نئون

وفاقي ملازمن کي 3 مهينن جون اضافي پگهارون ڏيڻ جي منظوري

وزيراعظم پاران ملڪ جي سڀني وفاقي ملازمن کي ٽن مهينن جون اضافي پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن قسم جو بونس پهرين صرف وزارت خزانا، وزيراعظم آفيس ۽ ڪجهه ٻين وزارتن جي ملازمن کي ئي ڏنو ويندو هو. خبرن موجب وزيراعظم هن بونس جي منظوري به ڏيئي ڇڏي آهي. وزيراعظم هن خواهش جو به اظهار ڪيو آهي ته آئندا هر حڪومت به هن قسم جو بونس ڏيندي. واضح رهي ته صرف وفاقي ملازمن جي لاءِ هن اضافي سبب قومي خزاني تي تقريبن 25 کان 30 ارب رپين جو بار پوندو.