صاف هوا، پاڻي، زمين ۽ زنده جاندارن جي صحتمند زندگي لاءِ جيڪڏهن ھن وقت ڪا موت مثل بيماري آھي ته اُها آهي پلاسٽڪ بيگ جي بي پناھ تيزي سان وڌندڙ وبا. اهي بيگ، جيڪي بازارن ۾ سامان سان گڏ وٺي ايندا آھيون، اصل ۾ روزانو ڌرتيءَ جي دشمني وڌائي رھيا آھيون. هِن خاموش قاتل خلاف حڪومتي بندش هڪ سٺو ۽ وقتائتو قدم کنيو آھي، پر اها بندش ايتري ئي اثرائتي تڏھن ٿيندي، جڏھن عوام به ان سان سهڪار ڪري ۽ سماج ان جا ھٿ مضبوط ڪري.
پلاسٽڪ بيگ ظاهري طور تي ته استعمال ڪرڻ سولو ٿو لڳي. هڪ هلڪو، لچڪدار، سستو ٿيلهو، پر هيءَ بيگ زمين تي سالن تائين نه سڙندو، نه ڳرندو آھي ۽ ان جي موجودگي ماحول کي موت جي منھن ۾ جڪڙي رھي آھي. نالن، دريائن، سمنڊن ۽ هوائن تائين، هر هنڌ پلاسٽڪ جو زهر پنهنجا چنبا کوڙي بيٺو آھي.
حڪومت جو قدم قابل تحسين آھي. پلاسٽڪ جي پيداوار، وڪري ۽ استعمال تي بندش جو فيصلو فقط حڪومتي اعلاميو نه، پر هڪ فلسفياڻي فرياد آھي. اها فرياد ڌرتيءَ جي نڙيءَ مان نڪرندڙ اها رڙ آھي، جيڪا انساني بي خبريءَ خلاف احتجاج بڻجي سامهون آئي آھي، پر سوال هي آهي ته ڇا هيءَ رڙ صرف قانونن جي ڪتابن تائين محدود رھندي يا اسان جا ضمير جاڳي، ان فرياد جو جواب ڏيندا؟
دڪاندارن کي گھرجي ته متبادل فراهم ڪن. ڪپڙي يا ڪاغذ جي ٿيلهن جي استعمال کي فروغ ڏين، خريدارن کي گهرجي ته هر ڀيري بازار ويندي پاڻ سان ۽ ڌرتيءَ سان سچائيءَ جو سودو ڪندي گهر مان ٿيلهو کڻي وڃن. اسڪولن، مدرسن، ڪاليجن، مسجدن ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي انهيءَ تبديليءَ کي ثقافتي سڃاڻپ ۾ بدلائڻ گھرجي.
پلاسٽڪ جا نقصان ۽ ان جو حل:
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شھر ماحولياتي گدلاڻ ۾ دنيا جو ٻيو نمبر شهر بڻجي ويو آھي. سنڌ جي وھندڙ دريائن ۽ واھن ۾ ھر روز اسپتالن ۾ پيدا ٿيندڙ پلاسٽڪ جو ڪچرو، روڊ جي آسپاس موجود مال جي واڙن جو ڇيڻو پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آھي. بي شعوريءَ جي انتھا آھي جو ڪن گھرن جي گٽرن جي نالين جا منھن واھ طرف کليل آھن. شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين، ڪچري جا ڍير، بدبوءِ سان ڀريل نالا، هوا ۾ اڏامندڙ ڌوڙ جا بادل ۽ سمنڊ، درياءَ ۾ وھندڙ پاڻي ۾ ترندڙ پلاسٽڪ بيگ ۽ ايستائين جو تفريحي ماڳ ان گدلاڻ کان محفوظ ناھن. سڀ گڏجي ماحول کي موت ڏانهن ڌڪي رهيا آهيون. اکين آڏو گٽر اٿلي رهيا آهن ۽ انهن سڀني جي پاڇي ۾ اسان جي بيحسي آهي جو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو بيجا استعمال ڪري رهيا آهيون، جيڪا هر گھر کان وٺي هر نالي تائين، بيخوفيءَ سان پکڙجي وئي آهي.
پلاسٽڪ بيگ خاموش قاتل:
ان جي استعمال سان گٽر بند ٿي وڃن ٿا، بارش جو پاڻي گهٽ نيڪاسيءَ جي ڪري روڊن تي ڦهلجي وڃي ٿو، جيڪو حادثن جو سبب بڻجي ٿو. پاڻيءَ جي وهڪري سان گڏ نالن مان نڪري دريائن، واهن ۽ آخرڪار سمنڊ تائين وڃي پهچي ٿو. آخر ۾ سامونڊي حياتي ختم ڪري ٿو ۽ انهن مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميائي جزا، انساني صحت لاءِ زهر بڻجن ٿا.
هوا، پاڻي، ڌرتي هر شيءِ آلوده:
جتي پلاسٽڪ بيگ کليل ڪچري سان گڏ ساڙيا وڃن ٿا، اتي هوا زهر بڻجي ڦهلجڻ لڳي ٿي. ٻارن، پوڙهن ۽ حاملا عورتن جي ڦڦڙن تي حملو ڪندڙ هوا، اسان جي پنهنجي هٿن جو پيدا ڪيل عذاب آهي. نيڪاسي جو خراب نظام، جتي جتي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون جمع ٿين ٿيون، اتي اتي پاڻي بيهي ٿو ۽ گندگي جي پاڇيءَ ۾ جراثيم پرورش وٺن ٿا.
پلاسٽڪ نه رڳو پاڻيءَ کي آلوده ڪري ٿو، پر زرخيزيءَ واري مٽيءَ کي به بنجر ڪري ٿو. اهو نه وسارجي ته زمين مان ڦٽندڙ ٻوٽا اسان جي زندگيءَ جو سرچشمو آهن ۽ مٽيءَ کي پلاسٽڪ زهريلو بڻائي رهي آهي ۽ ان جي زرخيزيءَ کي متاثر ڪري رهي آهي.
حل؟ قانون کان اڳ شعور جي ضرورت:
ڪيترائي ڀيرا حڪومت طرفان پلاسٽڪ بيگ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، پر هي پابنديون به ڪاغذن جي قيد مان ٻاهر نه نڪتيون. ڇو ته اسان پاڻ به پنهنجي ڌرتيءَ سان لاڳاپيل فڪر کان بي نياز آهيون. جيڪڏهن شعور، سچائي ۽ سنجيدگي سان گڏجي هر ماڻهو پنهنجي حصي جو فرض نڀائي ته ماحول سان پيار ڪرڻ ڪو وڏو ڪم نه رهندو.
اسان کي گهرجي ته ڪپڙي يا ڪاغذ جا ٿيلها استعمال ڪريون، ڪچري جي مناسب نيڪالي لاءِ مقامي ادارن کي مجبور ڪريون، اسڪولن، مدرسن ۽ پاڙن ۾ ماحول دوست مهمون هلايون ۽ سڀ کان اهم، نئين نسل کي ماحول بابت ڄاڻ ڏيون پوءِ اھو ڏينھن پري ناھي جو اسين به نئين نسل کي ھڪ صحت بخش ماحول فراھم ڪري سگھون ٿا.
آخري التجا:
هيءَ ڌرتي صرف اسان جي نه، پر ايندڙ نسلن جو مستقبل آهي. پلاسٽڪ جي بيجا استعمال سان اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي نقصان پهچائي رهيا آهيون. هڪ باشعور فرد جي حيثيت سان پنھنجي دل کان سوال وڌيڪ اهم آهي.
“ڇا مان پنهنجي ڌرتيءَ کي زهر ڏيڻ چاهيان ٿو؟” اسان جي شهرن جي ڪچري ڪونڊين کان وٺي نالن جي اٿلي پوڻ تائين سبب پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آهن. اسان کي هڪ باشعور انسان وانگر هن ڌرتيءَ تي رهڻ لاءِ پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ جو احساس اجاڳر ڪرڻو پوندو ۽ هن پلاسٽڪ جي ٿيلهين مان جان ڇڏائڻي پوندي.