بلاگنئون

ڊائري

اپريل 6، 1973

اڄ يادن جا در کُلندا ٿا وڃن. وقت مونکي جيئن پوءِ تيئن پٺيان ڌڪيندو ٿو وڃي. ماضي مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو آهي.

***

اپريل 14، 1973

سوال: اسانجي زندگي ڇا آهي؟

اسانجي زندگي ڪجهه به ڪونهي، اسين ڪجهه به ناهيون. اسين هن ڪائنات جا محض هڪ معمولي ذرا. اسين روز جيئون ٿا، روز مرون ٿا. اسان جي وس ۾ ڪجهه ڪونهي. اسانجي زندگي معنيٰ وڃائي چڪي آهي. اسين بي مقصد ۽ بيڪار آهيون. اسانجو وجود اجايو آهي.

انهن حالتن جي باوجود به، تنهنجو هن وقت زنده وجود ؟ توکي ته مرڻ گهرجي؟ تون زنده ڇو آهين؟

جواب: هر شئي کان محروم هوندي نامناسب حالتن ۾ به آئون زنده آهيان ۽ زنده رهندس. انسان کي مستقبل ۾ ايندڙ بهتري ۾ يقين هوندو آهي ۽ مون کي پنهنجي زندگي جي مقصد ۽ پورهيئي مان اميد آهي. مون وٽ سڀ ڪجهه هوندو، سڀ ڪجهه ملندو، اهو مقام ملندو جيڪو هڪ سچي زندگي کي ملندو ۽ پوءِ اسانجو وجود اجايو نه رهندو، اسانجي زندگي بيڪار نه هوندي، اسين پنهنجي مرضي سان جيئنداسين. اهو مونکي يقين آهي. انهيءَ ڪري آئون زنده آهيان.

***

اپريل 18، 1973

چانڊاڻ عروج تي آهي. اڄ چنڊ جوان آهي. رات حسين آهي. چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان ۾ جرڪي رهيو آهي.

***

اپريل 19، 1973

ڪالهه سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز سان هڪ ننڍڙي ملاقات جو شرف حاصل ٿيو… هيئن ٿيو جو ڪجهه ڏينهن اڳ “سهڻي” جي ايڊيٽر طارق اشرف اسان کي چيو هو ته شيخ اياز جون چند تصويرون گهرجن، شيخ صاحب حيدرآباد اچي ته مان اوهان کي ٻڌائيندس پوءِ تصويرون ڪڍجو. آئون ۽ نورو ته اڳي ئي تيار هئاسين. اصل موقعي جي انتظار ۾ هئاسين ته ڪڏهن ٿو اياز سائين جون تصويرون ڪڍڻ جو موقعو ملي. ڪالهه اوچتو نورو کي رستي تي پليجو صاحب ملي ويو، تنهن نورو کي ٻڌايو ته اياز صاحب هتي آيل آهي، فاران هوٽل ۾ ترسيل آهي. اسان فورن معلومات ورتي ۽ شام جو چئين بجي ڪيمرائون وغيره کڻي فاران پهتاسين. اياز سائين هوٽل جي 57 نمبر روم ۾ ترسيل هو. اسان روم جي ٻاهران اچي بيٺاسين. اندر وڃڻ يا آواز ڪرڻ جي همت اسان مان ڪنهن به نه ڪئي. ڪجهه دير ترسي در تي هلڪو آواز ڪيوسين. فورن اندران سائين جو آواز آيو ۽ اسين در کولي اندر گهڙي وياسين. اسان ڏٺو: بلڪل سامهون ڪرسيءَ تي اياز ويٺو هو. اياز شايد هينئر هينئر ننڊ مان اٿيو هو. وار ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. کيس سنهو وائلي جو ڪُڙتو اڇي شلوار پيل هئي، هٿ ۾ سگريٽ هو ۽ اڳيان ٽپائي تي ٿرماس سان گڏ پاڻي جو هڪ گلاس رکيو هو. ولس سگريٽ جو پاڪٽ ماچس ۽ هڪ رسالو رکيل هئا. اسان جيئي سنڌ چئي بيهي رهياسين. شيخ صاحب اسان کي بلڪل ڪونه سڃاڻندو هو. اسان کان ٿورو رعب ۾ پڇئين ڇا آهي بابا؟ اسان فورن پنهنجي مدعا ٻڌائي ته توهان جي ڪجهه تصويرن جي لاءِ طارق اشرف اسان کي چيو هو ته شيخ صاحب حيدرآباد اچي ته پوءِ تصويرون وٺجو. اسان ٻڌو توهان هتي آيل آهيو اسان هليا آيا آهيون. اسان جي ڳالهه ٻڌي اياز سائين ٿورو سوچيو ۽ پوءِ تمام نرمائي سان چيائين ته: “ويهو مان منهن کي ڪجهه پاڻي هڻي وٺان ۽ ڪپڙا به بدلائي وٺان”. اسان محسوس ڪيو ته هن وقت اياز ساين جون تصويرون ڪڍڻ مناسب ناهن. انهيءَ ڪري اسان چيو ته: “ٺيڪ آهي اسان پوءِ ٿا اچون”. شيخ صاحب چيو: “ٺيڪ آهي مان تيار ٿي وٺان پوءِ ٿوري دير رکي ساڍي پنجين پوڻي ڇهين بجي اچجو”. اياز چيو: “فوٽو سوٽ ۾ نڪرندا يا شلوار قميض ۾؟

نورو چيو: “سائين سوٽ وڌيڪ سٺو لڳندو”.

اياز چيو: “پنهنجو سڌورو سنڌي لباس بهتر ٿيندو”. مون چيو: “ٺيڪ آهي شلوار قميض سٺي ٿيندي” ۽ پوءِ اياز سائين اسان کي طارق ڏانهن هڪ نياپو پهچائڻ واسطي چيو ۽ پوءِ اسان وري اچڻ جو چئي هليا آياسين. ڪلاڪ منون اسان بيچيني سان انتظار ڪندا رهياسين. اسانکي ڊپ پي ٿيو، اسان کي اياز سائين جي شخصيت جو روب ويٺل هو ۽ خوشي به ٿي رهي هئي ته اسان کي سنڌ جي هن عظيم فرزند جي تصويرن ڪڍڻ جو شرف حاصل ٿي رهيو هو، اسانکي سنڌ جي هن سچي سڄڻ جون تصويرون ڪڍڻيون آهن.

بهرحال ساڍا پنج ٿيا اسان پنهنجا سامان کنيا ۽ فاران پهتاسين، روم ۾ گهڙياسين ته اياز هڪ ٻي شخص سان مصروف گفتگو هو، ميز تي ڪاغذ پيل هئا، شايد ڪنهن قانوني ڪيس جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئا. اسانکي ڏسي شيخ صاحب کيڪاريو. سلوار ۽ قميض ۾ سائين تيار ٿيو ويٺو هو ۽ پوءِ هن اسانکي تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏني ۽ اسان شروع ٿي وياسين. مختلف طريقن سان ۽ مختلف پاسن کان اسين تصويرون ڪڍندا رهياسين. شيخ اياز به ٿوري دير کانپوءِ تصويرن ڪڍائڻ جي موڊ ۾ اچي ويو. ڪجهه پوز هن پنهنجي مرضي سان ڪڍرايا. انهيءَ وچ ۾ ابراهيم جويو صاحب آيو، اُن جي به تصوير ڪڍيسون، هڪ هڪ تصوير مون ۽ نورو به اياز سان ڪڍرائي. تصويرون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز چيو: “ڀلا اهي تصويرون ماکي به ڏيندا؟” اسان چيو: “ها سائين بلڪل، توهانکي انهن مان سٺيون سٺيون تصويرون ٺاهي موڪلينداسين”. اياز چيو: “توهانکي منهنجي ائڊريس جي خبر آهي؟” اسان چيو: “ها سائين”. پوءِ اسان کان اسانجي ائڊريس ورتائين ۽ سنڀالي رکيائين. اسان اسٽوڊيو تي اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا اياز سائين تمام خلوص سان قبول ڪئي ۽ اچڻ جو وعدو به ڪيائين. اسان کان دڪان جو ڏس پتو به پڇيائين.

اهڙي طرح اسان هن عظيم شاعر جون تصويرون ٺاهيون. تصويرون ڪڍڻ کانپوءِ اسين ڏاڍا خوش هئاسين، اسان جي خوشي اها هئي ته اسان شيخ اياز جون تصويرون ڪڍيون آهن.

***