شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام صرف شاعراڻو جمال ناهي، پر اهو پنهنجي اندر هڪ سماجي شعور، اخلاقي جرئت ۽ ظلم خلاف آواز جي صورت ۾ بغاوت جي چراغ وانگر روشن نظر اچي ٿو. ڀٽائي پنهنجي بيتن جي سرن ۾ صرف محبت ۽ فراق جا داستان نه ٻڌايا، پر انهن داستانن جي ڇپر هيٺ وقت جي سماجي ڍانچي، خاص ڪري وڏيرا شاهي، قبيلائي نظام ۽ طبقاتي تفاوت تي تيز تنقيد پڻ لڪيل آهي. سر سسئي ۽ مارئي ڀٽائي جي انهيءَ فڪر جو بهترين مظاهرو آهن، جن ذريعي هو مظلوم عورت جي زبان مان پورهيتن، وطن پرستن ۽ بي اختيار انسانن جي حق ۾ مزاحمت جي صدا بلند ڪري ٿو.
سسئي سچ جو سڏ:
سسئي جي ڪردار ۾ شاھ ڀٽائي وڏيرا شاهي جي جبر، ظالماڻي مرداڻي سماج جي نفسيات ۽ جاگيرداري نظام جي انهن سختين کي پيش ڪري ٿو، جن عورت کي فقط هڪ جسم، لذت ۽ غيرت جو نالو ڏئي قيد ڪيو. سسئي جو محبوب پنهون ڪو عام مرد ناهي، بلڪه هڪ نواب زادو آهي، جنهن جي محبت تي سسئي جي دعويٰ سماجي قانونن جي ابتڙ آهي. سسئي جو پنهون لاءِ ريگستاني سفر ڪرڻ، پنهنجي عزت، خاندان ۽ سڄي سماج جي روايتن خلاف وڃڻ، دراصل سنڌ جي عورت جي شعوري بغاوت آهي. ڀٽائي هن بيانيي سان وڏيرا شاهي جي ان نظرئي کي چئلينج ڪري ٿو، جتي عورت کي خاموش، مظلوم ۽ نام نھاد غيرت جي نالي ۾ قيد رکيو ويندو هو.
سسئي جي زبان مان ڀٽائي چوي ٿو:
ڪَنڊا مون پيرَنِ توڙي لک لڳن
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانھن پرين جتي ذات نه پايان
هتي “ڪنڊا مون پيرن” جو تصور فقط جذباتي هجڻ نه آهي، بلڪه سماج جي انهن وڻندڙ جذبن جو ترجمان آهي، جيڪو ظالم وڏيرن، سردارن ۽ قبيلائي چڪرن خلاف باغيانه نغمو بڻجي اڀري ٿو.
مارئي مٽيءَ جي محبت ۽ وطن جي وفاداري:
سر مارئي ۾ ڀٽائي وطن جي محبت کي وڏيرن جي جبر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڪ، اعليٰ ۽ پاڪيزه ڏيکاري ٿو. مارئي کي جڏهن عمر سومرو جهڙو طاقتور حڪمران اغوا ڪري ٿو، ته هوءَ سندس محل، آرام، زيورن ۽ لالچن کي لتاڙي، پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءَ کي ترجيح ڏئي ٿي. هيءَ بغاوت فقط عمر سومري خلاف نه آهي، بلڪه انهيءَ سموري جاگيرداري نظام خلاف آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي آزادي، خواهشن، ۽ سچائيءَ کي طاقت سان دٻائڻ ٿا چاھين.
مارئي ڀٽائي جي زبان مان چوي ٿي:
واجھائي وَطَنَ کي آئون جي ھت مياس
گور منھنجو سومرا ڪج پنهوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھَه جي منجھان ولڙين واس
ميائي جياس جي مڙھ وڃي ملير مون
اهو آواز ته مٽيءَ سان محبت جو آهي، پر ان ۾ وڏيرا شاهي جي استحصالي قوتن خلاف اعلان جنگ به سمايل آهي. مارئي ڀٽائي جي زباني مرڻ ته قبول ڪري ٿي، پر جاگيرداڻي ۽ وڏيرا شاھي جي فرسوده نظام آڏو جهڪڻ پسند نٿي ڪري. ڀٽائي، مارئي جي صداقت، وفاداري ۽ خودداري کي نغمي جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، جيئن مظلوم طبقن جي سيني ۾ حوصلو، جرئت ۽ مزاحمت جا ڏيئا روشن ٿين.
ادبي پيرايه ۽ سماجي شعور:
شاھ ڀٽائي پنهنجن بيتن ۾ وڏيرن جو نالو وٺي تنقيد نٿو ڪري، پر هو علامتي انداز سان اهڙا ڪردار پيدا ڪري ٿو، جيڪي ظلم کي وائکو ڪن ٿا. ڀٽائي جي سورمين جا ڪردار اهڙا آئينه آهن، جن ۾ سماج جي اونداهين جو عڪس صاف نظر اچي ٿو. ڀٽائي جو اسلوب ادبي، روحاني ۽ جمالياتي آهي، پر ان جي ڌارا ۾ حقيقت جي تيز لهر وهندي آهي، جيڪا جاگيردارن جي محلاتي سازشن کي وائکو ڪري ڇڏي ٿي.
سنڌي شعور جو مظلومن لاءِ پيغام:
سسئي ۽ مارئي صرف افسانوي ڪردار ناهن، اهي سنڌ جي ڌرتيءَ جا مزاحمتي استعارا آهن. سسئي پنهنجي جسماني تڪليفن سان ۽ مارئي پنهنجي اخلاقي عظمت سان، سنڌي سماج کي سيکارين ٿيون ته وڏيرو، حڪمران يا سردار ڪڏهن به انسان جي زنده ضمير، محبت ۽ اظھار جي آزاديءَ تي قبضي جو حق نٿو رکي. ڀٽائي جو هي پيغام اڄ به اسان لاءِ هڪ اخلاقي رهنمائي آهي ته ظلم جي سامهون خاموش رهڻ گناھ آهي ۽ پنهنجي مٽي، عزت ۽ مقصد لاءِ جاکوڙ زندگيءَ جو اصل حسن آهي.
آخري اکر:
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام صدين کانپوءِ به زنده آهي، ڇو ته اهو وقت جي جبر، سماجي نابرابري ۽ جاگيرداري نظام خلاف هڪ زنده آواز آهي. سسئيءَ جي پڪار ۽ مارئيءَ جي ديس پرستيءَ ۾ فقط شاعراڻو احساس ناهي، بلڪه عوامي شعور، سياسي سوچ ۽ سماجي انصاف جو عڪس موجود آهي. ڀٽائي پنهنجي سرن ۾ سورمين جي زباني مظلومن لاءِ آواز بلند ڪري اهو ٻڌائي ٿو ته شاعر صرف حسن جو پرستار نه، پر حق جو علمبردار به هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري اڄ به سماجي تحريڪن لاءِ الهامي پيغام جو سرچشمو آهي.