فاشزم، ڊڪيٽيٽرشپ، ٽوٽليٽيرينزم (Totalitarianism)، آٿوريٽيرينزم (Authoritarianism)، آمر بادشاهت ۽ هائبرڊ جمهوريت هي سڀ آمريت جا قسم آهن، جيڪي فرد جي ذاتي زندگي جو احترام، ان جا بنيادي حق ۽ ان جي آزادي جي نفي ڪن ٿا. ياد رهي ته اِهي آزاديون جمهوريت جو روح هونديون آهن. منهنجي نظر ۾ آمريت جو ڪهڙو به قسم هجي يا ڪنهن به نظريي تحت ٿاڦيل هجي، اُهي سڀ انسان جي تذليل ڪن ٿا، ٻين لفظن ۾ آمريت انسان جي تذليل جو ٻيو نالو آهي. برطانيه جي هفتيوار رسالي دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ(EIU) جي 2024 جي جمهوري انڊيڪس مطابق دنيا ۾ جمهوريت جو هيءَ صورتحال آهي:
مڪمل جمهوريتون: صرف 6.6 سيڪڙو (534.6 ملين) ماڻهو مڪمل جمهوريتن ۾ رهن ٿا. ان جو مثال ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ فن لينڊ وغيره آهي. جڏهن ته دنيا جي ٽوٽل آبادي اٽڪل 8.1 بلين آهي.
ناقص (Flawed) جمهوريتون: 38.4 سيڪڙو (3.11 بلين) ماڻهو ناقص جمهوريتن ۾ رهن ٿا، جنهن جو مثال آمريڪا، ڀارت، برطانيه، فرانس وغيره آهن.
جمهوريت تي نظر رکڻ لاءِ دنيا جا ڪيترا مشهور ادارا ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ دي اڪنامسٽ رسالو (برطانيه)، انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اينڊ اڪنامڪ الٽرنِيٽوز (سوئيڊن)، فريڊم هائوس (آمريڪا) ۽ ٻيا تحقيقي ادارا اچي وڃن ٿا ۽ اُهي ساليانو پنهنجون جمهوريت تي رپورٽون پيش ڪندا آهن.
آمريت جي وصف:
آمريت جي وصف تي گهڻا سياسي مفڪر متفق نه آهن، پر ان جي مڃيل نشانين يا صفتن (Attributes) جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن تي اڳتي هلي بحث ڪيو ويندو. ڪابه آمريت رياست (حڪومت)، معيشت ۽ سماج تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿي، پر اهو ڪنٽرول ڪيتري حد تائين هوندو اُن جي صورتحال مختلف ملڪن ۾ ڌار ڌار آهي. فاشزم جي ضد ۾ گڏيل قومن جي اداري انساني حقن جو عالمي پڌر نامو (10 ڊسمبر 1948)، انٽرنيشنل ڪووننٽ آن سِول اينڊ پوليٽيڪل رائيٽس (23 مارچ 1976) ۽ انٽرنيشنل ڪووننٽ آن اڪنامڪ، سوشل اينڊ ڪلچرل رائيٽس (03 جنوري 1976) ذريعي انسان جي حقن جي ڀرپور نموني وضاحت ڪئي آهي.
آمريت جا سبب:
آمريت جي ارتقاءَ جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته آمريت جي اُڀار ۾ ڪيترائي تاريخي ۽ سماجي عنصر شامل هوندا آهن. جيئن، سياسي افراتفري، انقلاب، جنگيون يا جمهوري ادارن جي ناڪامي آمريت لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪن ٿا ۽ جيئن ته دنيا هڪ متحرڪ(Dynamic) نظام آهي ان ۾ ڪي جمهوري ملڪ آمريتي نظام ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا ته ڪي وري آمريتي نظام مان جمهوريت جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا.
مثال طور؛ نازي جرمني ۾ پهرين عالمگير جنگ کانپوءِ ويرسائيل جي عهد نامي (Treaty of Versailles) تحت ان ملڪ تي تمام ڏکيا شرط رکيا ويا، جنهن جي ڪري معاشي بحران وڌي ويو. 1950 ۾ ڪوريا جي گهرو لڙائيءَ کانپوءِ اتر ڪوريا ۾ فاشسٽ حڪومت ٺهي وئي يا 1953 ۾ ايران ۾ ڊاڪٽر محمد مصدق جي جمهوري حڪومت ڊاهي رضا شاھ پهلوي جي آمرانه بادشاهت ٿاڦي وئي.
آمريتي نظام جون نشانيون:
مختلف سياسي مفڪر پنهنجي تحقيق جي حوالي سان آمريتي نظام جون مختلف نشانيون ٻڌائين ٿا. مثال طور؛ آمريڪي محقق لارنس برٽ پنهنجي مضمون ۾ فاشزم جون 15 نشانيون ٻڌائي ٿو. آمريت جو ڪهڙو به نظام هجي اُتي گهڻو ڪري هيٺ ڏنل نشانيون موجود هونديون آهن:
هڪ شخص يا گروھ جو اقتدار تي قبضو.
ماڻهن کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سونهري خواب ڏيکارڻ.
ملڪ ۾ نالي ماتر آئين.
نمائشي يا فراڊي چونڊ ڪرائڻ.
ميڊيا (ٽي وي، اخبار، رسالا، سوشل ميڊيا) تي ڪنٽرول ڪرڻ.
مخالف سياسي جماعتن کي دٻائڻ يا انهن کي سياسي عمل مان خارج ڪرڻ.
عدالتي نظام پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جنهن کي انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا جي مطابق ٽيليفون قانون چيو وڃي ٿو.
شهرين جي بنيادي آزادين ۽ انساني حقن کان محروم ڪرڻ
رشوت ۽ پنهنجا نوازڻ جو رجحان.
رائج ڪيل مذهب، قوم پرستيءَ يا سياسي نظريي جو سهارو وٺڻ.
فوجي طاقت جي ذريعي ملڪ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ.
پاڙيسرين سان غير ضروري سرحدن تي جهڳڙو ڪرڻ يا ٻئي ملڪ تي حملو يا قبضو ڪرڻ.
پنهنجي ملڪ ۾ اقليتي گروھ (نسلي، مذهبي ۽ لساني) کي دشمن طور پيش ڪرڻ جيئن، هٽلر يهودين ۽ ٻين غير جرمنن کي نشانو بڻايو.
آزاد خيال دانشورن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي متحرڪ فردن تي سختي ڪرڻ ۽ ڪن حالتن ۾ انهن کي قتل ڪرڻ.
سچ تي ڪنٽرول ڪري، غلط پروپيگنڊا جو سهارو وٺڻ ۽ مخصوص سياسي بياني کي واڌاءُ ڏيڻ.
آمريت جو تاريخي پسمنظر:
بابل، مصر، يونان، چين، هندوستان، روم ۽ ٻين خطن ۾ آمرانه نظام بادشاهت سان شروع ٿيو ۽ 20 هين صديءَ ۾ فاشزم، فوجي حڪمراني، مذهبي رياست ۽ سياسي نظرين جي صورت ۾ پيدا ٿيون، جنهن ۾ اٽليءَ جي بينيتو مسوليني جي فاشزم، جرمني ۾ هٽلر جي نازيزم، اڳوڻي سوويت يونين ۾ اسٽالن جي آمريت، اسپين ۾ فرانسسڪو فرانڪو، پورچوگال ۾ اينتونيو دي اوليويرا سالازار، چلي جو پينوشي، انڊونيشيا جي سوهارتو، 18-19 هين صديءَ ۾ فرانس جي نيپولين بوناپارٽ، 19 هين صديءَ ۾ زار بادشاهه ۽ ساڳئي نموني هائبرڊ جمهوريتن ۾ روس جو ولاديمير پيوٽن، وينزويلا جو مادوري، مصر جو عبدالفتاح السيسي، ميانمار جا فوجي جنتا، افغانستان ۾ طالبان حڪومتون اچي وڃن ٿيون.
اهڙي طرح اولھه ايشيا جون بادشاهتون، اتر ڪوريا جي ڪُل آمريت (Totalitarianism) ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ فوجي، شخصي ۽ هائبرڊ جمهوريتون شامل آهن. جيئن ته دنيا جي مسلسل سياسي اُوسر ٿئي ٿي، انهيءَ ۾ ڪي جمهوريتون هائبرڊ نظام ۾ تبديل ٿين ٿيون ۽ ڪي وري فوجي جنتا قابض ٿين ٿا.
آمريت جا سماج تي اثر:
آمريتي نظام جا ملڪن ۽ سماج تي گہهرا ۽ گھڻ رخا اثر پون ٿا، جيڪي سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ نفسياتي سطح تي ظاهر ٿيندا آهن، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
سياسي اثر (Political Impacts) :
آمريتي نظام ۾ سياسي آزادين جو بلڪل نه هجڻ يا تمام محدود پئماني تي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. آمريتي نظام ۾ چونڊون يا ته نه ٿينديون آهن يا نمائشي طور ڪرايون وينديون آهن يا ڪيترن ملڪن ۾ چونڊن جا نتيجا حڪومت پنهنجي مرضيءَ سان نشر ڪندي آهي. ان سان گڏوگڏ مخصوص سياسي جماعتن کي اجازت ڏني ويندي آهي يا سياسي جماعتن جي سرگرمين کي محدود ڪيو ويندو آهي.
حڪومتي ادارن جي تابعداري:
فوج، پوليس، عدليه، ميڊيا ۽ چونڊ ڪميشن جهڙا ادارا حڪمرانن جي مرضيءَ تي هلندا آهن، جيڪو جمهوري عمل جي خلاف هوندو آهي. پوليس ۽ فوج آمريتي نظام جي بقاءَ لاءِ اهم هٿيار هوندا آهن، جيڪي مخالف سياسي جماعتن تي دٻاءُ ۽ تشدد لاءِ استعمال ٿيندا آهن. عدليه آزاديءَ بدران حڪمرانن جي مرضيءَ تي هلندي آهي ۽ سياسي مخالفن کي سزا ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ ميڊيا (اخبارون، نجي ٽي وي چينل) سوشل ميڊيا (ايڪس، فيس بڪ، واٽس ايپ) اچي وڃن ٿا. انهن تي بندش وڌي ويندي آهي يا انهن تي سخت رياستي ڪنٽرول يا سنسرشپ جي اندر ڪم ڪندا آهن.
معاشي اثر (Economic Impacts) :
آمريتي نظام ۾ معيشت حڪمران ٽولي جي تابع ڪم ڪندي آهي ۽ معاشي ترقي، روزگار، غربت جو خاتمو ۽ شهرين جي ڀلائي جا ٻين صوبن تي ناڪاري اثر ٿيندا آهن. ان سان گڏوگڏ آمريتي نظام ۾ وسيلن جي گهڻو ڪري غير منصفاڻي ورهاست ٿيندي آهي، جنهن ۾ رشوت ۽ اقربا پروري، وڏي پئماني تي نظر ايندي آهي، ڪجھه حالتن ۾ ترقيءَ جو عمل تيز هوندو آهي. مثال طور: چين، سينگاپور، ويٽنام ۽ اولھه ايشيا جي بادشاهتن ۾ نظر اچي ٿو.
سماجي ۽ نفسياتي اثر:
آمريتي دور ۾ شهري آزاديون گهڻو ڪري ختم هونديون آهن يا انهن کي بلڪل محدود ڪيو ويندو آهي. ان سان گڏوگڏ خوف ۽ جاسوسي جو ماحول خطرناڪ حد تائين پکڙيل هوندو آهي. آمريتي ماحول جي اثر ۾ فرد اڪيلائي جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ فردن کان ذهني خوشي کسي ورتي ويندي آهي. پوليس ۽ عدليه جي رياستي استعمال عوام ۾ خوف ۽ نفسياتي دٻاءُ پيدا ڪري ٿو، جيڪو خود سنسرشپ ۽ خاموشيءَ کي وڌائي ٿو.
انساني حقن تي اثر:
آمريتي نظام ۾ گڏيل قومن جي عالمي انسان حقن جي پڌر نامي ۾ جيڪي انساني حق ڏنا ويا آهن انهن تي بلڪل عمل نه ٿيندو آهي، جنهن ۾ تقرير ڪرڻ جي آزادي، مذھبي آزادي، احتجاج جي آزادي، گڏجاڻي ۽ تنظيم سازي جي آزادي اچي وڃن ٿا.
پرڏيهي پاليسي تي اثر:
ڏٺو ويو آهي ته جن ملڪن ۾ آمريتي نظام رائج هوندو آهي اتي اهو ملڪ ڪنهن نه ڪنهن عالمي وڏي طاقت جي هيٺ رهي عالمي قانون جي خلاف ڪم ڪندا آهن، نه صرف ايترو، پر عالمي ۽ انساني تڪرارن ۾ غير ضروري طور شريڪ ٿيندا آهن ۽ انهن جي ٻاهرين پاليسي، آزادي ۽ عالمي سطح تي قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف هوندي آهي.
تعليم ۽ ثقافت تي اثر:
تعليم ۽ ثقافت کي حڪمرانن جي نظريي يا مفادن مطابق شڪل ڏني ويندي آهي، جيڪو تخليقي سوچ ۽ گوناگونيت کي محدود ڪري ٿو.
ثقافتي ۽ مذهبي اثر (Cultural and Religious Impacts) :
آمريتي نظام اڪثر ثقافت ۽ مذهب کي دٻائين ٿا، خاص طور تي جيڪڏهن اهي حڪمرانن جي نظريي جي خلاف هجن، ثقافت ۽ مذهب کي رياست جي نظريي يا حڪمرانن جي ساک کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
پڄاڻي: آمريت ڪهڙي به شڪل ۾ هجي، فاشزم هجي، ڊڪٽيٽرشپ هجي، آمرانه بادشاهت يا هائبرڊ جمهوريت هڪ فرد يا شهريءَ جي شخصي آزادي ۽ ان جا سياسي ۽ انساني حق کسيا ويندا آهن. بدقسمتيءَ سان هن وقت به 39.2 سيڪڙو دنيا جا ماڻهو آمرانه سياسي نظام ۾ رهن ٿا. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته دنيا ۾ مڪمل جمهوريت هجي، انساني آزاديءَ جو تحفظ هجي ۽ انسان جا بنيادي حق محفوظ هجن.
ڏٺو اِهو ويو آهي ته عالمي سطح تي وڏين طاقتن جي هٿ ٺوڪي سلامتيءَ جي نظريي تحت ڪمزور ملڪن ۾ آمريت کي تحفظ ملي ٿو ۽ وڏين طاقتن جي معاشي مفاد ڪري اُتي جمهوريت جي تحريڪن کي دٻايو وڃي ٿو. گڏيل قومن جي اداري تي فرض آهي ته هُو جمهوري نظام کي وڌائي ۽ ان جي حفاظت ڪري. آمريت جي ڪنهن به قسم ۾ انسان جي تمام گهڻي تذليل ٿيندي آهي ۽ ان جي وقار کي تمام گهڻو نقصان رسي ٿو.
دنيا جا سڀ جمهوريت پرست فرد، ليکڪ، سياسي جماعتون، سول سوسائٽي ۽ عالمي ادارا گڏجي آمريت جي تذليلي نظام کي ختم ڪن.