بلاگنئون

ڊائري جا ورق

22 فيبروري، 1973

اڄ ڪلهه فوٽو اسٽوڊيو جي تڪميل ۾ آئون ۽ نورو ايڏو ته مصروف آهيون جو سواءِ دڪان کان سڄي دنيا کان ڪٽيا پيا آهيون.

***

23 فيبروري 1973

بهار جون خوشبودار هوائون هلڻ لڳيون آهن، صبح جو سوير ٿڌي هير هلندي آهي، ماڪ سان پسيل صبح جي ٿڌڙي هير ۾ هلندي دل ۾ خوشي جي لهر پئي پيدا ٿيندي آهي.

ٻنپهرن جو هوا ۾ ڌوڙ ۽ مٽي شامل ٿي ويندي آهي، جيڪا اکين ۾، مٿي ۾ ۽ وات ۾ پوندي آهي. شام جو وهنجڻ کانپوءِ تازو توانو ٿي وڃبو آهي ۽ تيستائين اها هوا وري صاف شفاف ٿي ويندي آهي.

***

11 مارچ، 1973

اسان وارو اسٽوڊيو چالو ٿي ويو آهي. چالو ٿئي چار ڏينهن ٿيا آهن ۽ انهن چئن ڏينهن ۾ دڪان جي رفتار به اطمينان بخش آهي. ائين ٿو لڳي ته دڪان هلندو ۽ چڱو خاصو هلندو.

***

14 مارچ، 1973

اڄ منهنجي دل اُداس آهي، دماغ سُن آهي، من منجهيل آهي اڄ مون پنهنجو اصلوڪو گهر هميشه هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو. اهو گهر جنهن ۾ مون پنهنجا زندگي جا پنجويهه خوبصورت ۽ حسين سال گذاريا آهن. انهيءَ گهر ۾ آئون ننڍي کان وڏو ٿيو آهيان. مون پنهنجو اصل اباڻو گهر ڇڏي ڏنو آهي. زماني جي هڪڙي هلڪي ٿيڙ سان آئون پنهنجي حسين دنيا کان ٻاهر وڃي پيس. سماج جي هڪڙي ئي سٽ مون کان پنهنجو آستانو کسي ورتو. معاشري جي هلڪي ڦوڪ سان منهنجو آشيانو اڏامي ويو.

اڄ مون پنهنجو اصل گهر ڇڏي ڏنو. ڏسون زندگي هاڻ ڪيڏانهن وٺي وڃي ٿي.

***

15 مارچ، 1973

منهنجو دماغ سُن ٿي ويو آهي، مون کي به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. منهنجي دل ۾ درد آهي، هڪ زخم لڳي ويو آهي. مون کي انهيءَ سڄي واقعي ۾ ڪوبه نقصان ڪونهي، ڪوبه خطرو ڪونهي. مون کي ڏک آهي صرف هڪ ڳالهه جو جيڪا منهنجو ذهن قبول ئي نٿو ڪري. مون کي اعتبار ئي نٿو اچي ته ڪو مون کان منهنجو اهو آستانو ڇڏائجي ويو آهي، جنهن ۾ مون هڪ پاءَ صدي گذاري جنهن ۾ آئون پلجي جوان ٿيس، اهو گهر مون کان ڇڏائجي ويو، جنهن جي هڪ هڪ سِر ۽ هڪ هڪ ڪُنڊ سان مون کي محبت آهي، منهنجو دماغ انهي ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

***

16 مارچ، 1973

تلاءَ ۾ پٿر ڪريو. پاڻيءَ جون لهرون اُٿيون ۽ چئني طرفن ڊوڙنديون وڃي ڪناري سان ٽڪريون. پاسي ۾ هڪ وڻ هو، اُن جي سڪل پن کي به جوش آيو. اُن به تلاءَ ۾ کڻي پاڻ اُڇلايو. ليڪن تلاءَ ۾ نه لهرون اُٿيون ۽ نه ڪو آواز آيو.

مان ڏسي رهيو هئس. کلي چيومانس، بيوقوف نه ٿي پن! دنيا ۾ اهو ئي حرڪت پيدا ڪري سگهي ٿو جو پاڻ ۾ وزن رکي ٿو! پن شرمندو ٿي پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مئو.

***

3 اپريل 1973

زماني جي هيرا ڦيرين، سڄي شخصيت کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪابه شئي پنهنجي جاءِ تي نه آهي، لڳي ٿو ته سوچ ۾ ترتيب نه آهي، نه دماغ جاءِ تي آهي، نه من ۾ مستي آهي ۽ نه ئي روحاني راحت آهي.

تذبذب جو عالم آهي، بي يقيني جي ڪيفيت آهي، اطمينان ڪونهي، سڪون به گهٽ آهي.

***

27 مئي، 1973

ياد جنهن جي اچي پئي سا خوشيءَ جي گهڙي ڪٿي آهي.

***

31 مئي، 1973

فوٽوگرافيءَ جي فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مصروف آهيان، انهيءَ لاءِ جو اهو تخليقي فن منهنجو ڌنڌو ٿي پيو آهي، دڪان کي هلائڻو آهي، هيڏو وڏو دڪان اسان کولي ڇڏيو آهي. دڪان ڏسي زماني جا وات ڦاٽا پيا آهن. انهيءَ دڪان کي سنڀالڻو آهي. نه رڳو سنڀالڻو آهي، پر انهيءَ کي انهيءَ اعتماد ۽ يقين سان هلائڻو آهي، جنهن سان اسان فوٽو اسٽوڊيو کوليو آهي. زماني کي اسان تي ٽوڪ ڪرڻ جو موقعو بلڪل نه ڏيڻو آهي. اسان سماج کي چئلينج ڪيو آهي ۽ اسان کي ڪامياب ٿيڻو آهي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو، مصروف رهڻو پوندو. فوٽوگرافيءَ جي فن لاءِ اسان کي هاڻ سخت محنت ڪرڻي پوندي. اهڙي تخليقي صلاحيت اسان ۾ آهي ۽ اسين فوٽوگرافي جي دنيا ۾ نالو ڪڍنداسين، انهيءَ سلسلي ۾ اسان جو ارادو پختو آهي.

***

3 جون، 1973

بي اطميناني جو شڪار آهيان، سڪون ڪونهي، ڀروسو ڪونهي.

***

7 جون، 1973

پئسن جي کوٽ آهي، ٻني مان ڪجهه ڪونه ٿو اچي، دڪان مان پئسا کڻڻا ڪونه آهن.

***

9 جون، 1973

رات کان وٺي سخت گرمي هئي، صبح جو اولهندي کان وڏا وڏا ڪڪر اچڻ شروع ٿيا، گُهٽ وڌندي وئي آسمان ۾ جُهڙ گهاٽو ٿيندو ويو. تقريبن 2 وڳي ڌاري ٻن چئن منٽن لاءِ موسم جون پهريون ڦُڙيون ڇم ڇم ڪري وسڻ لڳيون، پر اهي ڇنڊا ٿوري دير وسيا، رستا به پورا ڪونه ڀِنا. بهرحال اهو خوشيءَ جو احساس ٿيو ته ساوڻ اچي ويو آهي. برهه جي برساتن جو خوشگوار احساس ٿيو.

***

10 جون، 1973

دل جي جذبن جي خاموش زبان لفظن جي محتاج ڪونه ٿيندي آهي.

***