هن ڌرتيءَ جي گولي تي جيڪو ڄائو آهي، سو وڇڙي به ويندو، پر ڪي وڇوڙا جيءُ جهوري وجهندا آهن. 15 مارچ 2025ع تي ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو يارهن لڳي ڏهه منٽن تي هڪ عظيم انسان جو وڇڙڻ ڪنهن به وڏي صدمي کان گهٽ نه هو. سائين حاجي عبدالله خان “شاد” جلباڻي ڇا ته ادب ۽ اخلاق وارو شخص هو، جنهن جي ادب، اخلاق، ماڻهپي ۽ انسان شناسائي جا ڪيترائي مثال آهن. پاڻ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن جي خوبين کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. ماڻهو ته روز ڄمن ۽ مرن ٿا، اها ڪا وڏي ڳالھ نه آهي. فطرت جو اصول آهي اهو سلسلو آهي پيو هلندو ۽ هر ڪنهن کي هيءُ جهان ڇڏڻو آهي. ڪي شخصيتون دنيا مان هليُون به وڃن، پر انهن کي وسارڻ ڏکيو آهي، جيڪي انسان هن جهان ۾ جيئري رهڻ دوران پاڻ جهڙن انسانن جو قدر ڪن ۽ انهن جا ڏک، سُک ۽ تڪليفون محسوس ڪن تن جي وجود سان هيءَ ڌرتي گُل و گلزار لڳي ٿي. سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻيءَ جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، هُو هر لحاظ کان سٺو انسان هو. سندس اوچتي وفات سندس سڄڻن جا جيءُ جهوري وڌا آهن. سندس وڇوڙي سان سندس نياڻيون، پٽ، مٽ مائٽ سڏڪا ڀري رنا آهن، پر هو دوستن کي به روئاڙي ويو آهي. قدرت جي فيصلي کي ڀلا ڪير ٿو چئلينج ڪري سگهي، بس هر ڪنهن کي اُن جي رضا تي راضي رهڻو آهي. جيستائين حياتي آهي، تيستائين سندس يادون ۽ ڳالهيُون پيون پچاربيون. سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻي وفات کان ڏھ ٻارهن ڏينهن اڳ ۾ فون ڪري چيو هو. “بابا مِيڏَي يارهين ڪتاب دِي مهورت تون محرابپور چهَ ڪَرَواوِين” مون کيس چيو حاضر سائين! ڪجھ ڪم ڪار هِن واندَي ٿِي ڪرويسون مهورت. ڪهڙي خبر ته، انسان پنهنجي دل جون خواهشون ۽ خوشيون اڌ ۾ ڇڏي ويندو. بهرحال دل جي حضور سان ڌڻي در دعاڳو آهيان ته الله پاڪ، سائين حاجي عبدالله خان “شاد” صاحب جا جنت الفردوس ۾ درجا بلند فرمائي. سائين “شاد” صاحب سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، هاريُن، غريبن، فقيرن توڙي اميرن سان برابر جو احترام ڪندڙ هو. خاص طور پنهنجي مادري زبان سرائيڪي هوندي به، سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ هو. جڏهن به وٽس وڃبو هو ته سنڌي ڏکين لفظن جون معنائون، جملن تي بحث، شعرن جي بحر وزنن جون گهڻيون ڳالهيُون ذڪر هيٺ آڻيندو هو: انهيءَ جو اظهار سندس هيٺين شعر مان محسوس ڪري سگهجي ٿو: