پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو چوٻول ڪجهه سالن کانپوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ وري ان جي پويان ٻي ڪا ايجنڊا پوري ڪئي ويندي آهي. تازو ئي سنڌ ۾ اجرڪ وارين نمبر پليٽن تي آفاق احمد جي بيانن کان شروع ٿيندڙ ڳالهيون مختلف طريقن سان اڳتي هلنديون نيٺ وڃي نون صوبن جي ٺهڻ تائين پهتيون. نوان صوبا ٺاهڻ جي پٺيان اها ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته پاڪستان جا چار صوبا انتظامي طور تي جيڪڏهن ننڍا ڪيا ويندا ته انهن جي گورننس کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سڀني کان آباديءَ ۾ وڏو صوبو پنجاب هن وقت پنهنجي انتظامي ۽ گورننس جي حساب سان سڀني کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ان ڳالهه جي نفي ڪري رهيو آهي ته صوبن جي آبادي يا ايراضيءَ جي گهٽ وڌائي گورننس تي ڪوبه فرق نٿي وجهي سگهي. اصل ۾ حقيقت اها آهي ته صوبن کي ترقي ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي گهرج آهي، جيڪي پنجاب صوبي کي ته پورا ملن ٿا، پر ٽي ننڍا صوبا مار کائي ٿا وڃن.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڏکڻ پنجاب جنهن جي لاءِ ڪافي عرصي کان اهو مطالبو موجود آهي ته ان کي سرائيڪي صوبو ٺاهيو وڃي. خيبر پختونخواهه ۾ هزاره ڊويزن کي الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو به پراڻو هو، پر هاڻي ان جي ڳالهه به گهٽ ڪئي ٿي وڃي، پر حقيقت ۾ ان ڳالهه جي پٺيان سڀني کان وڏي سازش هميشه ڪراچيءَ جي لاءِ سٽي ويندي آهي ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪي 1947ع کان وٺي ان تي پنهنجي بد نظر رکندا اچن، پر جيڪڏهن صوبي ٺاهڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اها ڪا ايتري سولي ڳالهه ناهي.
پاڪستان جي آئين مطابق نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آرٽيڪل 239 (4) ۾ واضح ڪيل آهي ته ان جي لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن يعني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ الڳ الڳ بل پاس ڪرڻو پوندو، بل جي منظوري لاءِ ضروري آهي ته هر ايوان ۾ ان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس ڪيو وڃي، اها هڪ تمام وڏي اڪثريت آهي. جڏهن ته ڪنهن نئين صوبي جي قيام يا ڪنهن موجوده صوبي جي سرحد ۾ تبديلي جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ان کان اڳ صوبائي اسيمبلي ۾ ان بل کي پيش ڪيو ويندو ۽ اتي به ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اها قرارداد منظور ڪرڻي پوندي.
صوبا ٺاهڻ آئيني طور تي ته آسان ڳالهه ناهن، پر صوبن جي ڳالهه ڪري اين ايف سي ايوارڊ تان هٿ کڻائڻ شايد سولو ڪم آهي. اين ايف سي ايوارڊ پاڪستان جي آئين تحت وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ آمدني ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو هڪ اهم نظام آهي، جنهن جو مقصد آمدني جا وسيلا جن ۾ ٽيڪس ۽ ٻيون آمدنيون شامل آهن، ۽ اهي ملڪ جي چئن صوبن ۾ هڪ مخصوص فارمولي تحت ورهايون وڃن. اهو فارمولو جنهن تحت وفاق صوبن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ڏيندو آهي اهو فارمولو هر پنجن سالن کانپوءِ هڪ ڪميشن پاران روويو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جا نمائندا شامل هوندا آهن، جنهن ۾ هي بنيادي اصول طئي ٿيل آهن.
پهريون آبادي، اڪثر وفاقي مالياتي ايوارڊن ۾ آباديءَ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. 2010ع جي ستين وفاقي مالياتي ايوارڊ ۾ 82 سيڪڙو فنڊ آبادي جي بنياد تي ورهايا ويا. ان کانپوءِ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙو صوبو پٺتي پيل آهي ۽ ان ۾ ڪيتري غربت آهي. 2010ع جي ايوارڊ ۾ غربت ۽ پٺتي پيل علائقن لاءِ 10.3 سيڪڙو فنڊ رکيا ويا. ڪنهن به صوبي پاران ملڪ جي روينيو يا آمدني ۾ حصو به هڪ اهم عنصر آهي. ساڳئي طرح 2010ع جي ايوارڊ ۾ روينيو ۾ حصي لاءِ 5 سيڪڙو فنڊ مختص ڪيا ويا. ان کان علاوه ايراضي به هڪ عنصر طور شامل آهي. ڪجهه صوبن جي وڏي ايراضي کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن ان جي انتظامي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. 2010 جي ايوارڊ ۾ ايراضي لاءِ 2.7 سيڪڙو فنڊ رکيا ويا. هن وقت صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي ڪيترائي اهم بحث هلندڙ آهن، اهي بحث بنيادي طور تي فنڊن جي ورڇ ۽ ان جي فارمولي کي تبديل ڪرڻ تي مرڪوز آهن.
هن وقت وفاق اين ايف سي ايوارڊ جي روويو ميٽنگ کانپوءِ ان ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ چاهي ٿو. ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق جو اهو موقف آهي ته وفاق جي آمدني گهٽجي وئي آهي ۽ ملڪ جون دفاعي ضرورتون وڌي ويون آهن. ان جي لاءِ وفاقي حڪومت جو سڀ کان اهم موقف اهو آهي ته ملڪ جي دفاعي خرچن ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائگي تي وڏو بوجهه آهي. وفاق ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته صوبن کي ملندڙ حصي مان ڪجهه فنڊ انهن اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ رکيا وڃن. هن وقت وفاقي آمدني جو وڏو حصو انهن ئي ٻن مدن تي خرچ ٿي وڃي ٿو. وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته اين ايف سي ايوارڊ لاءِ هڪ نئون فارمولو جوڙيو وڃي، جنهن ۾ نه رڳو آبادي، پر غربت، روينيو ۾ حصو ۽ ايراضيءَ کي مد نظر رکيو وڃي، پر ان سان گڏوگڏ وفاق جو موقف آهي ته صوبن پاران گڏ ڪيل آمدني يعني (سيلز ٽيڪس) کي به وڌيڪ وزن ڏيڻ گهرجي.
ان کان علاوه وفاق قومي اهميت جي وڏن ترقياتي منصوبن جهڙوڪ: ڊيمن جي تعمير، روڊ ۽ مواصلاتي نظام لاءِ فنڊ سڌو سنئون وفاق جي ڪنٽرول ۾ چاهي ٿو ۽ ان جو موقف اهو آهي ته اهڙا منصوبا سڄي ملڪ کي فائدو ڏيندا. وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ حصي مان ڪجهه سيڪڙو دفاع ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائگي لاءِ مختص ڪيو وڃي ۽ صوبا پنهنجي بچت جو ڪجهه حصو وفاق کي ڏين ته جيئن وفاق جي مالي مشڪلاتن کي گهٽائي سگهجي.
جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته اين ايف سي ايوارڊ لاءِ 2017 جي آدمشماري جي ڊيٽا کي استعمال ڪيو وڃي. ان کان علاوه سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي اها به گهر آهي ته فارمولا ۾ غربت ۽ پٺتي پيل علائقن کي وڌيڪ وزن ڏنو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪري سگهجي. ان کان علاوه ننڍا صوبا چاهين ٿا ته انهن کي پنهنجي آمدني جا وسيلا وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن. مثال طور: صوبائي سيلز ٽيڪس جي دائري کي وڌائڻ ۽ وفاقي ٽيڪس ۾ صوبن جو حصو وڌايو وڃي.
بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي پنهنجي قدرتي وسيلن جهڙوڪ گئس، تيل ۽ معدنيات جي روينيو ۾ وڌيڪ حصو چاهين ٿا. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ هڪ اهڙو معرڪو آهي جيڪو اڃان تائين مڪمل طرح ڪوبه سر نه ڪري سگهيو آهي. اميد آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي هلندڙ اهو پراڻو تڪرار آئين جي مطابق خوش اصلوبيءَ سان طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن سان ملڪ ۾ بدامني جي بجاءِ استحڪام پيدا ٿيندو. ننڍن صوبن جي وڌندڙ آبادي، غربت ۽ پٺتي پيل معاشي صورتحال کي ڏسندي هڪ اهڙو فارمولو ٺاهيو ويندو ته جيئن چارئي صوبا هڪ ئي وقت گڏيل ترقي جي دور مان گذري سگهن ۽ ڪنهن به صوبي کي ان جي حق کان محروم نه رکيو ويندو. اهو ئي هڪ ڪامياب ۽ مستحڪم وفاق جو فارمولو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن به صوبي کي ان جي حق کان محروم ڪيو ويو ته نتيجا خراب ٿي سگهن ٿا.