نئون

عوامي تحريڪ جو باني رسول بخش پليجو 88 سالن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو

سينئر سياسي اڳواڻ، ليکڪ ۽ عوامي تحريڪ جو باني رسول بخش پليجو ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو. عوامي تحريڪ جي ترجمان مطابق رسول بخش پليجو گهڻي عرصي کان ساهه، دل ۽ سيني جي تڪليف ۾ مبتلا هو، جنهن جي علاج لاءِ هو ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل هو. ترجمان موجب سندس مڙهه کي اباڻي علائقي جنگشاهي ۾ دفنايو ويندو. رسول بخش پليجو 21 فيبروري 1930ع تي ٺٽي جي منگر خان پليجو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پنهنجي شروعاتي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي جي سنڌ مدرسته الاسلام ۽ سنڌ لا ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت سان به خدمتون سرانجام ڏنيون. رسول بخش پليجو جي سڃاڻپ صرف هڪ سياستدان جي نه هئي پر هو پاڪستان جو هڪ وڏو دانشور، فلسفي، اديب، وڪيل ۽ محقق به هو. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ 26 ڪتاب به لکيا آهن. رسول بخش پليجو 1970ع ۾ عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو هو. هن ون يونٽ جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ پهريون دفعو سنڌياڻي تحريڪ ذريعي عورتن کي به متحرڪ ڪيو.