بلاگنئون

نئين بيٺڪي نظام جون ڪوڙِڪِيُون

ٻي عالمگير جنگ جي ختم ٿيڻ سان دنيا جا گھڻا ملڪ بيٺڪي راڄن کان آزاد ٿيا ملڪن جي آزادي جو سلسلو پوئين صدي جي آخري ڏھاڪي تائين جاري رھيو، پر مغربي بيٺڪ راڄ ڪندڙ ملڪن، آزاد ڪيل ملڪن کي مختلف طريقن سان پنھنجي شڪنجي مان نڪرڻ نه ڏنو. جنھن ملڪ نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن ملڪ کي مختلف طريقن سان دٻائيندا رھيا آھن. ڏيتي ليتي بند ڪرڻ ۽  ترقي پذير ملڪن کي انھن ملڪن خلاف قدم کڻڻ تي مجبور ڪرڻ شامل آهن، پر ڪيترائي آزادي پسند ملڪ پنھنجي طريقي جي رستي تي ھلندي ترقي ڪرڻ واري راهه تي هلي رهيا آھن. آقائي ملڪ انھن آزادي پسند ملڪن کي تابعدار ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا دٻاءُ وجھن ٿا انهن طريقن ۾ جنگيون به شامل آهن. مغربي ملڪن جي بيٺڪي راڄ مان آزاد ٿيندڙ ملڪن ۽ ھڪ آزادي پسند ملڪ گڏجي اتحاد ٺاھيو ته پنھنجي معدنيات ۽ سگھه کي گڏ ڪري پنھنجي پنھنجي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي منڊلن جي ادارن کي مضبوط ۽ سھولتون مھيا ڪجن ۽ ڌارين طرفان صدين کان خام مال کي ڳڙڪائڻ جي ھيرَ کي ختم ڪجي ٻئي طرف صدين کان ٻين جي وسيلن کي ھڙپ ڪندڙ ملڪن نئين بيٺڪي راڄ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي مشتمل ڪوڙِڪِيُون تيار ڪيون ته جيئن انهن جي وسيلن ڳڙڪائڻ جو سلسلو جاري رھي سگهي. (الف) ڊجيٽل منتقلي (ب) مصنوعي ذھانت ۽ (ت) سائي معيشت ظاھري ڏيک مطابق ڊجيٽل منتقلي، مصنوعي ذھانت ۽ سائي معيشت فعال ٿيڻ سان معاشي ۽ سماجي منڊل جي مسئلن جو تيزي سان حل  ۽ سھولتن جي فراھم ڪرڻ سان ملڪي ۽ عالمي سماجي معاشي بناوٽ (Landscape) مستحقم ٿيندي، پر انھن ڪوڙِڪِين جي استعمال سان ڪيترا پکي ۽ جانور ڦاسي آقائي شڪارين جو پيٽ ڀريندا. تنھنڪري اصل مقصد تي پردو رکيو پيو وڃي ان پردي ھٽائڻ سان معلوم ٿيندو ته آقائي ملڪن انھن ڪوڙِڪِين جي ڄار کي ھلائڻ واري نظام جي وسيلي ڪھڙي طرح پنھنجي اثر کي قائم رکي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کان ڳجھو رکڻ چاھين ٿا.

جيئن ته ڊجيٽل منتقلي، مصنوعي ذھانت ۽ سائي معيشت جي ڪَلَ جي ٽيڪنالاجي جو ساز و سامان ۽ سافٽ ويئر جي فراھمي سان گڏوگڏ مصنوعي ذھانت جي عملن جو انتظام ڪندڙ الگورٿم جي “ٽيوننگ” آقائي ملڪن وٽ آھي، تنهنڪري ٻين ملڪن جو مڪمل انحصار آقائي ملڪن تي ٿيندو. مطلب ته معلومات، ڊيٽا، انھن جي معيار ۽ ڪمپيوٽنگ پاور تائين رسائي جي اثر کي برآمد ڪرڻ ٻين جي ھٿ ۾ ھوندو، جيڪا انحصار جي ٻئي سطح آهي. جديد ٽيڪنالاجي جو انتظام ۽ استعمال ۽ انھن جي لاءِ ضروري انفرااسٽڪچر تي معروف ڪارپوريشن ۽ ملڪن جي مڪمل اجاداري آھي اهڙن ملڪن کي موقعو ملي ٿو ته ھو پنھنجون شرطون طئي ڪن روين جا نمونا لاڳو ڪن جن جي تحت شعور تي اثر انداز ٿي اھڙو نظريو قائم ڪري حڪومتن ۽ انفرادي طور تي شھرين جي سطح تائين فيصلي سازي ڪرڻ ۾ عمل دخل ڪري سگھن. بنيادي طور تي مختلف قسمن جو ضابطي جو طريقو تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت انسان جي نفسيات جي بناوٽ ۾ داخل ٿي سندس پسند ۽ مزاحمت جي شعور کي نظر اندار ڪندي سندس اختيار حاصل ڪرڻ آھي. اهڙيءَ طرح مصنوعي ذھانت نه رڳو ترقي جو ذريعو بلڪِه دٻاءُ جي هڪ ڪَلِ بڻائي عالمي مقابلي جي محرڪ ھٿيار طور استعمال ڪيو ويندو. مصنوعي ذھانت انسان جي ذھن ۽ دلين ۾ داخل ٿي سندس زندگي گذارڻ جي طريقي سان گڏوگڏ دنيا ۾ طاقت جي ٻيهر ورڇ جو هڪ ذريعو ٿي رھي آھي. ڊجيٽل منتقلي جا حامي ھن غير مشروط قيادت جي پيروي ڪندي “انسانيت جي تقدير جي مالڪن” جي حيثيت سان جيڪو ورهين تائين گڏ رھيا آهن، مستقبل ۾ اُن جي برعڪس ختم ٿيڻ جو خطرو آھي. هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي حل لاءِ هڪ متوازن طريقي جي ضرورت آهي جيڪو اعليٰ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جديد ترقي ۽ معاشي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي انهن جو ماحولياتي پهلو نظر ۾ رکندي اڳتي قدم وڌايو وڃي.

ٻئي طرف ڊجيٽل منتقلي، مصنوغي ذھانت ۽ سائي معيشت جي تاتڻ لاءِ قدرتي وسيلن، بجلي ۽ مٽي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي، جيڪي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن وٽ وڏي مقدار ۾ موجود آھن. تنھنڪري مٿي ڏنل ٽيڪنالاجين جي اڳتي وڌڻ جو بار ترقي پذير ۽ غريب ملڪن جي ڪلهن تي پوندو جيڪي ٽيڪنالاجين جي فائدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ “ڊجيٽل عدم مساوات تي قابو پائڻ” ۾ مدد جي واعدن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪافي لاپرواهي ڪندا اهڙيءَ طرح عالمي ڊيپ اسٽيٽ جو نئين بصيرت وارن منصوبن مصنوعي ذهانت، ڊجيٽيل منتقلي ۽ سائي معيشت يعني ڪوڙِڪِين ۾ ڦاسي پوندا. گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي جي ڪانفرنس ۽ گڏيل قومن تربيت ۽ تحقيق جي اداري (UNITAR) جي اندازن مطابق، AIسسٽم لاءِ معدنيات جي کوٽائي هڪ عالمي معاشي جدوجهد بڻجي رهي آهي. 100 گرام اسمارٽ فون جي پيداوار لاءِ تقريبن 70 ڪلو گرام خام مال جي ضرورت آهي، جيڪو بنيادي طور تي ترقي ڪندڙ ملڪن مان حاصل ڪيو ويندو آهي. اربين اسمارٽ فونز جي پيداوار سان، انهن ملڪن ۾ قدرتي وسيلن ۽ مزدورن جو استحصال هڪ اهم پريشاني آهي. ماهر “معدني بيٺڪي نظام” بابت ڳالهائي رهيا آهن. مصنوعي ذھانت جي تيز رفتار واڌ ۽ ڊجيٽل تبديلي لاڳاپيل صلاحيتن کي وڌائڻ  قدرتي وسيلن ۽ توانائي جي فراهمي جي نظام ۽ پاڻي تي سڌي اثر کانسواءِ ناممڪن آهي. AI معيارن کي سڌارڻ ۽ وڌيڪ مضبوطيءَ سان لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل ناياب زميني ڌاتو هڪ اهم وسيلو آهن. تنھنڪري ناياب زميني ڌاتو، جيڪي تمام محدود ذخيرن سان موجود آهن، جن جي پيداوار وڌائڻ ۽ فراھمي جي ڪري هن وقت مارڪيٽ کي AI جي حل فراهم ڪندڙن جي وچ ۾ واپاري جنگيون شروع ٿيون آهن. مغربي ملڪن جا سياسي اشراف، جيڪي گهڻو ڪري اهڙن مادن کان محروم آهن، دنيا جي اڪثريت ملڪن ۾ جارحاڻي بيٺڪي حڪمت عملي ذريعي سندن ذخيرن تائين لامحدود رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪي لٽ مار ۽ ڦرلٽ جي حد تائين هونديون. “گڏيل مغرب” ترقي پذير ۽ غريب ملڪن مان وسيلن کي ڪڍڻ جاري رکندو، جڏهن ته دنيا جو ڏاکڻو حصو ڊجيٽل تفاوتن کي منهن ڏيندو جيڪو سندن غربت جو سبب بڻبو.  يوڪرائن ۽ آمريڪا جو ھٿيارن جي فراھمي جي عيوضي ۾ ناياب زميني ڌاتن جو معاهدو شايد اِنھن ڪوڙِڪِين جي ھڪ شڪار آھي.

ڪمپيوٽنگ پاور کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ توانائي ۽ پاڻي جو خرچ اڃان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي  (UNCTAD)يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ جي اندازن مطابق، 2018 کان 2022 تائين 13 وڏن ڊيٽا سينٽر آپريٽرن پاران بجلي جو استعمال ٻيڻو ٿي ويو آهي. 2022 ۾ دنيا جي ڊيٽا سينٽرن سڄي فرانس جي برابر توانائي استعمال ڪئي. 460 ٽيراواٽ آور (TWH) ۽ اهو انگ ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويندو. ساڳئي وقت، آمريڪي ڪمپني گوگل صرف 2022 ۾ پنهنجي سروسز کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ 21 ملين ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪيو. ۽ مائيڪرو سوفٽ پنهنجي جنريٽو AI GPT 3 کي تربيت ڏيڻ لاءِ 700 هزار ليٽر صاف پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪيو. جڏھن ته اقوام متحده جو اندازو آهي ته دنيا ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي تائين مستحڪم رسائي کانسواءِ ماڻهن جو تعداد ٻه ارب آهي. مغرب جي مطابق، پاڻي قدرتي ذهانت جي ڀيٽ ۾ مصنوعي ذهانت جي حَمالَ لاءِ وڌيڪ ضروري آهي، ڪٿي ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي مان نڪرڻ جي پويان مصنوعي ذھانت جي پاڻيءَ جي گھرج جي وڌڻ سان ٿيندڙ پاڻيءَ جي کوٽ جو راز ته نه آھي؟

بيٺڪي نظام جوڙيندڙن ھڪ غير منظم سرمائيداري جي شڪاري فطرت جي بدترين روايتن ۾ معاشي اجازت جو هڪ عالمگير نظام تيار ڪيو آهي. انهن جي مطابق، “غير چونڊيل” ملڪن ۾ ڪنهن به معاشي ترقي کي مغرب جي “سائي” معيارن کي پورو ڪرڻ گهرجي. شديد معاشي ترقي جي مرحلي مان گذرڻ کانپوءِ، آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن اينڊ ڊولپمينٽ (OECD) ملڪ هاڻي عالمي اڪثريتي ملڪن جي اقتصادي ترقي کي محدود ڪرڻ لاءِ سياسي طريقا استعمال ڪري رهيا آهن. اهي پاڻ “گندن طريقن” کان نه ڊڄندا آهن. معدنيات جي کوٽائي ۽ پيداوار آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن کان پري ڪئي وڃي. بلاڪ چين، AI، پنجين نسل جي موبائل نيٽورڪ 5G، ۽ “انٽرنيٽ آف ٿنگز” جهڙين نئين ٽيڪنالاجين لاءِ ڊيٽا ٽرانسميشن، پروسيسنگ ۽ اسٽوريج جي وڌندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ CO2 جي اخراج کي گهٽائي نه، پر وڌائي رهي آهي. سڄو شعبو اڳ ۾ ئي عالمي گرين هائوس گيس جي اخراج جو 3 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو خارج ڪري ٿو، جيڪو 2020 ۾ 1.6 گيگا ٽن CO2 جي برابر پهچي ويو ھو. ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج تيزي سان وڌي رهيو آهي. انھن ڪوڙِڪِين جو ڄار ڪھڙي طرح سان شڪار کي مبني نئين بيٺڪي نظام جي ظلم ۽ عدم مساوات کي “ڊجيٽل شڪل ۾” ٻيهر پيدا ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رھيو آھي، جنھن کي روڪڻ لاءِ هڪ منصفاڻي گهڻ قطبي دنيا جي تعمير جو نظام ٺاھڻ جو سنئون سڌو دارومدار اسان جي صلاحيت تي منحصر آهي.