بلاگنئون

ڊائري جا ورق

ٻن مختلف ڌرمن جا ماڻهو هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويا. ٻنهي جا جسم بيدردي سان چچرجي پاڻ ۾ ملي ويا ۽ قابل شناخت نه رهيا. ٻنهي ڌرمن جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ منجهي پيا ته ڪهڙو حصو ساڙجي ۽ ڪهڙو حصو پورجي.

اوچتو ميڙ مان هڪ ماڻهو اُٿي بيٺو ۽ چيائين: “اچو ته ٻنهي فوتين کي سنڌو جي حوالي ڪريون. ڇاڪاڻ جو ٻنهي جي خون ۾ مست سنڌو جو پاڻي گردش ڪري ٿو، جنهن سان ٻنهي جو تهذيبي ۽ ثقافتي رشتو جڙيل آهي.

***

خيال يا نظريو وڏي ڳالهه آهي، پر جڏهن اُن سان هڪ باڪردار شخصيت جڙي وڃي ته اُهو مقدس ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جي ايم سيد جڏهن قومي فڪر جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُها دل جي گهرائي کي ڇهندي روح جي پاتال ۾ لهيو وڃي.

***

اڄ من کي ڪجهه نٿو سجهي. بس تو ڏي مختلف وقتن ۽ مختلف وقفن ۾ لکيل خط ڦلهوريان پيو. تو ڏي لکيل خط، جن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جي زندگي جي رستي تي وقت جي وهندڙ ڌارائن جو ذڪر آهي. وقت، جنهن ڌرتي جي سيني تي ڪيئي ڪردار اُڀاريا ۽ ڪيئي ڌرتي دفن ڪيا. تاريخ جي سيني ۾ دفن ٿيل انيڪ محبتون، نفرتون، تنهنجيون يادون، منهنجا سپنا، اُهي سڀ جذبا جن کي لفظن جو روپ ڏيئي مون توکي ارپيا خطن جي روپ ۾، اُنهن خطن مان چونڊ ٽڪرا تو ڏي اُماڻي اُن وقت کي جو ماضي ٿي چڪو آهي، حال ۾ موٽائي رهيو آهيان ۽ تنهنجي اندر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي ڌنڌلي ٿيل عڪس (جي ايئن ٿيو آهي ته؟) کي ٻيهر اُجارڻ چاهيان ٿو.

***

تو پڇو ته وقت ڪيئن ٿو گذري؟ ڇا ٻڌايان ته وقت ڪيئن ٿو گذري؟ بس ساموئي جو چيل بيت لکي ٿو ڇڏيان. سمجهو آهين سمجهي ويندين.

ها وهندو هاڪڙو، ڀڄندي بند اروڙ،

بيهه مڇي لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي

***

جيڪو علم جو اڪابر ڏاهو يا محقق چوي ٿو ته سائنس اڳ ئي ڌرمي ڪتابن ۾ موجود آهي يا انهن مان نڪتي آهي ته منهنجي نظر ۾ اهو به ايترو ئي جاهل آهي، جيترو پنڊت.

***

تاريخ ۾ اديب ڪنهن عهدي يا مالي حيثيت سان نه، پر ادبي قد ڪاٺ (تخليقي سگهه) سان سڃاتو ويندو.

***

تنهنجو پيار مئي ۾ مليل اهو زهر آهي، جيڪو پيئي سو ڦٿڪي مري، جيڪو نه پئي سو اُڃ مري.

***

هر آزادي ۽ نظريي کي به پنهنجون حدون ۽ بندشون آهن.

***

جڏهن آئون ڪرپٽ ۽ لٽيرن حڪمرانن کي اسٽيج تان پنهنجي تقريرن ۾ حبيب جالب ۽ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پڙهڻ تي مظلوم عوام کي تاڙيون وڄائيندي واهه واهه ڪندي يا نعرا هڻندي ڏسندو آهيان ته آئون حيران ٿيندو آهيان ۽ سمجهي ڪونه سگهندو آهيان ته جي عوام انهن کي پنهنجو هيرو يا ليڊر سمجهي ٿو ته آخر اُنهن جا حق ڪنهن غصب ڪيا آهن ۽ اُنهن جي جنگ ڪنهن سان آهي؟

***

سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ سان گاڏيون بيهه رهنديون آهن. مونکي خبر ناهي ته ڳاڙهي رنگ لاءِ زندگي جو رڪجڻ ڪنهن تجويز ڪيو يا ڇو ڪيو، پر مان ايترو ڄاڻان ٿو ته خون جو رنگ به ڳاڙهو آهي ۽ ڳاڙهو رنگ انقلاب ۽ زندگيءَ جي تحريڪ جي علامت آهي.

***

اسانجي ملڪ ۾ ڪرپشن جون پاڙون ايتريون گهريون ٿي چڪيون آهن، جو ماڻهو سخت عذاب ۽ مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ انهن جو ڪوبه مسئلو حل ٿيندو نظر نٿو اچي. ان سسٽم ۾ جيڪڏهن ڪو ايماندار آفيسر اچي ٿو ۽ ماڻهن جا ڪم ڪري ٿو ته ماڻهو ان کي مسيحا سمجهي وڏو مان ڏين ٿا ۽ مٿائنس گل نڇاور ڪن ٿا. حالانڪه اُهو آفيسر ڪو اضافي ڪم نٿو ڪري، پر فقط پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏئي ٿو، جنهن لاءِ هو سرڪاري خزاني مان پگهار کڻي ٿو.

***

پنهنجي روزاني (معمول) جي زندگيءَ ۾، ڪجهه پل ماضي جي خوبصورت واقعن (يادن) لاءِ مقرر ڪريو. توهان ڪڏهن به پوڙها نه ٿيندا.

***

اچو ته زندگي جو سلسلو اُتان کان ڳنڍيون جتان کان ڇنو ويو. اچو ته گيت ڳائي دردن کي وساريون. اچو ته ٽهڪن ۾ زندگي جي تلخين کي ڀلايون. اچو ته رات جي ڪاراڻ ۾ جڳ ۾ جوت جلايون. اچو ته زندگي جي خوبصورتي کي ڪائنات مان ماڻي زندگي کي نيون معنائون ڏيون. اچو ته مڌماٽي مان سرڪون ڀري پنهنجي وجود کي ڪائنات جي ڪل ۾ سمائي ڇڏيون.

***