ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان جي آءِ ٽي صنعت ترقيءَ جي راهه تي گامزن

پاڪستان جي آءِ ٽي جي برآمدات مالي سال 2025 ۾ تاريخي سطح تي پهچي وئي ۽ 3 ارب 80 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. اها پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري اهميت حاصل ڪري رهيو آهي. نه صرف ايترو جو ان ۾ واڌ اچي رهي آهي، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي ڊجيٽل خدمتن ۾ اضافو اچي رهيو آهي.

هڪ رپورٽ مطابق ان شعبي جي ترقيءَ ۾ فري لانس ۽ ريموٽ ورڪ سيڪٽر جو وڏو حصو آهي، جنهن ۾ 90 سيڪڙو جو غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن وقت پاڪستان فري لانسنگ مارڪيٽ ۾ دنيا جو ٽيون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي. نوجوان فري لانسرز خاص طور تي گرافڪ ڊزائين، ويب ڊولپمينٽ، ڊيٽا انٽري ۽ ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

حڪومت پاران اهڙيون پاليسيون ٺاهيون ويون آهن جيڪي آءِ ٽي جي مارڪيٽ ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي سپورٽ فراهم ڪري رهيون آهن. حڪومت پاران اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ٺاهي وئي آهي ته جيئن آءِ ٽي ڪمپنين کي ٽيڪس ۾ رعايت، انفرااسٽرڪچر ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون ڏنيون وڃن. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس جهڙوڪ: Airlift, Bykea, Bazaar وغيره ۾ ملين ڊالرن جي سطح ۾ سرمائيڪاري آئي آهي.

هن وقت پاڪستان جون لڳ ڀڳ سڀئي يونيورسٽيون آءِ ٽي جي تعليم کي اهميت ڏئي اپڊيٽ ڪري رهيون آهن. جڏهن ته آن لائين پليٽ فارمن جهڙوڪ: ڊي جي اسڪلز، ڪورسيرا ذريعي به هزارين نوجوان آءِ ٽي سکڻ لڳا آهن. پاڪستان جا نوجوان جيڪي تمام گهڻا تعليم يافته آهن يا جن جو تعلق اهڙن علائقن سان آهي جتي انهن وٽ گهڻا موقعا نه آهن، انهن جي لاءِ آءِ ٽِي جي تعليم تمام گهڻي لاڀائتي ٿي سگهي ٿي ۽ انهن نوجوانن کي آءِ ٽي جا ننڍا ننڍا ڪورس ڪرائي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو هنر سيکاري ملڪ ۽ قوم جي لاءِ تمام وڏو انساني ريسورس پيدا ڪري سگهجي ٿو. اهي نه صرف پنهنجن گهرن بار کڻي سگهن ٿا، بلڪه اهي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهن ٿا.

ايتري وڏي مارڪيٽ هجڻ جي باوجود به اڃان تائين حڪومت انهن سروسز جي لاءِ يا فري لانس ڪم ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪي بنيادي ۽ ضروري قدم نه کنيا آهن، جن جي ڪري اڃان تائين هيءَ مارڪيٽ ان حد تائين ترقي نه ڪري سگهي آهي، جيترو هن مارڪيٽ ۾ پوٽينشل موجود آهي.

سچ اهو آهي ته پاڪستان جا نوجوان تمام گهڻا باصلاحيت ۽ محنتي آهن، پر انهن کي دنيا ۾ مڪمل طور تي فري لانسنگ طور ڪم ڪرڻ جي قانوني حيثيت حاصل نه آهي، ان ڪري انهن کي ان فارمل ورڪرز طور ورتو وڃي ٿو. جن لاءِ ڪوبه واضح ليبر لا موجود نه آهي.

جيڪڏهن ڪو ڪلائينٽ ادائگي نه ڪري، فري لانسر لاءِ پاڪستاني عدالتن يا قانوني نظام ذريعي پنهنجون اجرتون وٺڻ جي لاءِ ڪوبه انصاف جو ذريعو موجود نه آهي. خاص طور تي جڏهن ڪلائينٽ ٻاهرين ملڪن سان تعلق رکندو هجي.

پاڪستان جي فري لانسرز جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پئسن جي وصولي (پئمينٽس) جو آهي، جنهن جي لاءِ عالمي طور تي Paypal هڪ مقبول پليٽ فارم آهي، پر اڃان تائين پاڪستان ۾ اهو پليٽ فارم دستياب ناهي. جنهن جي ڪري فري لانسر مختلف طريقن سان پرڏيهه ۾ ويٺل دوستن جي ذريعي يا رشتيدارن جي ذريعي پنهنجون پئمينٽس وصول ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن کي ان مان ڪميشن به ادا ڪرڻي پوي ٿي.

ڪجهه فري لانسرز بينڪن جي ذريعي مختلف طريقن سان جڏهن پئمينٽ گهرائين ٿا ته انهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. فري لانسرز کي اڃان انڪم ٽيڪس جا چئلينجز به اڳيان آهن، ڇو ته انهن کي خبر ناهي ته انهن جي مٿان ڪهڙا ڪهڙا انڪم ٽيڪس لاڳو ٿين ٿا. پاڪستان جي معيشت تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪري ملڪ کي آءِ ايم ايف جي قرضن کان به آجو ڪري سگهي ٿي، پر ان جي لاءِ اسان جي رياست کي سنجيدگيءَ سان پاليسيون ٺاهڻ جي  ضرورت آهي.

ان جي لاءِ ضروري آهي ته هن انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي تيز انٽرنيٽ فراهم ڪيو وڃي جنهن ۾ ڪوبه خلل نه اچي سگهي ۽ لوڊشيڊنگ کي جيڪڏهن ختم نٿو ڪيو وڃي تڏهن به ان کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن اهڙا نوجوان پنهنجي محنت ۽ هنر سان پرڏيهي ناڻو ڪمائي ملڪ جو بار ونڊائي سگهن. هجڻ ته ايئن گهرجي ته اهڙا پروفيشنل اسپيس ٺاهيا وڃن جتي انهن نوجوانن کي ويهي هڪ سازگار ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جي سهولت مهيا ٿي سگهي، شايد مستقبل ۾ ان شيءِ جو امڪان پيدا ٿي سگهي.

حڪومت کي گهرجي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تي به آءِ ٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ وارن کي سهولتون مهيا ڪري، پر ننڍا ننڍا ڪورس ڪندڙ نوجوانن جي لاءِ به حڪومتي سطح تي اهي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جنهن سان ٽيڪنيڪل ذهن رکندڙ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان پاسي سنجيدگي سان مائل ٿي ڪم ڪري سگهن ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن.