ڪامله شمسي برطانيه جو Prestigious Women’s Prize 2018 کٽي ورتو
برطانوي- پاڪستاني ليکڪا ڪامله شمسي کي برطانيه سندس ستين ناول “Home Fire” تي پرسٽيجيس وومينز پرائز فار فڪشن 2018 ڏنو آهي. اهو ايوارڊ هر سال ڪنهن به هڪ خاتون ليکڪا جي لکيل بهترين ڪتاب کي ڏنو ويندو آهي. ڪامله کي هن کان اڳ ٻه ڀيرا سندس لکيل ڪتابن تي نامينيٽ ڪيو ويو هو پر هن ڀيري کيس ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي. Home Fire جي ڪهاڻي لنڊن جي رهاڪو ڇوڪري انيڪا جي آهي جيڪا هڪ برطانوي مسلم سياستدان جي پٽ جي عشق ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي. ان رشتي مان هوءَ اميد ٿي ڪري ته هوءَ سندس وڃايل ڀاءُ کي ڳولي لهندي جيڪو مذهبي انتها پسندن جي ور چڙهيل آهي. ايوارڊ پينل جي ميمبر ساره سينڊس ڪامله جي ناول جو اعلان ڪندي چيو ته هيءُ ناول اڄ جي دور جي ڪهاڻي آهي. اها شناخت، وفادارين جي تضاد، پيار ۽ سياست جي ڪهاڻي آهي. ساره هن ڪتاب کي تمام اهم ۽ غير معمولي ڄاڻايو.


