ايران آبنائي هورمز بند ڪرڻ جو فيصلو، هڪ افواهه!!
ھرھڪ ملڪ ۽ قوم جي ھڪ ڊفينس لائين ھوندي آھي. ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار هن وقت ايران وٽ اسٽريٽ آف ھورمز آھي. اسرائيل، ايران جنگ جيڪا هاڻ ائين چئجي ته ختم ٿي چڪي آهي، پر يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ته اها وري ڪڏهن شروع ٿي وڃي. اسرائيل جي اڳرائيءَ جو جواب ته ايران ڀرپور ڏنو، پر آمريڪا پاران ايران مٿان بمباري ڪرڻ کانپوءِ اسلامي توڙي غير اسلامي ملڪ خوف ۾ وٺجي ويا ۽ مٿن سڪتو طاري ٿي ويو، ڇو ته اهي ملڪ هن مهل تائين آمريڪا جي داڻي تي چڳيا آهن. تنهنڪري آمريڪا کين اکيون ڏيکاري رهيو هو ته جيڪڏهن سندس ساٿ نه ڏيندا ته کين سبق سيکاريو ويندو. جنگ جي دوران ايران چئني پاسن کان گهيري ۾ آيل هو ۽ آمريڪا ايران جي سرحدي ملڪن تي دٻاءُ وڌائي رهيو هو ته اڏا ڏيو ته ايران مٿان حملا ڪيا وڃن. ماضيءَ ۾ پاڪستان اها غلطي ڪئي ۽ افغانستان مٿان بمباري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي آمريڪا کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏني جنهن جو پاڪستان اڄ ڏينهن تائين حساب ڏيئي رهيو آهي. بهرحال ايران وٽ آخري آپشن صرف اھوئي بچيل آهي ته هو پنهنجي دفاع لاءِ اسٽريٽ آف هورمز بند ڪري ۽ ڪجهه اطلاع جيڪي مختلف افواهن جي صورت ۾ پکڙيل آهن، انهن مطابق ايران اسٽريٽ آف هورمز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر جيئن ته آمريڪا جي وچ ۾ پوڻ کانپوءِ جنگبندي واري اعلان کانپوءِ هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ايران سان وري ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي ته ايران ان سامونڊي رستي کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ٿو. جنهن جا نتيجا اهي نڪرندا جو پوري مڊل ايسٽ جو اڌ تيل نڪرڻ بند ٿي ويندو. ھڪ پاسي کان يمني حوثي ڳاڙھو سمنڊ (ريڊ سي) بند ڪيو ويٺا آھن. ٻئي پاسي کان ايران اسٽريٽ آف ھورمز بند ڪيو ته پوري دنيا ۾ تيل جي سپلاءِ شديد متاثر ٿيندي. ايران اسٽريٽ آف هورمز Strait Of Hormuz کي بند ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ئي ڪندو، جڏهن سندس ساهه گُهٽيو ويندو. آمريڪي صدر اسرائيل جي طرفداري ڪري هڪ ته هن جنگ جي وچ ۾ ٽپي پيو ۽ پوءِ وري امن جون ڪوششون ڪري پنهنجي لاءِ نوبيل پرائز کٽڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايران جي جوهري پروگرام کي به پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، پر وقت هميشه ساڳيو نه ٿو رهي ۽ وقت ملڪن ۽ قومن جي لاءِ تبديل ٿيندو رهندو آهي. ان ڪري اسلامي ملڪن کي پنهنجن مفادن جو خيال ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران جو به خيال ڪرڻ گهرجي، جيڪو هڪ اسلامي برادر ملڪ آهي، جيڪڏهن ڪو ملڪ آمريڪا کي پنهنجي سر زمين ڏيندو ته يقينن ايران پنهنجي مفاد ۾ ان ملڪ جي خلاف قدم کڻي آمريڪي اڏن مٿان ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. جيئن هن ڀيري قطر ۾ آمريڪي اڏي تي حملو ڪري ڪارروائي ڪئي وئي. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ٽرمپ سڄي دنيا جي اڳيان ان ڳالهه جو اعلان ڪيو آهي ته ايران ان حملي کان پهرين آمريڪا کي اطلاع ڏنو جنهن جي ڪري آمريڪا پنهنجا سڄا اثاثا محفوظ ڪري ورتا ۽ اتي ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. هتي آمريڪي چال ظاهر ٿي آهي ۽ چوندو پيو اچي ته ايران مسلم ملڪن تي حملا پيو ڪري يعني هڪ ڀيرو ٻيهر تفرقي وارو ماحول پيو جوڙي، پر پوري دنيا سمجهي ٿي ته ايران جو هر عمل پوري مسلم دنيا لاءِ پائيدار آهي، جڏهن ايران تي مصيبت هجي ته مسلم ملڪن کي يهودين بجاءِ ايران جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، پر آمريڪا جي جارحيت جو ساٿ ڏيئي مسلم ملڪ يزيدي ڪردار اپنائي رهيا آهن، جنهن جو رستو روڪڻ پڻ ايران جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي، ان ڪري جيڪڏهن ايران اسٽريٽ آف هورمز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ها ته يقينن اها ان سڄي صورتحال کي اڃا وڌيڪ تشويشناڪ بڻائي ڇڏي ها ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي مفادن کي ڌڪ لڳي ها. جنهن جي نتيجي ۾ ممڪن آهي ته جنگ اڃا وڌيڪ خطرناڪ صورتحال ۾ تبديل ٿي وڃي ها. ڇو ته اسٽريٽ آف هورمز (Strait of Hormuz) هڪ تمام اهم سامونڊي رستو آهي، جيڪو وچ اوڀر جي سامونڊي تجارت، خاص طور تي تيل جي برآمدات لاءِ انتھائي اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن ان جو جاگرافيائي جائزو وٺجي ته هي رستو ايران ۽ عمان جي وچ ۾ واقع آهي. هيءَ تنگ پٽي خليجِ فارس (Persian Gulf) کي عمان جي نار (Gulf of Oman) ۽ عرب سمنڊ سان ملائي ٿي، ان جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 167 ڪلو ميٽر آهي. جڏهن ته 39 کان 97 ڪلو ميٽر ويڪرو آهي، ان جي اهميت هيٺين نقطن مان ظاهر ٿئي ٿي.
عالمي تيل جي فراهمي جو هڪ وڏو حصو، تقريبن 20 سيڪڙو روزانو استعمال ٿيندڙ تيل هن رستي مان گذري ٿو.
عالمي واپار ۽ توانائي جي مارڪيٽن لاءِ هي مقام انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن ايران ڪنهن به جنگي صورتحال ۾ ان کي بند ڪري ڇڏيو ته ڪيترن ئي ملڪن جي تيل جي سپلائي بند ٿي سگهي ٿي.