دريا خان شنباڻي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ معتبر نالو آهي، انتهائي ڏانءُ ۽ ڏات وارو ڪهاڻيڪار جنهن کي پڙهجي ۽ پڏائجي. ڪهاڻين جي مجموعي ”منهنجي صاحب جي ڌيءَ“۾ شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون ست رنگي آهن، ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو ته ڪنهن انڊلٺي رنگن کي پَسي ورتو هجي ۽ ڪهاڻين جي امتزاجن مان محظوظ ٿو ٿجي. شنباڻي صاحب جي ڪهاڻين ۾ يڪساينت ناهي، اها دعويٰ آءُ مهڙ ۾ ئي ڪيان ته هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو قد ڪاٺ نسيم کرل سان ڀيٽجي، امر جليل سان وڃي ملائجي، جمال ابڙو جي ڪهاڻين سان مقابلا ڪرائجن، يا کڻي منٽوءَ سان ڀيٽجي، پر ائين نٿو چئي سگهجي ڇو ته شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون جديد ڪهاڻين جا نياپا کڻي ٿيون اچن ۽ هڪ انفراديت واريون ڪهاڻيون آهن. اها دعويٰ به غلط هوندي ته رسول ميمڻ جي ”ڪُتا“ ناول پڙهڻ کانپوءِ هن ”ڪُتا“ ڪهاڻي لکي هوندي يا منٽو جي ”ڪالي شلوار“ پڙهڻ کانپوءِ هن ”ماني“ ڪهاڻي سرجي هوندي، يا نورالهديٰ شاھ جي ”پاروٿو گوشت“ جي پڙهڻ کانپوءِ هن جون ڪهاڻيون هليون هونديون يا اها راءِ آهي ته هڪ رائيٽر جي من ۾ ڇا ايندو هوندو، جڏهن هو اهي سڀ رائيٽر پڙهندو هوندو، تڏهن ان جي من ۾ به ڪجھ اڀري ايندو هوندو ۽ هو انهن ڪهاڻين کان متاثر ٿي پاڻ به ڪا ڪهاڻي لکي وٺندو هوندو (جيڪو قدرتي لقاءُ آهي). عام طور تي ڪهاڻيڪار اها ڪوشش ڪندو آهي ته هوExternal Forces کان متاثر ٿي لکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو به آهي ته هو Intrinsic Values جو زور تي لکي وٺندو هوندو يا گاڏڙ ساڏڙ.