زماني جي هيرا ڦيرين، سڄي شخصيت کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪابه شئي پنهنجي جاءِ تي نه آهي، لڳي ٿو ته سوچ ۾ ترتيب نه آهي، نه دماغ جاءِ تي آهي، نه من ۾ مستي آهي ۽ نه ئي روحاني راحت آهي.
تذبذب جو عالم آهي، بي يقيني جي ڪيفيت آهي، اطمينان ڪونهي، سڪون به گهٽ آهي.
***
27 مئي، 1973
ياد جنهن جي اچي پئي سا خوشيءَ جي گهڙي ڪٿي آهي.
***
31 مئي، 1973
فوٽوگرافيءَ جي فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مصروف آهيان، انهيءَ لاءِ جو اهو تخليقي فن منهنجو ڌنڌو ٿي پيو آهي، دڪان کي هلائڻو آهي، هيڏو وڏو دڪان اسان کولي ڇڏيو آهي. دڪان ڏسي زماني جا وات ڦاٽا پيا آهن. انهيءَ دڪان کي سنڀالڻو آهي. نه رڳو سنڀالڻو آهي، پر انهيءَ کي انهيءَ اعتماد ۽ يقين سان هلائڻو آهي، جنهن سان اسان فوٽو اسٽوڊيو کوليو آهي. زماني کي اسان تي ٽوڪ ڪرڻ جو موقعو بلڪل نه ڏيڻو آهي. اسان سماج کي چئلينج ڪيو آهي ۽ اسان کي ڪامياب ٿيڻو آهي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو، مصروف رهڻو پوندو. فوٽوگرافيءَ جي فن لاءِ اسان کي هاڻ سخت محنت ڪرڻي پوندي. اهڙي تخليقي صلاحيت اسان ۾ آهي ۽ اسين فوٽوگرافي جي دنيا ۾ نالو ڪڍنداسين، انهيءَ سلسلي ۾ اسان جو ارادو پختو آهي.
***
3 جون، 1973
بي اطميناني جو شڪار آهيان، سڪون ڪونهي، ڀروسو ڪونهي.