نئون

اسحاق ڊار برطانيه کان سياسي پناهه گهري ورتي

خبرن موجب برطانيه ۾ موجود اڳوڻي وزير خزانه اسحاق ڊار برطانوي حڪومت کان سياسي پناهه گهري ورتي آهي. هن پنهنجي خراب صحت ۽ پاڪستان اندر پنهنجي لاءِ مشڪل حالتن ڪارڻ پناهه جي گهر ڪئي آهي. واضح رهي ته اسحاق ڊار پنهنجي خلاف نيب ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو. ٻئي طرف عدالت پاران هن کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي.