نئين سال 2025 ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٽماهي قسط جي رقم 10500 مان وڌائي 13500 رپيا ڪئي وئي آهي. مستحق ماڻهن لاءِ اهو پروگرام بهتر ٿي رهيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٽن هزار رپين جي رقم هر ٽن مهينن لاءِ وڌائي وئي آهي. اهو سپورٽ پروگرام ماڻهن جي مالي مدد لاءِ ئي رٿيو ۽ عمل ۾ آندو ويو آهي. گهٽ آمدني وارن ماڻهن تائين سڄي ملڪ ۾ اهو امدادي پروگرام ضروري آهي. دنيا جا گهڻو ڪري ملڪ پنهنجي ماڻهن جي مالي مدد لاءِ رستا ڳولهيندا رهندا آهن. پوءِ اهي يورپي جمهوريتون هجن يا اسانجو پاڙيسري ملڪ جتي به وڏي پئماني تي آمدني ۽ امداد جا پروگرام هلندڙ آهن.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(BISP) پاڪستان ۾ غربت جي گهٽتائي لاءِ وفاق طرفان رقم جي بنا شرطن جي منتقلي جو پروگرام آهي. جولاءِ 2008 ۾ شروع ٿيل اهو پروگرام لاڳيتو جاري آهي.BISP ملڪ جو سڀني کان وڏو ۽ سماجي تحفظ جو پروگرام آهي. غربت جي ڪري پاڪستاني خاندانن جي گهڻائي جي خريداري جي قوت متاثر ٿي هئي. خوراڪ ۽ تيل جون قيمتون وڌي ويون هيون. تڏهن وفاقي سرڪار 2008 ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بنياد وڌو ته جيئن غريب گهراڻن جي سڌي مدد ڪئي وڃي. ان پروگرام جي خاص ڳالهه اها به آهي ته اهو گهر جي ڪنهن نه ڪنهن عورت کي سڌو سنئون نقد رقم جي منتقلي پيش ڪري عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهو پروگرام ملڪ جي چئني صوبن پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهيءَ سان گڏ اهو پروگرام آزاد ڪشمير ۽ وفاق جي زير انتظام علائقن ۽ گادي واري شهر اسلام آباد لاءِ به ڪم ڪري ٿو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪيترائي خصوصي قدم کنيا ويا آهن ۽ پروگرام کي عام ماڻهوءَ لاءِ وسيع ڪيو ويو آهي. وسيله حق پروگرام ۾ ننڍا قرض ڏئي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو پروگرام به گڏوگڏ هلي ٿو. تربيتي پروگرام به انهيءَ سان لاڳاپيل آهي، جيڪو هنري تربيت ڏئي ٿو.BISP ۾ صحت متعلق پروگرام ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ به پروگرام شامل ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بنيادي مقصد ماڻهن کي غربت جي لڪير مان مٿي کڻي اچڻ آهي. ڪنهن به طرح غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جي مالي مدد هڪ احسن قدم آهي. سموري دنيا جي ملڪن ۾ اها ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيئن ته غريب آهن. تڏهن ملڪ جي وفاقي بجيٽ مان انهن جي مدد ساراهه جوڳي آهي. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مالي سال 25-2024 لاءِ بجيٽ 598.71 ارب رپيا آهي ۽ روان مالي سال انهيءَ ۾ 27 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. بجيٽ جي واڌ جي ڪري انهيءَ پروگرام ۾ في خاندان 3000 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي. هن پروگرام مان 93 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. جن کي سماجي ۽ مالي مدد ملي رهي آهي ۽ جنوبي ايشيا ۾ جيڪي غريب ماڻهو جي مدد جا پروگرام آهن، انهن ۾ به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ وڏو پروگرام شمار ٿئي ٿو. هتي اسين اها گذارش ڪندا هلون ته موجود پروگرام ۾ تعليم ۽ هنري تربيت کي اوليت ڏني وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيئن ته غير مشروط مدد جو عمل آهي. اهو جاري رهڻ گهرجي، پر انهيءَ سان گڏ اسين وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي عام ماڻهوءَ جي ڀلائي وارن پروگرامن ۾ نوجوانن کي هنري تربيت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪمپيوٽر پروگرامن ۾ اوليت ڏني وڃي ته جيئن اسان جا نوجوان ملڪ لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن.
نئين سال ۾ جيئن ته ٽماهي قسط جي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته موجود سال 2025 کان BISP پروگرام هنرمندن لاءِ به وقف ڪري رهيا آهيون. چيئرپرسنBISP چيو آهي ته بينظير هنرمند پروگرام ذريعي مستحق گهراڻن کي هنر سيکاريو ويندو. اهو قدم تحسين لائق آهي. جيئن اسين پنهنجي سماج جي پوئتي پيل حصن ۾ علم ۽ هنر جي روشني آڻيون ته جيئن اسانجي ملڪ ۾ ترقيءَ جو عمل تيز ٿي سگهي.