ماتلي ۾ صحافين جو اھو پراڻو تڪرار آھي ته ڪھڙي خبر ھلائجي ۽ ڪھڙي نه؟ اھو ان وقت کان تڪرار آھي جڏھن اڃان ھڪ پريس ڪلب ھو، ماتلي ويجھو نظرپور ۾ 1993ع ۾ پريس ڪلب قائم ٿيو ته ان وقت به اھو تڪرار عروج تي ھو، ڪنھن جو نالو نٿا کڻون. ھڪ ڌر ان ڳالھ تي اٽڪيل رھندي ھئي ته ماڻھن جي ڀلائيءَ واريون عوامي ۽ گھڻ رخيون مزاحمتي صحافت واريون خبرون روڪجن ته جيئن ماڻھو صحافين آڏو مجبور ٿين. پريس ڪانفرنسون ڪري پنھنجا بيان ڇپرائين، ٽي وي چئنلن جي دور کان به اڳ صحافت جي نئين دور ۾ ماتلي جي صحافت جي نئين تاريخ ۾ ڪجھ ڪردار اھڙا به پيدا ٿيا جن صحافت کي ھڪ نئون ۽ مزاحمتي رنگ ۽ رخ ڏنو، خبرن تي تحقيق ڪري تحقيقي رپورٽنگ جي شروعات ڪئي، واقعن تي ڊائريون ۽ گھڻ رخيون تفصيلي رپورٽون ڏنيون، پراڻين ۽ مدي خارج روايتن کي ٽوڙيو. ماتلي ۾ معصوم فھيم ڪمبوهه جي قتل ڪيس، ماتلي مان 107 ھارين جي اغوا جي معاملي، حوا باگڙياڻي جي قتل ڪيس، رفيق ميمڻ جي گرفتاري، پوليس جي زيادتين، منشيات فروشي ۽ خاص طور تي ھيروئن جي واھپي وڌڻ، بدين جي ريل گاڏين جي بحالي، ماتلي ۾ حددخلين، واٽر سپلائي ۽ ٻين سوين مسئلن تي تحقيقي ۽ مزاحمتي صحافت جي ان دور ۾ ڪجھ صحافين کي اھڙي صحافت ڪرڻ جي نتيجي ۾ سختيون به ڀوڳڻيون پيون ھيون ۽ قيمتون به ادا ڪرڻيون پيون، جن جي ھڪ ڊگھي تاريخ آھي، جنھن تي بعد ۾ تفصيل سان لکبو. صحافت جي ھاڻ واري دور ۾ جڏھن پريس ڪلب وڌي ويا آھن ۽ روز نوان ٺھن پيا ۽ صحافين جو تعداد به وڌي ويو آھي، تڏھن اھا عوامي فائدي واري، ظلم خلاف مزاحمت واري صحافت نه رھي آھي. مجموعي طور تي صحافت جو رخ ئي ڦري چاپلوسي ۽ چمچاگيري وارو ٿي ويو آھي. تڏھن به فردن جي نجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ واري صحافت لاءِ اھڙين خبرن جي رستا روڪ جا انتظام ۽ اعلان ٿين ٿا جيڪا صحافت ماڻھن جي جائز فائدن واري صحافت چئجي ٿي، ان کي روڪڻ جي ڪوشش جاري آھي. اڄ به ڪجھ صحافين تي ڪافي دٻاءُ آھن ته ھي خبر ھلايو ۽ ھي نه ھلايو وارو جھان برقرار آھي. صحافت ۾ جيستائين تحقيقي عنصر شامل نه ٿيندو ۽ سچ لکڻ لاءِ سچ تائين رسائي حاصل نه ڪبي. خبرن ۽ معاملن جا سڀئي رخ نه ڏسبا تيستائين صحافت ٿورن ماڻھن جي نجي فائدن ۽ رڳو بيانن تائين محدود رھندي ۽ بيانن ۾ ماڻھو اڪثر ڪري ڪوڙ ڳالھائي ھڪٻئي تي ناجائز الزام تراشيون ڪري ۽ ڇپرائي وڃن ٿا ۽ ايئن سماج ۾ ماڻھن جا مسئلا ختم نٿا ٿين، پر وڌيڪ مونجھارن جو شڪار ٿين ٿا. اسان وٽ شروع کان سوشل معاھدن ۾ به اھو تحريري طور تي طئي ٿيل آھي ته ڪوبه ادارو يا ڪنھن به اداري جو سربراھ ڪنھن به صحافي جي ڪنھن به خبر کي نه روڪائيندو ۽ نه ڪا خبر ھلائڻ لاءِ پابند ڪندو. ھر صحافي جو خبر ھلائڻ يا ڪجھ ٻيو پنھنجي انداز ۾ آزاديءَ سان لکڻ ان جي پنھنجي پاليسي ۽ ان جي صحافتي اداري جي به پاليسي جو حصو ٿئي ٿو. پريس ڪلبن جون اجتماعي مفادن وارين پاليسين جي نالي ۾ نجي مفادن جون پاليسيون وري ٻي نوعيت جون مختلف ٿين ٿيون، جن جا سربراھ ماڻھن جو رخ پاڻ طرف ڇڪرائڻ لاءِ پنھنجيون پاليسيون لاڳو ڪن ٿا ۽ ميمبرن کي پابند ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته اھڙين سرگرمين جون خبرون نه ھلايون وڃن، جن جي ڪوريج لاءِ کين ادارتي سطح تي طلب ئي نه ڪيو ويو آھي. سوشل ميڊيا، ويب چئنل ۽ ھر ھٿ ۾ موبائيل فون اچڻ واري ھن زماني ۾ ھاڻ ڪابه سياسي ڌر، ڪوبه ادارو صحافين طرفان ڪوريج جو محتاج نه رھيو آھي. سڀني سياسي ڌرين پنھنجا ميڊيا سيل قائم ڪري ڇڏيا آھن ۽ ڪوريج لاءِ پنھنجا ماڻھو به مقرر ڪري ڇڏيا آھن. صحافين جي مٿي تي رڳو ھٿ ٿا گھمائين ۽ چاھين ٿا ته اھي رڳو ناراض نه ٿين نه ته ڪنھن کي ڪابه ڪوريج لاءِ صحافين يا پريس ڪلبن جي ساٿ جي ھاڻ ضرورت نه آھي. اڳ ۾ جنھن کي رڳو پير ۾ ڪنڊو لڳندو ھو سو به پنھنجا ساٿي وٺي پريس ڪلب تائين ڊوڙندو ھو ۽ پنھنجي موقف جي ڳالھ ڇپرائندو ھو ته ٻئي ڏينھن وري ان جي مخالف ڌر پريس ڪلب ايندي ھئي، ان طرح پريس ڪانفرنسن جي آمدني مان پريس ڪلب ۽ صحافي ھلندا ھئا، جنھن کي ان ڪم مان وڌيڪ فائدو ھوندو ھو ان جي صحافتي پاليسي به اھڙي جڙندي ھئي، مگر ھاڻ ايئن ٿيڻ ڪافي ناممڪن ٿي پيو آھي، جو صحافي پريس ڪلبن جي سطح تي ڪنھن جي خبرن جو بائيڪاٽ ڪري ان کي مجبور ڪري سگھن اھو ممڪن نه رھيو آھي. ھڪ پريس ڪلب بائيڪاٽ ڪندو ته ٻين کي موقعو ملندو. ٻيو ته ھي موبائيل فون ھاڻ ھر ڪنھن وٽ پنھنجو ٽي وي چينل آھي، ڪير ڪٿان به لائيو اچي پنھنجي ڳالھ رکي سگھي ٿو. خبرن کي ھاڻ ڪو بند ٻڌي ان طرح پنھنجن فائدن کي تحفظ نٿو ڏئي سگھي، باقي پٽ سٽ، پِن پنان جو رواج شروع کان آھي ۽ وڌيو آھي ۽ قائم رھندو ان کي ڪير به روڪي نٿو سگھي، جيئن منشيات فروشي جو مڪمل خاتمو ممڪن ناھي تيئن فقيرن جو به سلسلو جاري رھڻو آھي ۽ رھندو، ڪافي وڏا ماڻھو اھو فخر سان چوندا رھيا آھن ته جن جو روزگار الله اسان جي ھٿن ذريعي خلقيو آھي اھو انھن کي ملندو رھندو.