دنيا اندر ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن وٽ قدرتي وسيلن جي کوٽ هجڻ جي باوجود تمام گهڻي ترقي آهي ۽ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جيڪي قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به تنزلي جو شڪار آهن. غربت، تنگدستي انهن ملڪن جي قسمت بڻجي چڪي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب گڊگورننس ۽ بيڊ گورننس آهي. جن ملڪن ۾ سٺي حڪمراني آهي انهن ملڪن پنهنجي محدود قدرتي وسيلن کي اهڙيءَ طرح استعمال ڪيو آهي ته انهن ملڪن جو عوام ترقي جي رستي تي تيزيءَ سان سفر ڪري سگهي ۽ جتي خراب حڪمراني آهي ان ملڪ جو عوام قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ هجڻ جي باوجود ترقي کان ڪوهين ڏور آهي. پاڪستان ملڪ سان به اسان جي حڪمرانن خراب حڪمراني ذريعي اهڙي ويڌن ڪئي آهي جو هن وقت پاڪستان جو عوام40 سيڪڙو کان وڌيڪ غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيو آهي.
هن وقت وفاقي سرڪار “اڏام پاڪستان” جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي، جيڪو 5 سالا، 10 سالا ۽ 22 سالا پروگرام آهي. يعني موجوده سرڪار چاهي ٿي ته ملڪ جڏهن 2047ع ۾ آزاديءَ جي سئو سالا تقريب ملهائي رهيو هوندو ان وقت پاڪستان ترقي يافته شاهوڪار ملڪن جي صف ۾ شامل هوندو. ان سان گڏ هن سرڪار ٿوري عرصي وارو يعني 5 سالا ۽ وچ واري عرصي وارو يعني 10 سالا منصوبو 5-ايز (Es) جي نالي سان شروع ڪيو آهي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي وفاقي وزير احسن اقبال نجي ٽي. وي چينل سان ڳالهيون ڪندي ان منصوبي جي افاديت ۽ ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوششن جي ڳالهه ڪئي آهي. ان سان گڏ حقيقت کي بيان ڪندي ماضيءَ جي حڪومتن جي غلطين کي پڻ مڃيو آهي. يقينن انهن حڪومتن ۾ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي جون سرڪارون به ملڪ تي حڪمراني ڪنديون رهيون آهن. جڏهن اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن، ملڪ جي عوام جي صحت جو حال اهو آهي ته پوري دنيا ۾ هيپاٽائيٽس- سي جهڙو موذي مرض اسان وٽ وڌيڪ آهي، جنهن جو مکيه سبب صرف گندي پاڻي جو واپرائڻ آهي. وفاقي وزير سمجهي ٿو ته جديد تعليم کان وانجهيل نوجوان ۽ غير صحتمند عوام ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو ڪيئن وٺي سگهندو. ان کانسواءِ جيڪو دٻاءُ شرح آبادي جي وڌڻ جو آهي اهو پڻ اسان جي ملڪ لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. انهن سڀني شين تي وفاقي سرڪار جو ڌيان آهي، ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته وفاقي سرڪار سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ جي وسيلن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي ملڪ جي ترقي تيزيءَ سان ڪري سگهجي. جنهن ۾ زراعت کاتو ۽ ان ۾ ٿيندڙ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سان گڏ گهٽ پاڻي استعمال ڪري وڌيڪ پيداوار وارا فصل تيار ڪري ملڪ کي اناج ۾ خود ڪفيل بڻائجي ۽ چڱو خاصو حصو ايڪسپورٽ ڪجي. جهڙي ريت چائنا زراعت ۾ دنيا کي پوئتي ڇڏي تيزي سان اڳتي وڌندو رهيو آهي. اناج هجي، فروٽ هجي، ڀاڄيون هجن انهن سڀني شين جي پيداوار ۾ جهڙي نموني چائنا جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پنهنجي صحرا کي سرسبز بڻائي ڇڏيو آهي ۽ گهٽ پاڻي استعمال ڪندي اسان جي في ايڪڙ پيداوار کان پنجوڻي پيداوار حاصل ڪري رهيو آهي. اهوئي پاڪستان جي سرڪار پڻ چاهي ٿي جنهن جي ڪري ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جا هڪ هزار نوجوان زرعي يونيورسٽين جا گريجوئيٽ چائنا موڪليا ويندا جيئن هو اتان جي زراعت مان سکيا حاصل ڪري سگهن ۽ واپس اچي پنهنجي ملڪ جي زراعت ۾ انقلاب آڻي سگهن.
احسن اقبال اهو به اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان جي ڪجهه حصن ۾ ته ترقي ٺيڪ ٿي رهي آهي، پر مختلف سببن جي ڪري ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه جا ڪيترائي علائقا ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون اها ترقي حاصل نه ڪري سگهيون آهن جيڪي پنجاب جو هڪ حصو هن وقت به حاصل ڪري رهيو آهي. سندس اهو اعتراف پوري ملڪ جي ترقي طرف سنجيدگيءَ جو اظهار آهي. صرف وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. انهي سان گڏ صوبائي سرڪار پڻ اڄ جي دور جي ضرورتن مطابق پنهنجي صوبن اندر تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪن، يونيورسٽين ۾ اهڙو نصاب متعارف ڪرايو وڃي جيڪو پڙهي نوجوان شاگرد ماهر ۽ اهل ٿي سگهن. سنڌ سرڪار کي پڻ انهيءَ طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته چائنا ويندڙ هڪ هزار نوجوان ملڪ جي صرف هڪ حصي مان وڃن ۽ پوءِ صرف مطالبا ۽ شڪايتون ٿينديون رهن، وقت سر ويندڙ نوجوانن ۾ سنڌ جي نوجوانن جو پڻ حصو هجڻ ضروري آهي ته جيئن اهي پڻ جديد سکيا حاصل ڪري سنڌ جي زراعت ۾ انقلاب آڻي سگهن. وقت اچي ويو آهي، جيڪڏهن ملڪ کي ترقي وٺرائڻي آهي ته هر ڪنهن کي ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو.