بلاگنئون

ڪئنال مخالف تحريڪ ٻٻرلوءِ ڌرڻي تائين

سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چورائڻ جي تاريخ تمام پراڻي آھي، پر وڏي چوري 1960ع ۾ ٿي جڏھن ٽي درياءَ راوي، ستلج ۽ بياس ھندستان کي وڪرو ڪيا ويا ته پنجاب جي آباد زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ چناب ۽ جھلم دريائن مان لنڪ ڪئنالن جو ھڪ وڏو ڄار وڇائي راوي ۽ ستلج جي ڪمانڊ ايريا کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پھچايو ويو. ان سان چناب ۽ جھلم جي آباد زمينن جي لاءِ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي پئي، ان کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 2 وڏا لنڪ ڪئنال چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺاھيا ويا، پر انھن تي سنڌ طرفان اعتراض کي ختم ڪرڻ لاءِ انھن ٻنھي دريائن کي فلڊ ڪنٽرول ڪئنال جو نالو ڏنو ويو يعني سنڌو درياءَ ۾ واڌو پاڻي ھوندو ته پوءِ انھن ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو، پر انھن ٻنھي ڪئنالن کي پيرينيل (يعني ٻارنھن مھينا وھندڙ) ڪئنال ڪري انھن ۾ پاڻي وھايو پيو وڃي ان سان سنڌ جو پاڻي گھٽجي ويو ۽ ساڳئي وقت ٻنھي دريائن مان گھربل مقدار جو پاڻي پنجند وٽ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ به گھٽجي ويو، نتيجي طور سنڌ کي ان جو نقصان به پئجي رھيو آھي. ڳالهه اتي نه رھي، پر اڃان به سنڌو دريائن مان  ڪڇي ڪئنال، ٿل ڪئنال ۽ ريڻي ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا به جوڙيا ويا. اصل ڪھاڻي  2023 ۾ شروع ٿي جڏھن ايس آءِ ايف سي ۽ گرين انيشيئيٽو ادارا ٺاھي ملڪ  جي 66 لک ايڪڙ بنجر زمين جي لاءِ ڇھه نوان ڪئنال ٺاھڻ جا منصوبا جوڙيا ويا، انھن کي اسٽريجڪ  ڪئنالن جو نالو ڏنو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ان وقت به انھن ڪئنالن خلاف آواز اٿاريو، پر مٿان 8 فيبروري 2024 تي ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين جي مصروف ھجڻ سبب ڪو خاص احتجاج نه ٿي سگھيو.

 سنڌو درياءَ مان ڪئنال ٺاھڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏيڻ، سنڌ جي معدنيات وڪرو ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 2024-04-20 تي سنڌ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن جي مسئلي تي حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان دوران سنڌ حڪومت طرفان ڪياماڙي ضلعي جي ڇهه ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي الاٽ ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ھاڪس بي ۾ 10 جولاءِ تي جلسو ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو.  ان کانپوءِ سنڌ جي مسئلن تي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سنڌي ماڻھن کي آگاھي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، جلسا ڪيا ويا ۽ ھر ضلعي ۾ ورڪرز اجلاس پڻ ڪوٺايا ويا، پارٽي طرفان ڪراچي جي سراوان ھوٽل ۾ 2024-07-30 تي قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڄامشورو ۾ ھڪ وڏو جلسو 2024-08-09 تي منعقد ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم طرفان 2024-09-07 ‘سيو ايگريڪلچر سيو سنڌ’ جي عنوان ھيٺ حيدرآباد ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. ان دوران 8 جولاءِ 2024 تي ايوان صدر ۾ ملڪ جي صدر آصف زرداري جي صدارت ۾ ھڪ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ 6 اسٽريٽجڪ ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کانپوءِ ڪئنالن جي ٺھڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان باقائده ھڪ تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي.

ڪئنال مخالف تحريڪ جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ سائين زين شاھ طرفان ٻين سياسي پارٽين سان رابطو ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو وجود عمل ۾ آيو جنھن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جي ڊي اي، پي ايم ايل ايف، قومي عوامي تحريڪ پي ٽي آءِ، پ پ ورڪرز پارٽي NPP- JSM- AJP شامل رھيون، جنھن جو ڪنوينر سيد زين شاھ کي مقرر ڪيو ويو. ھن تحريڪ طرفان ڪئنالن جي منصوبي خلاف 2024-09-19 تي سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ احتجاج ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم طرفان حيدرآباد ‘سيو انڊس رور، سيو سنڌ’ جي عنوان ھيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ طرفان فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ماڻھن کي سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن ۽ سنڌ کي  پھچندڙ نقصانن بابت  ھڪ زبردست بيداري مھم شروع ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ سيو انڊس رور موومينٽ طرفان 2024-10-18 تي پريس ڪلب ڪراچي کان ٺٽي تائين بيداري مارچ/ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو. ان دوران ڪئنال ٺھڻ جي خلاف  سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ طرفان 2024-10-19 تي ٺٽي کان بيداري  ريلي ڪڍي   وئي ٺٽي ۽ بدين ۾ جلسو ٿيو. سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ سميت ٻين سياسي پارٽين، جسقم، جيئي سنڌ محاذ، ايس ٽي پي، نيشنل پارٽي ۽ جي يو آءِ طرفان به مارچ، ريلين، ڌرڻن، ڪانفرنسن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم طرفان پي اي سي سي ڪراچي ۾”Survival of Indus River- Threats and Challenges”  جي عنوان ھيٺ 2024-11-08 تي سيمينار ڪوٺايو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان 2024-11-17 تي سڪرنڊ کا ن ھڪ شاندار ڪار ريلي ڪڍي حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويو. ان بيداري ۾ شاگردن به پاڻ ملھايو، سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ 2024-11-21 تي ھڪ جلسو منعقد ڪيو ويو.  سرديون شروع ٿيڻ ڪري ايس يو پي طرفان مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مچ ڪچھرين ذريعي سنڌ جي ماڻھن  کي آگاھي ڏني وئي، ايس يو پي طرفان نسيم نگر کان گدو چوڪ حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو.

سائين زين شاھ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف بيداري مھم جي سلسلي  ۾ 13 ڊسمبر 2024  کان  31 ڊسمبر تائين برطانيا جي برمنگھم ۽ مختلف شھرن جو دورو ڪري ڪانفرنسون ڪوٺائي خطابن ذريعي آگاھي ڏني. 17 ڊسمبر تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ايس يو پي طرفان اھم پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. 20 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ايس يوپي طرفان محترم روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھ، ميرپورخاص ۽ ڪراچي  ۾ چوويھن ڪلاڪن جي بک ھڙتال ڪئي وئي، جتي مون (اصغر قريشي) انڊس IBIS ۽ ڪئنالن بابت ليڪچرن ذريعي آگاھي ڏني. 21 ڊسمبر تي وارھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان ڪئنالن خلاف جلسو ٿيو جنھن ۾ محترم روشن ٻرڙي ۽ اصغر قريشي خطاب ڪيو. سيو انڊس رور موومينٽ طرفان 2025-01-11 تي حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ تائين بيداري مارچ ۽ جلسا ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ 2025-02-13 تي آبادگارن اينٽي ڪئنال موومينٽ طرفان ريلي ۽ جلسو ڪيو ويو. درياءَ بچايو ڪميٽي طرفان 17 فيبروري تي سيوھڻ کان ميھڙ ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو.  14 فيبروري 2025 تي International Rivers Day تي ايس يو پي سان گڏ ٻين سياسي پارٽين به اھو ڏينھن ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جنھن ۾ سياسي پارٽين ڪئنالن خلاف ۽ سنڌو درياءَ کي بچائڻ خاطر ڀرپور احتجاجي مظاھرا ڪيا، انھن سان گڏ سڄي سنڌي قوم روڊن تي نڪري احتجاج ڪيا ۽ سنڌو درياءَ سان محبت جو اظھار ڪيو.

ھوڏانھن مارچ مھيني ۾ ايس ايس پي حيدرآباد کي ھٽائڻ لاءِ وڪيلن جي تحريڪ شروع ٿي، حيدرآباد باءِ پاس تي ھڪ وڏو ڌرڻو لڳايو ويو، جيڪو ايس ايس پي فرخ لنجار جي موڪل تي وڃڻ تي ختم ٿيو، موڪل تان موٽڻ کانپوءِ ھن پنھنجي عھدي جي چارج ورتي ته وڪيلن جي تحريڪ وري شروع ٿي وئي. وڪيلن حيدرآباد  کان ڪراچي مارچ ڪيو جتي ھڪ وڏو جلسو ٿيو، جيڪو ڪئنالن مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿيو. سڀني سياسي پارٽين وڪيلن جي ھن تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. ان جلسي ۾ وڪيلن اعلان ڪيو ته ھو ڪئنالن جي خلاف ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو لڳائيندا.

ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جو بدلي جو آرڊر به اچي ويو. ان کانپوءِ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ ۾ شامل پارٽين فيصلو ڪيو ته بيداري مھم جي نتيجي ۾ ھاڻي قوم سجاڳ ٿي چڪي آھي ۽ جدوجھد جو ٻيو مرحلو يعني مزاحمتي تحريڪ شروع ڪجي، جنھن ۾ روڊ يا ريل رستي تي ڌرڻو لڳائي پنجاب جا سڀ رستا روڪي جدوجھد جو فيصلو ڪندڙ مرحلو شروع ڪجي، جنھن جي لاءِ طئي ٿيو ته درياءَ بچايو تحريڪ کان ٻاھر ويٺل پارٽين کي به ھن مرحلي ۾ شامل ڪجي، ان لاءِ  9 اپريل 2025 تي سڀني پارٽين کي مشاورت لاءِ ڄامشوري ۾ گڏ ٿيڻ جي ڪوٺ ڏني وئي، ان گڏجاڻي ۾ طئي ٿيو ته  17 اپريل تي حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي باءِ پاس  تي ھڪ وڏي جلسي سان مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ڪجي.

12 اپريل تي ڪراچي بار جي وڪيلن عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾  ٻٻرلوءِ تي  ڌرڻي لاءِ مقرر تاريخ 18اپريل تي ڌرڻو لڳائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. 15 اپريل تي وڪيلن جو قافلو ڪراچي کان ٻٻرلوءِ لاءِ نڪتو ته سنڌ بار جا وڪيل به انھن سان شامل ٿيا، ھر شھر ۾ قافلي جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. 17-16 اپريل جي رات جو ٽين وڳي قافلو سڪرنڊ پھتو ته سائين زين شاھ پنھنجي ھزارين ساٿين سميت قافلي جي آجيان ڪئي. آخرڪار 18 اپريل تي ٻٻرلوءِ تي ڌرڻي جي شروعات ٿي وئي، ان لاءِ وڪيلن سياسي پارٽين جن اٺن مھينن کان مسلسل جدوجھد ڪري قوم کي جاڳايو انھن سان مشورو به نه ڪيو، پر جس آھي سياسي پارٽين کي جن عظيم تر قومي مفاد خاطر ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي ڀرپور حمايت ڪري انھن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ھر طرح جي مدد ڪئي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ان ڌرڻي ۾ ڪئمپ لڳائي چوويهه ڪلاڪ ڏھن  ڏينھن تائين ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جو بندوبست ڪيو، جنھن لاءِ ايس يو پي جي اوورسيز شاخ  سنڌ يونائيٽيڊ انٽرنيشنل اوورسيز فرنٽ لکين رپيا فراھم ڪيا. ٻين سياسي سماجي تنظيمن طرفان به ڪئمپون قائم ڪري ڌرڻي کي ڪامياب ڪرايو  ۽ ان جو ڪو ڪريڊٽ نه ورتائون، ان ڌرڻي ۾ سڄي سنڌي قوم ڀرپور حصو ورتو، لکن جي تعداد ۾ سياسي ڪارڪن ۽ عام ماڻھو روڊن تي نڪري آيا ۽ ڌرڻي ۾ شامل به ٿيا. حڪومت اعلان ڪيو ته 2 مئي تي CCI  (Council of Common Interest ) جو اجلاس سڏائڻ ڪئنالن بابت فيصلو ڪيو ويندو، پر سنڌ جي ھر طبقي جي ماڻھن جي وڌندڙ شرڪت ڏسي حڪومت 28 اپريل تي  CCI جو اجلاس سڏائي اڻپورو فيصلو ڪيو، پر قوم ۽ وڪيلن ان کي پنھنجي ڪاميابي سمجھي ان اڻپوري فيصلي کي قبول ڪري 28-29 اپريل جي رات ڪمون شھيد ۽ ڪنڌڪوٽ وارا ڌرڻا ختم ڪيا، پر ٻٻرلوءِ ڌرڻو ڪنھن ذميدار حڪومتي ماڻھو ھٿان ڪئنالن بابت فيصلي جو نوٽيفڪيشن ملڻ تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. 29 اپريل تي ڪجھه وڪيلن ھاءِ ڪورٽ ۾ وڃي سنڌ جي وزير داخلا ضياءُ لنجار جي ھٿان نوٽيفڪيشن وصول ڪيو،  پر گھڻن وڪيلن ضياءُ لنجار سان ملڻ کان انڪار ڪيو. ايئن 29 اپريل تي شام جو ٻٻرلوءِ ڌرڻو اختتام پذير ٿيو. ھن ڌرڻي سنڌي قوم جي شاندار ڪاميابي سان گڏ ڪئي سوالن کي جنم ڏنو، جن جو ذڪر ڌرڻي کانپوءِ جي صورتحال تي لکڻ وقت ڪبو.