نئون

اس ۽ برسات کان بچائيندڙ ڊرون  ڇتري

جاپان جي سائنسدانن پاران اهڙي ڇتري تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي هٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت نه آهي پر اها توهان جي مٿان اڏامندي رهندي. هن ڇتري جو نالو فري پيرا سول رکيو ويو آهي. هن ڇتري کي اس ۽ برسات ٻنهي موسمن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هيءَ ڇتري آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪئمرا ذريعي ڪم ڪري معلوم ڪري سگهي ٿي ته ان کي ڪنهن جڳهه تي اڏام ڪرڻي آهي. جاپان جي ڪمپني آساهي پاران تيار ڪيل هيءَ ڇتري هينڊس فري آهي مطلب ته هن جي اڏامڻ مهل هن جو استعمال ڪندڙ آساني سان سامان کڻي وڃي سگهي ٿو. ان کي گهر پهچڻ تائين هن ڇتري کي هٿ لاهڻ جي ضرورت ئي نه پوندي في الحال هن ڇتري جو وزن 8 ڪلو گرام آهي ۽ ان جي اڏام جو وقت 20 منٽ آهي. جڏهن ته هن جي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن جي وزن کي گهٽائي ۽ ان جي اڏام جو وقت وڌايو ويندو. هن جي وڌيڪ وزن ڪارڻ تيز هوا ۽ تيز برسات ۾ به اها پنهنجي جڳهه تي قائم رهندي. هيءَ ڇتري 2019 ۾ مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن جي قيمت 28 هزار رپيا رکي ويندي.