ڇهن ڪئنالن جو معاملو سنڌ جي لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو بڻيل آهي، جنهن جو احساس سنڌ جي سياسي ڌرين سان گڏ سنڌ جي سول سوسائٽي، دانشور طبقي، نوجوان طبقي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پروفيشنل ماڻهن جيئن ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ وڪيلن کي به آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جا وڪيل هن وقت ٻٻرلوءِ جي ڀرسان ڌرڻو هڻي باءِ پاس کي بند ڪري ويٺا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ کان ويندڙ گڊز ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل آهي، جنهن جو اثر يقينن هن وقت پنجاب جي مارڪيٽ تي پيو آهي ۽ ان ڳالهه جا اطلاع ملي رهيا آهن ته اتي هن وقت کاڌي پيتي جون شيون جيڪي سنڌ کان وڃن ٿيون انهن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، جنهن ۾ ڀاڄيون، ڦل فروٽ، ڊيزل ۽ پيٽرول جي به هن وقت سڄي پنجاب ۾ کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.
پاڻيءَ جو مسئلو صرف سنڌ جي لاءِ نه پر ڪنهن به خطي ۾ رهندڙ انساني آباديءَ جي لاءِ يقينن ايترو ئي سنجيده ٿي سگهي ٿو جيترو هن وقت سنڌ جي لاءِ ثابت ٿيو آهي. سنڌو ندي جيڪو ڪنهن وقت ۾ هڪ ڦوهه جوان وانگر ڏاڍي موج ۽ مستي ۽ گجگوڙ سان ڪيلاش جي جبلن کان وهندي ڪهندي اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، مٿان کان ڪيتري زرخيز مٽي ۽ واري کڻي پاڻ سان گڏ هيٺ لهندو هو جيڪا سنڌ جي سر زمين کي زرخيزي عطا ڪندي هئي، اهو سڄو منظر هن وقت تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي يقين نه اچي ته اهو هن وقت سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ لهي وڃي پنڌ ڪري ڏسي ته سڄو سنڌو درياءَ هن وقت خشڪ واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪا سنڌ واسين لاءِ ڪنهن درد کان گهٽ ناهي. اهڙي صورت ۾ وفاق ۾ ويٺل (ن) ليگ جي حڪومت ڪنهن ضدي ٻار وانگر خاموش پنهنجي ضد تي اڙيل ويٺي آهي ۽ وزيراعظم جو خاص صلاحڪار راڻا ثناءُ الله هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان هن وقت ڪئنالن کي روڪڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان واقعي پاڻي چور آهيون. ان ڳالهه کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته راڻا ثناءُ الله جو مطلب اهو آهي ته هو پاڻي چور ته آهن، پر ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ايئن ٿو لڳي ته وفاق کي سنڌ جي احتجاجن ۽ روڊن رستن جي بند ٿيڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي. اهو رويو يقينن بيوقوفاڻو به آهي ته سياسي سمجهه ۽ معامله فهمي کان به وانجهيل آهي. ڇو ته سياست ۾ توهان کي ٻي ڌر جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي آهي ۽ ملڪ جن ۾ جمهوريت جو راڄ هوندو آهي يا جن ملڪن ۾ آئين جي حڪمراني هوندي آهي اهي ملڪ پنهنجي ملڪي معاملن کي آئين ۽ قانون جي مطابق حل ڪرڻ لاءِ رستا ڳولهيندا آهن. هن وقت (ن) ليگ جي حڪومت وفاقي حڪومت ۾ ويٺل آهي جنهن جي وزيراعظم کي پوري ملڪ جو وزيراعظم هجڻ گهرجي، پر عملي طور تي هو صرف پنجاب جو وزيراعظم نظر اچي رهيو آهي ۽ پنجاب جي بهتري لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا وڃن ٿا هو انهن ۾ پيش پيش نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو (ن) ليگ کي سنڌ ۾ ڪڏهن به اها پذيرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي، جيڪا ڪنهن وفاقي سياسي جماعت کي ٿيڻ گهرجي.
جڏهن ته پيپلز پارٽي هڪ اهڙي وفاقي جماعت رهي آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي زماني ۾ ۽ بينظير جي زماني ۾ چئني صوبن ۾ هڪ مقبول جماعت جي طور تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي سياست ڪري چڪي آهي. پوءِ وقت سان گڏ ڪجهه اهڙن طاقتور حلقن سندس وجود کي ڪٽي، ٽُڪي ٽن صوبن مان ختم ڪري صرف سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو. اهڙن بدقسمت فيصلن جي ڪري پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهيو آهي، هاڻي آگسٽ ۾ پاڪستان 79 هين سال ۾ پير وجهندو، پر پاڪستان نه متحد ٿي سگهيو آهي، نه مضبوط ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي وجود کي برقرار رکي سگهيو آهي. ڇو ته 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جيڪو هاڻي بنگلاديش بڻجي چڪو آهي، اهو اهڙن ئي اختلافن جي ڪري پاڪستان کان ٽٽي ڌار ٿي هڪ الڳ ملڪ بڻجي پنهنجن وسيلن تي ترقي ڪري تعليم يافته بڻجي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ شامل صوبا جنهن ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ اڄ ڏينهن تائين ڪيترن ئي وسيلن جا مالڪ هجڻ جي باوجود به نه ترقي ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي انهن جي وسيلن تي انهن کي مالڪيءَ جو حق حاصل آهي. سندن وسيلن مان جيڪا ترقي نظر اچي ٿي اها صرف پنجاب ۾ نظر اچي ٿي، جيڪا پاڪستان جهڙي ملڪ جيڪو هڪ وفاقي ملڪ آهي ان جي بدقسمتي آهي. پنجاب کي پاڪستان جي سڀني صوبن جي وسيلن مان سڀ کان وڏو حصو ملي ٿو، ڇو ته ان جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پنجاب کي هاڻي پنهنجي آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هو ٻين صوبن جي وسيلن مان سڀني کان وڏو حصو کڻي وٺي ٿو. ڳالهه اتي به ختم نٿي ٿئي، هاڻي ڳالهه آئي آهي پاڻيءَ تي جڏهن ته پنجاب پنهنجا ٽي درياءَ ستلج، بياس ۽ راوي 1960ع ۾ هندستان کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيا، ان وقت جي سياستدانن ان تي ڪوبه احتجاج نه ڪيو ۽ ايوب خان جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ته پاڻيءَ جي کوٽ مستقبل ۾ هن خطي کي مسئلن ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي، جنهن کي اڄ پاڪستان منهن ڏيئي رهيو آهي. جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ ملڪ ۾ محسوس ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ اسان جا طاقتور حلقه گرين انيشيئيٽو پاڪستان جي نالي تي هڪ پروجيڪٽ کي بهانو بڻائي ٽنهي صوبن جون ڪيتريون ئي غير آباد زمينون کڻي ڇهه ڪئنال جوڙي انهن تي نالي ماتر ترقيءَ جو راڳ ڳائي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وقت تبديل ٿي ويو آهي، سنڌ تبديل ٿي وئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جو سياستدان ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تي مفاهمت جي سياست ڪندو هجي، پر هن وقت جو باشعور ۽ پڙهيل لکيل نوجوان جنهن ۾ جنس جي ڪابه تفريق نه آهي، هر شخص پنهنجي درياءَ جي حفاظت لاءِ روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل قانون جي محافظن (وڪيلن) جي ڌرڻي جي پٺڀرائي ڪرڻ جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهي.
اهو منظر ڏسي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪا نئين سنڌ جنم وٺي رهي هجي. اسان کي يقين آهي ته پنجاب جي خاموشي، پنجاب جي اڻ ڄاڻ هجڻ جو ثبوت نه بلڪه پنجاب جي خوف جو ثبوت آهي. پنجاب کي پنهنجي خوف کي ٽوڙڻو پوندو، اڳتي اچي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڳالهه ٿڌي دماغ سان ٻڌڻي پوندي، سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن وفاق چاهي ٿو ته هي ملڪ هڪ وفاق جي صورت ۾ مضبوط رهي ته ان کي سنڌ جي مسئلن کي هر حالت ۾ حل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ان مسئلي کي گهڻي وقت تائين نظر انداز ڪيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته ان جا اڃان ئي ڪي ٻيا خراب نتيجا نڪرن، جيڪي هن ملڪ جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند نه هوندا.