“آهني رياست” واري تصور کي اڃان چٽو ڪرڻ ڏانهن وک وڌائيندي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پنهنجي ايڊيشنل رجسٽرار (نصاب) انجنيئر اوصاف محمود ملڪ جي صحيح سان 10هين اپريل 2025ع تي هڪڙو مراسلو جاري ڪيو، جنهن اندر انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ “نظريهءِ پاڪستان”، “فهم قرآن 1” ۽ “فهم قرآن 2” جي نالن سان نوان لازمي مضمون شامل ڪرڻ جون هدايتون ڏنل آهن. اهي نوان مضمون اڳ ۾ ئي موجود “پاڪستان جو اڀياس” ۽ “اسلاميات” کان علاوه آهن.
ان مراسلي ۾ ڄاڻايل آهي ته “فهم قرآن” جا ٻه لازمي مضمون صرف مسلمان شاگردن لاءِ آهن، پر مراسلي ۾ اهو ڄاڻايل نه آهي ته ساڳين مضمونن جي جاءِ تي غير مسلم شاگرد ڇا پڙهندا؟ پنجاب جي ادارن ۾ اهي مضمون گھٽ ۾ گھٽ ٽن ورهين کان پڙهائجن پيا، جتي غير مسلم شاگردن لاءِ ڪوبه متبادل مضمون اڃان تائين متعارف نه ٿي سگھيو آهي. تنهن جو مطلب ته پنجاب جي ادارن ۾ اهي مضمون عملي طور مسلم توڙي غير مسلم سمورن شاگرن جي مٿان لازمي لاڳو ٿي چڪا آهن. بلڪل ايئن ئي جيئن “مطالعه پاڪستان” جو مضمون پاڪستاني ادارن اندر پڙهندڙ غير ملڪي شاگردن مٿان پڻ لازمي رهندو اچي.
انجنيئرنگ پروگرامن جي “غير انجنيئرنگ” ڀاڱي ۾ پنهنجي مرضيءَ جا مضمون داخل ڪرائڻ وارو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو هدايت نامو اعليٰ تعليمي ادارن جي خود مختياريءَ مٿان ڌڪ آهي. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، جنهن جو اصل مينڊيٽ رڳو ملڪ اندر انجنيئرنگ جي پيشوراڻي خدمتن ۽ انجنيئرنگ تعليم جي ريگيوليشن آهي، سو هاڻي نصابي مائيڪرو مئنيجمينٽ ۾ ملوث ٿي ويو آهي، جنهن سان يونيورسٽين جو پنهنجي شاگردن جي بهترين مفادن وٽان نصاب جوڙڻ وارو اختيار متاثر ٿي رهيو آهي. ذڪر هيٺ آيل مراسلي جي گهري مطالعي مان معلوم ٿيندو ته غير انجنيئرنگ ڀاڱي جي ڪل 42 ڪريڊٽ آورز مان رڳو 2 ڪريڊٽ آورز ئي يونيورسٽين جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهن.
انجنيئرنگ ڪائونسل جو اهڙو فيصلو “حقيقت پسنداڻي ۽ پيشوراڻي انجنيئرنگ قابليتن توڙي اخلاقيات سان موافق معيارن جي پاسداري ڪرڻ” واري نصب العين سان متصادم آهي. پنهنجي“عالمي معيارن جي پاسداري” واري دعويٰ تي پورو لهندي، ڇا پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ڪو هڪڙو اهڙو مثال پيش ڪري سگھندي، جتي انجنيئرنگ تعليم جو ڪو ضابطياتي ادارو مذهبي تعليم لازمي پڙهائڻ جي سفارش ڪندو هجي؟ پِي اِي سِي ايڪٽ 1976ع تحت، ڪائونسل کي اختيار آهي ته پهرين ۽ ٻين شيڊيولز جي پروگرامن جي تسليميءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ گھربل مطالعي ۽ عملي تربيت جو تعين ڪري، پهرين شيڊيول ۾ اهي پروگرام شامل آهن، جيڪي پاڪستاني ادارا هلائين ٿا، جڏهن ته ٻئي شيڊيول ۾ اهي پروگرام شامل آهن، جيڪي بين الاقوامي ادارا هلائين ٿا. 13 جنوري 2025ع تي جاري ڪيل پِي اِي سِي جي پنهنجي پڌر نامي پٽاندر، يُو ڪي انجنيئرنگ ڪائونسل، يورپيئن فيڊريشن آف نيشنل انجنيئرنگ ايسوسيئيشنز ۽ ڪن چيني ادارن جا تسليم شده پروگرام ٻين شيڊيول ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ظاهر آهي ته انهن مان ڪنهن به پروگرام جي نصاب ۾ “مطالعه پاڪستان”، “نظريه پاڪستان”، “اسلاميات” يا “فهم قرآن” وارا مضمون شامل نه آهن. تنهنڪري، ملڪي ادارن جي شاگردن مٿان اهي مضمون مڙهڻ پِي اِي سِي جي پنهنجي معيار سازيءَ واري طئي شده دائري جي اورانگهه آهي، جيڪو فقط “گهٽ ۾ گهٽ معيار” طئي ڪرڻ تائين محدود آهي.
عالمي سطح تي انجنيئرنگ نصاب جي “غير انجنيئرنگ” ڀاڱي ۾ رياضيات، فطري سائنسون، انتظام ڪاري ۽ بشريات جا متفرق مضمون جهڙوڪ: وزوئل آرٽس، ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، مقبول ثقافت، صنفيات اخلاقيات، قانون، هيومن جاگرافي، مانسڀياس (Anthropology) ۽ آرڪيالاجي شامل آهن. رياضيات کي انجنيئرنگ جي زبان تصور ڪندا آهن، جڏهن ته ٻيا سمورا مضمون ان لاءِ سيکاربا آهن ته جيئن استقبالي انجنيئرن کي اهڙا سافٽ اسڪلز ڏئي سگھجن جيڪي کين سندن چوڌاري موجود دنيا کي وسيع تناظر ۾ سمجھڻ جهڙو بنائين. بدقسمتيءَ سان، پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا يا ته انهن اهم مضمونن کي نظرانداز ڪندا اچن يا کين اهڙي عمل تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جنهن سان اعليٰ تعليم جو احاطو تمام تنگ ۽ اسان جا انجنيئر تنگ نظر ٿي پيا آهن. نتيجي طور پاڪستاني اعليٰ تعليم مکيه تدريسي قدرن جهڙوڪ: پنهنجائپ Adaptability، تخليقيت Creativity ۽ آزاد سوچ کان خالي ۽ پاڪستاني انجنيئر عالمي سطح تي تسليم شده پيشوراڻي روايات ۽ دستور کان وانجھيل رهجيو وڃن.
“نظريه پاڪستان” ۽ “فهم قرآن” جا نوان لازمي مضمون پنجاب حڪومت جو ذهني اختراع آهن. انهن مضمونن کي ملڪي سطح تي لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي وسيلي طور استعمال ڪندي، وفاقي حڪومت پنهنجي آئيني حدن کي اورانگھيو آهي، انهن اختيارن جي لتاڙ ڪئي آهي جيڪي 18 هين ترميم کانپوءِ خالصتن صوبائي اسم آهن ۽ پنجاب جون سخت گير مذهبي پاليسيون ٻين صوبن مٿان مڙهيون ويون آهن. بنا وڌيڪ دير جي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کي صوبائي ۽ تدريسي ادارن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي خود مختياريءَ جو احترام ڪرڻ گھرجي.
هن وقت مهراڻ يونيورسٽي اهي مضمون جلد بازيءَ ۾ نئين ايندڙ بيچ مٿان مڙهڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهي آهي. سڀني شعبن جي نشستمانن Chairmen کي زباني حڪم نامه ڏنا پيا وڃن ته انهن نون مضمونن کي پنهنجي پروگرامن جي نصاب ۾ شامل ڪن. جڏهن ته اها ذميواري يونيورسٽيءَ جي مرڪزي انتظاميه جي آهي ته سڀ کان اڳ ۾ “فهم قرآن” وارن مضمونن جو سليبس تيار ڪرائي، پر نه سليبس تيار آهي ۽ نه ئي غير مسلم شاگردن لاءِ ان جو متبادل مضمون تيار آهي. ان جي باوجود جلد بازيءَ ۾ سڀني شعبن مٿان دٻاءُ وجھندي “فهم قرآن” جا ٻه مضمون لاڳو ڪرائڻ جي پٺيان ڪنهن ڳجھي طاقت جو دٻاءُ ڪار فرما آهي. متبادل مضمون جي وضاحت کانسواءِ “فهم قرآن” جا ٻه مضمون انجنيئرنگ پروگرامن جي رٿا جو حصو ٿي وڃڻ کانپوءِ اهي غير مسلم شاگردن مٿان به پاڻ مرادو مڙهجي ويندا. اها ڦڙتي ڏيکارڻ بجاءِ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي ذميواري آهي ته سنڌ حڪومت خاص طور هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ سان مشورو ڪن ۽ ان کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڄاڻائين. اعليٰ تعليمي ادارن کي ۽ سنڌ جي سماجي توڙي استاد تنظيمن کي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اهڙي هدايت نامي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اهو قدم ڪائونسل جي پنهنجي ايڪٽ ۾ ڄاڻايل مينڊيٽ کان تجاوز آهي.