٺڻ لاءِ جنگ شروع ڪئي، پر ناڪامي ٿي.

1981 ۾ اسرائيلي فيصلو: اسرائيل اقوام متحده جي مخالفت باوجود گولان کي پنهنجو حصو قرار ڏنو جيڪو عالمي قانون تحت غير قانوني آهي.

گولان جي اهميت: گولان جون چوٽيون اسرائيل ۽ شام لاءِ ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهن.

حفاظتي نقطئه نظر: گولان جون چوٽيون جابلو علائقو هجڻ سبب فوجي دفاع لاءِ اهم آهن.

 پاڻي جا وسيلا: هن علائقي مان اردن ندي ۽ تل ابيب کي پاڻي فراهم ٿيندو آهي.

زراعت ۽ سياحت: ان علائقي ۾ زرخيز زمين آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هي علائقو سياحتي اهميت پڻ رکي ٿو.

اسرائيل ۽ گولان جي چوٽين جي موجوده صورتحال:

اسرائيل هن وقت گولان جون چوٽيون فوجي بنيادن تي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ڪيترائي اهم مسئلا هيٺ ڏجن ٿا:

گولان ۾ اسرائيلي آبادڪاري: اسرائيل گولان ۾ يهودي آباديون وڌائي رهيو آهي، جيڪي عالمي قانون تحت غير قانوني آهن.

فوجي طاقت جو استعمال: اسرائيل هن علائقي ۾ فوجي موجودگي وڌائي ڇڏي آهي، جنهن سان شام جي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا.

ايران جي موجودگي: ايران، جيڪو شام ۾ بشار الاسد جي مدد ڪري رهيو هو، گولان جي ويجهو پنهنجا اڏا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن سبب اسرائيل لاءِ سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن.

اسرائيل جا مقصد:

بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اسرائيل گولان هائيٽس تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا. اسرائيل شامي حڪومت جي طاقت جي خلا جو فائدو وٺندي، فوجي موجودگي ۾ اضافو ڪيو ۽ علائقي کي “بند فوجي زون” قرار ڏنو ۽ هاڻي اسد جي حڪومت ٿيڻ کانپوءِ اتي فوجي قبضو ڪري ڇڏيو.

اسرائيل جو گولان هائيٽس تي قبضو ۽ ان کي بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کي گريٽر اسرائيل جي نظريي سان ڳنڍي ڏسي سگهجي ٿو. هن نظريي جو مقصد اسرائيل جي سرحدن کي وسيع ڪرڻ ۽ خاص طور تي اهم اسٽرٽيجڪ علائقن تي مستقل ڪنٽرول قائم ڪرڻ آهي.

گولان جون چوٽيون شام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هڪ اهم فوجي ۽ واٽر ريسورس علائقو آهن، جيڪو اسرائيل لاءِ حفاظتي حصار ۽ مستقبل جي واڌ ويجھ لاءِ اهميت رکي ٿو. اسرائيل هن وقت شامي افراتفري مان فائدو وٺي ان کي پنهنجن سياسي ۽ عسڪري مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

گريٽر اسرائيل جو تصور:

گريٽر اسرائيل(Eretz Yisrael Hashlema)  جو نظريو بنيادي طور تي صيهوني نظريي سان جُڙيل آهي. ان جو مقصد اسرائيل جي سرحدن کي “نيل کان فرات تائين” وڌائڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عرب ملڪ، خاص طور تي فلسطين، لبنان، شام، اردن ۽ عراق جا حصا شامل آهن.

گريٽر اسرائيل ۽ شام جي اهميت:

گولان جون چوٽيون: گولان جا وسيلا ۽ فوجي اهميت اسرائيل لاءِ اهم آهي. ان تي قبضو “گريٽر اسرائيل” جي نظريي جو حصو لڳي ٿو.

شام جي ڪمزوري:

گهرو ويڙهه ۽ ورهاست سان شام جي قومي خود مختياري کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، جنهن جو فائدو اسرائيل وٺي سگهي ٿو.

توسيع پسندي جو منصوبو:

اسرائيل لاءِ شام جي اوڀر واري حصي ۾ بيهي رهڻ ۽ ڪردن کي سپورٽ ڪرڻ، هڪ ڊگهي رٿا جو حصو آهي، جيڪا ان کي علاقائي برتري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. آمريڪا جي حمايت سان اسرائيل شام ۾ پنهنجن مفادن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي گولان تي آمريڪا جو اسرائيل جي قبضي کي تسليم ڪرڻ ان جو واضح ثبوت آهي شام ۾ روس ۽ ايران جي مداخلت اسرائيل لاءِ هڪ چئلينج آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو علاقائي تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو.

شام جي مستقبل ۾ تقسيم جا امڪان وڌي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف شام پر سڄي خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو. اسرائيل جي “گريٽر اسرائيل” واري نظريي ۽ گولان تي قبضي سبب خطي ۾ طاقت جو توازن بگڙي رهيو آهي. جيڪڏهن عالمي برادري ۽ اسلامي دنيا هن صورتحال تي خاموش رهي، ته شام جو مستقبل وڌيڪ غير يقيني ٿي ويندو.

شام جو مستقبل هاڻي انتهائي پيچيده نظر اچي ٿو، جتي طاقت جو خال ۽ علاقائي مفادن جا ٽڪراءَ نون بحرانن کي جنم ڏئي سگهن ٿا. بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ، شام جي تقسيم جو امڪان وڌي ويو آهي، خاص طور تي:

  1. گولان هائيٽس تي اسرائيلي قبضو مستحڪم ٿيندو.

  2. هيئت تحرير الشام(HTS) جهڙا گروپ اقتدار لاءِ ويڙهاند ڪندا.

  3. ايران ۽ روس جي اثر ۾ گهٽتائي سان آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا مفاد وڌيڪ محفوظ بڻائيندا.

شام کي شايد ڊگهي گهرو ويڙهه ۽ عالمي تقسيم کي منهن ڏيڻو پوندو مشرقي وسطيٰ ۾ امن ۽ استحڪام ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن عالمي قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ۽ توسيع پسنديءَ جي منصوبن کي ناڪام بڻايو وڃي.

***