بلاگنئون

سماجي جوڙجڪ ۽ مذهبي رجحان

ڏکڻ ايشيا ڪيترن ئي ثقافتن، نسلن، ٻولين ۽ الهامي عقيدن جو گَھرُ رهيو آهي، ان ڪري هن خطي ۾ ماڻهن جا ايمان، مڃتا ۽ عقيدا به مختلف رهيا آهن، انهن ماڻهن جي نظر ۾ انهن جا اوائلي ۽ بنيادي عقيدا ئي سڀ ڪجھه آهن، ان ڪري ته اهي جيڪڏهن بنياد پرست ناهن ته اهي مذهب پرست به ناهن، اهي پوءِ ان اوائلي ۽ پراڻي عقيدي جا مڃيندڙ به ناهن. هر فرقي، مذهب ۽ عقيدي پرست ۽ فرقي پسند جي لاءِ اهو لازم آهي ته هو بنياد پرست ۽ بنياد پسند هجي نه ته ٻي صورت ۾ ان جا عقيدا ۽ ايمان ۽ مڃتائون ڪنهن ڪم جون ناهن، اهي مڃين ٿا ته جيڪي اهي مڃن ٿا، جن تي انهن جو عقيدو آهي، جن جي پويان اهي لڳل آهن، جي کي اهي پيش روا ۽ اڳواڻ سمجهن ٿا، انهن جا جيڪي سچا ڪوڙا آقا آهن، انهن جي روزي روٽي، علم، عقل، ڌن دولت، پُٽن، ڌيئرن ۽ گهڻ اولادن ۽ بختن جا دان ڪرڻ وارا، انهن جي قسمت جا وارث ۽ ڏيڻ ڪرڻ وارا به اهي ئي آهن، اهي سمجهن ٿا ته اهي ڌن دولتون ۽ راڄ ڀاڳ انهن آقائن جي مڃتا جي ڪري ئي ممڪن آهن، نه ته اهي هن ڌرتي جي گولي تي شايد باقي نه هجن ها يا انهن جا نسل پلجي نه سگهن ها، جي اهي ان ايمان ۽ عقيدي جي پٽڙي تان لهي وڃن. ان ڪري ممڪن آهي ته اهي ان راھ جا راهي ئي هجن ۽ اهي راهون ئي شايد انهن جي گناھ ثواب جا رستا به ليڪن ٿيون، ان ڪري ڪير ڪنهن کي سمجهائي ۽ سمجهي نٿو سگهي، پر انهن جو حال ڀائي ٿي سگهجي ٿو، انهن جي ڏک درد ۾ شامل هججي ۽ انهن سان سماجي رابطا به ڳنڍيل رکجن.

جديد معاشرن کي ڏسجي ۽ پرکجي ته سمجھه ۾ ايندو ته انهن اوائلي سماجن ۾ سڌارا پيدا ڪري سگهجن ٿا. اها ڳالھه به سمجهون ٿا ته دنيا جي ترقي آدم ذات جي بڻايل اصولن تي ڪامياب ترين ثابت ٿي آهي، مغربي معاشرو ڀلي ڪيترو بي راھ روي يا ٻين معنائن ۾ Disorder جو شڪار هجي (يا آهي)، پر انهن وٽ زندگيءَ جو جيئڻ بلڪه ڀرپور جيئڻ معنيٰ ٿو رکي، اهي سمجهن ٿا زندگيءَ کي بهتر گذراڻ ئي صحيح آهي ۽ ان جي لاءِ ڀرپور محنت ڪجي، پورهيو ڪجي پئسو ڪمائجي، ڌن دولت ميڙي مٺ ۾ ڪجي، ان ڪري ته دنيا ۾ جيتري دنيا داري ڪم جي آهي، جيتري دولت هٿ ۾ هجي ٿي، جيترو پئسو ڪمائي سگهجي ٿو اوتري زندگي به آسانيءَ سان گذاري سگهجي ٿي، ڇو ته دنيا مادي آهي ۽ مادي پسند دنيا هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جا پئسا ڪمائي سگهجن ٿا، ان ڪري مادي پرستي ئي شايد سڀني نفسياتي ۽ آرامده زندگي جو سامان مهيا ڪري ٿي ۽ روحانيت ٻئي نمبر تي اهميت جي حامل آهي.

هتي جنس، مذهب، نسلي سڃاڻپ ۽ مختلف راين جي خلاف غير روادار نظريا سوچ، نفرت ۽ پيار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي هر ماڻهو مذهبي رواداريءَ تحت نٿو هلي سگهي. ٻين معنائن ۾ ڏسجي ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي دائري اندر رهي ٿو، هو پنهنجي ئي ليڪيل مذهبن، فرقن، ٻولين، تهذيبن، تمدن ۽ سماجي روين جي وهڪرن ۾ وهي ٿو هلي، پر حيرت اها آهي ته انهن روين ۾ به رنگ نسل وانگي مذهبي مت ڀيت وانگي هاڻي فرقيوارانه مت ڀيد به لهي آئي آهي، اتي ٻوليءَ جي الڳ سڃاڻپ ٺهي ٿي هلي، هر ماڻهو پنهنجي لينگئيج ۽ ڪميونٽي جي آڌار تي هلي چلي ٿو، اهو سمجهي ٿو ته پنهنجي ڪميونٽي ۾ ٻولي اها ڳالهائجي جيڪا رائج الوقت هجي، جنهن ۾ ڳالھه سمجهي ۽ سمجهائي سگهجي. هن دور ۾ خانگي ۽ سرڪاري نوڪري به ثانوي ٿي پئي آهي، جيڪي ڪميونٽيون ننڍن وڏن ڪاروبارن ۾ رڌل آهن اهي ٻين کي به همٿائين ٿا ته ڪاروبار ڪيو، ڪجھه معاشرن ۾ ان مت ڀيد تحت رشتا به ٿين ٿا ۽ ڪجھه ڪميونٽيون اهڙيون به آهن جيڪي واپاري لاڳاپا به ان بنياد تي به ڪن ٿيون ته اهي ساڳي ڪميونٽي ۽ فرقيواريت جي رنگ ۾ رنڱيل آهن، ان ڪري اها ڳالهھ ڏينهون ڏينهن وڌي ٿي، ڇو ته ماڻهن ۾ روزي روٽي ۽ برڪتن جا پارک اهي فرقيواريت تحت طئي ڪيل قبلا ۽ تشخص به آهن جيڪي انهن ماڻهن جي اڳواڻي ۾ لٿل آهن، ان ڪري اهڙن رجحانن کي پوئتي ڌڪي نٿو سگهجي ۽ نندي به نٿو سگهجي ته پوءِ آخر ڇا ڪجي، ان ڪري ته سوسائٽيون به رنگ به رنگي ٿينديون ٿيون وڃن ۽ مائينڊسيٽ به انهن جي پٽاندر هلندا ٿا رهن. اهي پنهنجن ٻارن جي لاءِ به واپار ۽ لوڪل بزنس جو سوچين ٿا. وقت يا وِتَ آهر اهي ملڪ ڇڏڻ يا لڏي وڃڻ جهڙيون ڳالهيون به ڪن ٿا، ڇو ته غريب ملڪن ۾ ۽ ٽين دنيا جي ماڻهن ۾ ترقي جو رجحان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ به آهي، ڇو ته روايتي واپارَ ۽ نوڪريون به ڪڏهن ڪڏهن مستقل مزاجي جي ذمري ۾ نٿيون اچن.

ڳئون جي ذبح جي شڪ ۾ هندو انتها پسندن پاران مقرر ڪيل اصولن جي پابندي ڪئي وئي آهي، جيڪي پنهنجي هندتوا برانڊ کي لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا. هندستان جي مختلف حصن مان صحافين ۽ دانشورن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا باقاعدي رپورٽ ٿيندا رهن ٿا. اتي مختلف عقيدن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پاڻ کي هاڻي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا، انهن وٽ عوامي سطح تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ جي آزادي ناهي. انهن جي ثقافتي ۽ مذهبي رسمن جي نگراني جي چوڌاري هاڻي سخت عدم تحفظ آهي. ڪي پاڪستاني هجوم مسجد نبوي جي حرمت جي ڀڃڪڙي ڪندي شهباز حڪومت جي دورو ڪندڙ آفيسرن جي خلاف گندا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ سياسي مخالفن، صحافين، فنڪارن، اديبن، تجزيه نگارن ۽ رانديگرن جي لاءِ به سخت زباني ۽ جسماني حملا، بازارن، ٽيلي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي، ذاتي دشمنن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف توهين رسالت جا ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن ۽ مذهب کي هڪ اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪي اڳتي هلي سياسي مفادن ۽ پرڏيهي سازشن جي زور تحت سماجي ۽ سياسي ماحول کي وڌيڪ زهريلو بڻائي ڇڏيندا، ان ڪري معاشرا ان شدت پسندي مان جان آجي ڪن ۽ عام ماڻهن کي جيئڻ دان ڏين ته جيئن خلق پاڻ کي محفوظ ۽ سالم سمجهي.

ڊگلس ميڪ گريگور مطابق ڪجھه ماڻهو “ايڪس ٿيوري” تحت هن دنيا ۾ به گهڻو ڪجھه ڪمائڻ چاهيندا آهن، اهي سموري زندگي هڪ کان ٻيو ڪاروبار، نوڪري، واپار، ملڪ، خطه ۽ ايستائين جو مذهبن جا سودا به ڪندا رهن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته انهن جي مٽاسٽا شايد پئسي جي وهڪري کي ممڪن بڻائي سگهي، اهي سمجهن ٿا نوڪري ۾ هوندي روز صاحب جي آڏو پِٽِڪو ڪرڻ به شايد روزي جي برڪت جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ صاحب اهو سمجهي ته هن ملازم سان لڳي ٿو ناانصافي ٿي آهي ۽ هن جي گريڊ ۽ پگهار ۾ اضافو ڪجي، نه ته ٻي صورت ۾ هي نوڪري ڇڏي هليو ويندو ۽ پوءِ هي ادارو يا ڊپارٽمينٽ مشڪل ۾ پئجي ويندو، ان ڪري هن ملازم جي ڪيل خدمتن جي عيوض هن جي پگهار وڌائجي (اها ڳالھه ننڍي کان وڏي ملازم تي اپلاءِ ڪري سگهجي ٿي) ڊگلس ميڪ گريگور مطابق هڪ “واءِ ٿيوري” به آهي جنهن ۾ ماڻهو هر ڳالهھ پنهنجي پالڻهار ڏي منصوب ڪري، هٿ تي هٿ رکي يا ڪياڙي سان هٿ ٻڌي ويهي ٿا رهن، اهي سمجهن ٿا ته جيڪي مليو آهي، اهو هٿان نه وڃائجي ۽ جيڪي به نصيب ۾ آهي، هو هڪ نه هڪ ڏينهن ملندو (يا نه ملندو) ۽ اهي هڪ دنيا ستر آخرت تي يقين رکڻ وارن مان هوندا آهن، اهي سموري زندگي هڪ ئي ڪاروبار، نوڪري يا پيشي سان وابسته هجن ٿا، اهي سموري زندگي هڪ ئي هنڌ به گذاري سگهڻ وارا ماڻهو هجن ٿا يا سموري زندگي هڪ ئي طرح سان زندگي گذارين ٿا.

اها ڳڻتي جوڳي ڳالھه آهي ته هتي عدم برداشت، تعصب پرستي، انتها پسندي ۽ فاشزم جا رجحان گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ان ڪري پيچيده معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي پاليسي سازي، سماجي ۽ نفسياتي عنصرن جو تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اصلاحي قدمن جو تجويز ڪيل ماهرن طرفان تجويز ڪيل عدم برداشت کي معمول تي آڻڻو پوندو. سياسي ڍانچي جا مرڪز صوبا آهن، پر انهن ڳوٺاڻا ۽ شهري تصور پيدا ڪيا آهن جن وري ورهاست جا خيال پيدا ڪيا آهن، ان جي نتيجي ۾ پولرائيزيشن ۽ احساس محروميءَ جي جا رجحان پيدا ٿي رهيا آهي. رياستي ۽ سرڪاري ڍانچي ۾ برابري واري نمائندگي جي کوٽ ۽ دولت جي غير مساوي ورهاڱي سبب معاشي ساخت جي پسماندگيءَ کي جنم ڏنو آهي ۽ نيئولبرل معاشي پاليسين جي برتري وڏي معاشي ۽ معاشرتي تفاوتن کي جنم ڏنو آهي ۽ اهڙن عنصرن جو ميلاپ عدم تحفظ جي احساس کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو وري عدم برداشت، تعصب ۽ پاپولزم کي جنم ڏئي ٿو. اسٽريٽيجڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مذهبي انتهاپسندي، آمريت ۽ فرقيواريت جي بنياد تي رياستي پاليسين جو نفاذ، وري مرڪزي ڌارا جي سياسي پارٽين کي هڪ منتشر حمايتي بنياد تي هڪ نسل کي ٻيائي ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي تنقيدي تعميري شعور کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان مقصد ميڊيا ۽ نصاب جي استعمال جي اثر کي وڌايو آهي، اهڙيءَ طرح آباديءَ جو وڏو حصو، خاص ڪري نوجوان، جن وٽ سياسي شعور گهٽ يا نه آهي، پر رياستي ادارن، سياسي قيادت، دانشورن، تعليمي ادارن، مذهبي اسڪالرن، ميڊيائن، استادن ۽ اديبن جي ذميواري آهي ته هن صورتحال کي رد ڪرڻ ۾ بيمار معاشري جي سهائتا ڪن.