چيف جسٽس ثاقب نثار جو لاڙڪاڻي جو دورو
چيف جسٽف ثاقب نثار لاڙڪاڻي پهچي ويو. هن پهريان سيشن ڪورٽ جو دورو ڪيو جنهن ۾ هن مختلف ٻڌڻين جو ڏٺيون. ٻڌڻين دوران هو عدالت نمبر 3 ۾ پهتو.جتي هن سيشن جج جو موبائيل ٽيبل تان کڻي ۽ اڇلائي رکيو. ۽ سيشن جج کي تنبيه ڪئي ته هو پنهنجو فون گهر رکي ايندو ڪري. جنهن بعد هن سيشن جج کان پڇيو ته توهان صبح کان هيستائين ڪيترا ڪيس ٻڌا آهن جنهن تي هن جواب ڏنو ته هن صرف 3 ڪيس ٻڌا آهن ان تي چيف جسٽس هن کي چيو ته ايتري سست رفتار سان ڪم ڪندا ته عوام کي انصاف ڪيئن ملندو. انکانپوءِ چيف جسٽس بار ڪائونسل جو دورو ڪيو جتي هن وڪيلن سان ملاقات ڪئي ۽ هنن کي چيو ته توهان جي هڙتالن سان مونتي ڪو به فرق نه ٿو پوي. پنهنجي سيٽ ڇڏي انصاف ڏيڻ لاءِ نڪتو آهيان. ان کان پوءِ چيف جسٽس ثاقب نثار چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي يورولاجي ڊپارٽمينٽ جي چوڌاري گندگي جي ڍيرن ۽ ليبارٽري جي خراب صورتحال تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس چانڊڪا اسپتال ۾ داخل مريضن کان دوائن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. ان بعد چيف جسٽس شيخ زيد اسپتال پهچي ويمن او پي ڊي جو دورو ڪيو.

