ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: رڱڻ جو پاڻي

منٽو پڙهئين، هن جو منهن پٽاٽن جهڙو هو، پر پٽاٽن کي ڏاڙهيون ناهن ٿينديون.

سٽ ڏيئي منور سراج پڙهئين، ياسر عرفات جي ڏاڙهي ۾ اڇن جو تعداد بنھ گهٽ هو ۽ زيتون جي ٽاري چهچ سائي هئي!

ھن کي به هميشه پڻس جي ڏاڙهي تي ٻه اکر لکڻ جو شوق هوندو هو، جو پڻس ساڻس ٺهندو ڪونه هو.

عجيب ۽ غريب تشبيهون کيس کٽاڻ جيان وڻنديون هيون جن ۾ ٿورڙو لوڻ جو ٻرڪو هجي.

شوقي کي هڪ ئي وقت ڪيتريون غلط فهميون هيون.

“پائلو ڪولهو کي پارڪر جو ڪولهي، محمود درويش کي فارس جو شاعر، ايڇ ٽي سورلي کي عامل ديوان، خليل جبران کي اردو جي افسانا نگار ڪرشن چندر جو همعصر ۽ ٽئگور کي سندس نالي جي ڪري سامونڊي ڦورو سمجهندو هو، جيئن واسڪوڊي گاما ڪولمبس وغيره، ٻيو ته غضب خدا جو گورڪي کي نوبل انعام يافته اديب سمجهندو هو.” شوقي پليجي جو انڌا اونڌا ويڄ پڙهيو هو، سو البته شيڪسپيئر بابت سندس خيال درست هئا، پر ٻنهي وارا لڇڻ ساڳيا هئا، انگلستان جو شيڪسپيئر عظيم آهي اها ڳالھ ٻي آهي شوقي سنڌ جو ۽ ڪس جو علاقائي شاعر آهي اها ٽين ڳالھ آھي. قرت العين جو آگ ڪا دريا ۽ آخر شب ڪي همسفر کيس سمجھ ۾ ڪونه آيا، باقي هائوسنگ سوسائٽي ۽ سيتا هرن چسڪيون وٺي پڙهين، ساڳي ڪار عبدالله حسين سان ڪئين، اداس نسلين مٿي تان واٽون ڪري ويس، بانجھ ۽ قيد مٿس ڪجھ گهڙيون اثر ڇڏيو، بانو قدسيه ۽ امرتا جي افسانن کان کيس عميره احمد جون ساديون لکڻيون خاص ڪري آب حيات ناول گهڻو وڻندو هئس، ماهوار قسط جو انتظار جيءَ جان سان ڪندو هو، نسيم حجازي جي آخري چٽان، اور تلوار ٽوٽ گئي ۽ داستان مجاهد منجهس جوش جهاد جو جذبو ڀري ڇڏيو، ائين ٿي ڄاتائين اهو عرب بدو هو پاڻ هو. ليو ٽالسٽائي جي جنگ ۽ امن اهڙو منجهايو، آخر تائين ان مونجهاري ۾ رهيو مرڪزي ڪردار ڪنھن جو آهي ۽ ان ڪشمڪش ۾ ناول پورو ٿي ويو. ڊاڪٽر زواگو جو هڪڙو ڪردار سو پاڻ جهڙو لڳس باقي ارنيسٽ هيمنگوي تي ڏاڍا جک کاڌائين، هڪڙي مڇيءَ لاءِ پوڙهي کي ٿڪائي مارئين. شوقي پرڏيهي ادب پاڻ کي پڏائڻ لاءِ ڪونه پڙهيو هو، پر انهن جي ڌارين نالن جي ڪشش اوڏانهن ڇڪي ويندي هئس.

پنهنجي ڏيھ جي ڏاهن ڏات ڌڻين کي به پڙهين، خير پروڙڻ لاءِ ته مڻيان کپي، سا شوقي جي مٿي ۾ ڪانه هئي. جمال جليل ۽ کرل کيس جهاد واري هوڏ تان لاٿو، سراج سليم ۽ علي بابا کيس هٿ کان جهلي کنڊرجي ويل تاريخ جون رنگين گهٽيون گهمايون، لطيف کيس آڱر مان جهلي اڀ تان لاهي زمين تي کڻي آيو، وطن، ويڙها، جھانگي، جھوپڙا، مارو، گاھ  ۽ وليون پسايون ته لڳو پنهنجي پٽن تي پنڌ پيو ڪري. اياز، بخاري، باغي، منشي ۽ سرويچ کيس پنهنجي روح جي پاتالن ۾ ويٺل لڳا، آريسر جي ٻولي کيس لولي جيان لڳي، ڪل ڪائنات سان گڏ سندس محور سنڌ هئي، سنڌ سان لنئون ڪجھ سرس هيس، مزاحمتي شاعري ٻڌي قومپرست ٿي پوندو هو نه ته اڳي وطن پرست هو.

ھن کي غلط فهمي سان گڏ خوش فهميون به گهڻيون هيون، کيس پنهنجا خيال خيام جھڙا ۽ سپنا سرمد جھڙا لڳندا هئا.

هو ماڻس سان راز و نياز اوريندو هو، جي هن مورک جي سمجهڻ کان ڳالھ مٿي هئي. پٽنس جي ڳالهين تي کيس اڻ مئي خوشي به ٿيندي هئي ته تجسس به، هن اٻوجھ سان ڪنهن ڪڏهن سنئين منهن ڳالهايو ئي ڪونه هو، شوقي نيون ڳالھيون ۽ ٻي دنيا بابت کيس ٻڌائيندو هو ته هوءَ حيرت ۾ وٺجي ويندي هئي.

“امان جن جي مٿي ۾ اٺ ڪتابن جا ويٺل آهن، سي چون ٿا ٽي دنيائون آهن، پهرين ۽ ٻي جي خبر ناهي ته ڪٿي آهن، ٽين دنيا اها آهي جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا.”

هو تعجب وچان ٻڌائي رهيو هو، ڪراڙي حيران ٿي ٻڌي رهي هئي.

ائين ڪونه هو ته شوقي ڄمندي ڄام هو، پرائمري پنج به گسائي گسائي پڙهئين. ڇهين ۾ پڻس داخلا وٺي ڏني، ساڳيا لاٽون ساڳي چگھ.

هڪڙي ڏينهن گسائڻ تي پڻس ڍئو تي موچڙا ڏيئي ٻڪرين ۾ پهرائي ڇڏيو، شوقي جي من جي مراد پوري ٿي، ڌراڙ، وڇير، ياريون، باشيون، اڪن جي پڙن ۾ ڪڙڪ چانهيون، لتا، جلال ۽ فوزيه جا ڪلام ڪافيون. دل ۾ ڪيئي جذبن جا ڪونپل گلاب ٽڙڻ لڳا هئا، مُڇن جي ساوڪ مس ڦٽي هيس، وڇوڙي جا آلاپ وڍ وجهڻ لڳا هئا، اڻ ڄاتل آنڌ مانڌ وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويئي هئي.!

“ڪاڪا شوقي ابتا سبتا ڪتاب پڙهي، اگھاڙا نظم ٿو لکي.” جمعي نماز پڙهي علي محمد جيئن ئي مسيت جي چانئٺ تائين پڳو، دلو ٻانهن مان جهلي کيس لوھ ڪري ڇڏيو. نمازين نڪرندي ڪن ناسون هنيون، جمعي جو خطبو تازو ٻڌي نڪتا هئا سو ايمان به تازو هئن پرائي چرچا سڻڻ چڱي ڪونهي، بيهڻ بدران ڀيلڙا منهن کڻي پير گهر جي پار وٽ اچي ڇنڊيئون. سڄي مسيت خالي ٿي وئي، دلو اڃان علي محمد جي ٻانهن قابو ڪيو بيٺو هو، “چئي ڪاڪا فحش قسم جي مواد سان معاشري ۾ انتشار پکڙجي سگهي ٿو.”

سادڙو علي محمد پنجين وقت جي نماز پڙهيو، گهرڙي ۽ مالڙي تي هٿ سيڪيو پيو خدا جا شڪرانا ادا ڪندو هو، تنهن لفظ انتشار ٻڌو ڦڪ وسامي ويو، ڳئورا قدم وساڻل وکون کڻي ڪڏهن گهر پڳو سا خبر کيس هئي ٻي خدا کي، دلو کي پارت ڪرڻ ڪونه ڀليو. “ابا پنڊ جا پاڻ ۾ آهيون، ڳالھ ڪنهن سان متان ڪرين، بيبي ڍڪي ڀلي.”

اڄ وري نظم لکڻ ۾ ناڪامي پلئه پيس، پيلين ڊينڊڙين آڱرين تي خوامخئون گهاٽن وارن جا مچ ھئا ٺڪاءُ ڪڍندي، اولھ نھار ڪئين، ڪوئلي جي بٺي پويان اڀ تي لالاڻ، قٻين کي نارنجي نما سفيد سانت جو لباس ڍڪائي ڇڏيو هو. اھا شام به وگهرندي وکرندي سانجھيءَ جي سانچي ۾ ڊھلجي پئي هئي، پڙپڙي سان ڀريل پٽڙي تان، ڦٽڦٽيي جو پراڻو انجڻ ڌوڙ اڏائيندو ڌوڪيندو، سانت جي سيني تي وار ڪندو، ماحول کي موت جهڙو سناٽو بخشيندي ديوين جي جهڳٽي ۾ ڪٿي گم ٿي ويو.

شوقي به وارن ۾ آڱريون ڦيريندي اٿيو، ڳوٺڙو ڏھ پندرهن وکن تي مس هئس، لڏندو لمندو خيالن ۾ غلطان گهر پڳو. ورهانڊوڪي ڪڙهيل چانھ لٿي جو پيئندو هو، تنهن عادت تان ماڻس به وڙهي وڙهي ٿڪي، نه ڇڏئين ته نه ڇڏئين ٻيا وڃي ٿيا ست خير.

پاروٿي چانھ پيئندين، ٿرماس تي اڇاتري نظر پيس ته مٿس ڪھل اچي ويس، ٿرماس جو ڪلر ڪڏهن جپاني گڏين جي ڳلن جهڙو گلابي هو، ڳوٺ جي ڪاڙهي اهڙو ننڌڻڪو ڪري ڪاڙهيو هئس جو گلابي مان ڦري هيڊو اڇو رنگ ٿي ويس.

ڏنڊ وٽان به جهريل هو، ڪنهن حادثي اهو حال ڪيو ھو ڪه مورڳو ضائفائن ۽ ٻارن جي ڇتڪتائي ۾ چکڙ اڏامي ويس. جيڪين به ٿيو، سندس ڊولائتي شڪل ڀوائتي ٿي پئي هئي. جا کڻي باڊي تي غور ڪئين، صفائي ڌلائي به نالي ماتر ٿيندي ھوندي، اڇي کل تي ڪارانس جا داغ وڏي شان مان سان پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياري رهيا هئا. پراڻي ماڊل جي هڪڙي ڳالھ سو واکاڻ جوڳي هئي، چانھ چوڏنهن ڪلاڪ ڪوسي رکڻ جي منجھس خاصيت هئي سا ويندي ڪراڙو ٿيو ته به ڪانه وئي. هونئن گارنٽي ٻارنهن ڪلاڪن جي هوندي آهي. ڪراڙي ٽٽل ٺڪر جي اصل ويري، هن ٿرماس جي الائي ڪهڙي ادا وڻيس جو ان سان هٿ چراند ئي ڪان ڪئين.

ٿرماس ۽ شوقي ٻئي گهر ڀاتين جي اکين ۾ ڪٽر جيان ھٽڪندا هئا، ٿرماس شوقي جي انتظار ۾ پيو ڪڙهندو هو ۽ شوقي مٿس ٻاجھ ڀريون نظرون وجهي پيو احسانن جا ٿورا لاھيندو هو. “چانھ کان سواءِ جهان ڪهڙو، چانھ آهي ته ماڻهو آهي.”

هيڪڙو چانھ جو پيالو ڀري پيتئين، ٻي اڌوڙي ڪا رھڙ کهڙ وڃين رهي. نائيندي ڪٽ اچي ڏنڊ تي ڀيڙو ٿيو، مکين اصل جهٽا پٽي لاهي ڏني. تڪڙي نهار پيالي تي وڌئين، دل ڌمچر لاھي پسلي مان ٻاهر ٿي نڪتي، آڱر ٻوڙي ڪارو ڇوتو جهڙو ٻاهر ڪڍئين ته سامت جو ساھ کنئي، مک ڪونه هئي ماڪوڙو هو، پوءِ اطمينان وچان سرڪيون ڀرڻ لڳو.

سانوڻي جي مند هئي، مينهن به مرضيءَ سان ٿي پيا. “امان اڄ وسندو، واھ ته لڳي پيو؟”

“ابا واھ ته مينهن جا کنڀ آهن، پڇون په وٽجن پيون، بس ڪا ڪھل پئيس، مينهيون بکين ۾ پاھ ٿي ويون آهن!” پيلي بلب جي روشنيءَ تي پتنگا موت جو رقص ڪري رهيا هئا، ڏيڏر بنا گهر ڀاتين جي پرواھ ڪندي، لک هيڏي ٿي ڀڳا، لک هوڏي ٿي ٽپڪا ڏنئون. ڌراڙ سوائون ٻڪريون ٻرڙاٽ ڪنديون رڙنديون رنڀديون ٽاپيون ڪندي گهر پڳيون، ڦوڳر واري پاڻيءَ ۽ ٽڪرين تي هيريلون، ڊٽ ٻڪرين جو ڀريل ڪونڊي تي ٽٽو، ڪٽ وارو پاڻي به کٽو ته ٿاٻو آين، سٽ ڏيئي ڳوهيل اٽي ۾ ٻوٿ وڌئون. ڪراڙي لوھ ڪري منجهاران پاڻيءَ جو ديڳڙو کنيو، هش هش وچان به نپٽيون اڌ اٽي جو کائي ويون، ڪراڙي باھ وري شوقي کي پٽيندي ۽ پيرين ۾ وچڙندڙ گلر کي لت وهائي ڪڍئين، “مئا سڪل مونگڙي تي الڙيو پيو آهيين، ٻڪرين کي هڪليندي هٿين ۾ جهامرا ٿا ٿين ڪہ منهن ۾ مونبري ٿي آهنئي، مال جي نالي ته مورڳو ڄائا ئي ڪونهي.”

شوقي ماڻس کي بگڙندي ڏٺو، سو تخيل جي دنيا مان يڪدم واپسي ٿيس. ميسڻون منهن ڪندي، “امان مون ته فل اسٽاپ ڪاما ۽ سواليه نشان تي ٿي سوچيو، جي زماني سازي سکڻي اٿئي ته فل اسٽاپ، ڪاما ۽ سواليه نشان جي اهميت سمجهڻي پوندئي.”

“کڳا ڄڀ پوءِ هڻ، ٻڪري جي ڪنڌ ۾ رسو وجھ.”

ڪراڙي به دل ۾ خوش هئي، پٽنس ساڻس عقل جون پيو ڳالهيون ڪري، پر منهن تي مس مس ڪري کيس کارڻو ڪونه هو.

ٻڪري ٻڌندي، “ڏس امان جنهن شئي کي فل اسٽاپ ناهي، اھا لا محدود آهي، لا محدود جي حد ئي ڪونه هوندي آهي، ۽ جنهن شئي جي حد نه هجي اها ڪڏهن نه کٽندڙ آهي نه کٽندڙ شئي لا حاصل هوندي آهي، جيئن آڪاش جيئن ڪهڪشائون، جيئن واري جا ذرا، بارش جون بوندون، جيئن سمونڊ جا قطرا جيئن عورت جا ڳوڙها جيئن – – – – جيئن منهنجا نظم – – – – طويل آزاد نظم.”

“اڙي موڳا آزاد نظم وري ڪڄاڙو، ڪو نئون فون نڪتو آهي ڪہ؟”

“نه مٺڙي نئين موبائل جو نالو ڪونهي، اهي جذبا، احساس ۽ اڌما جن کي اڏام لاءِ پر ۽ پير هوندا آهن، جن جي ڪا حد سرحد ڪانهي هوندي، تن کي چئبو آهي آزاد نظم، جيڪي شاعر هوندا آهن انهن کي اڌ پيغمبري مليل هوندي آهي.”

امان ابا ڪونه ٿو ڏسجي.؟ تون واري ڏاڏنگ ۾ ڪا فوتگي ٿي ويئي آهي، اوڏانهن ويو آهي.! آئون به چوان رهي ۽ گئوپي ڪئا گهٽ آهي.

علي محمد کي ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد هو، وچٽ شوقي هو، شوقي کان وڏو برڪت علي ۽ پٺ جون ٽي ڌيئرون هيون. شوقي جو پورو نالو شوڪت علي هو، ماڻس چاڳ مان شوقي چوندي هئي، مرشد سائين جي دعائن سان جوڙي پٽن جي جڙي هئي ۽ شوقي ته هو به نشاني سان. ننڍي لاڪئون موڳو هو، تڪڙو سڻندو ڪونه هو، جي سڻي ويو ته سمجهندو ڪونه هو، رهيل ڪسر ڪتابن پوري ڪئي، جي هروڀرو پراڻي ڪٻٽ ۾ سٿيل پئي پئي اڌو اڌ اڏوهي جو کاڄ بڻجي چڪا هئا. ڀاڻس ڪاليج جي ٽائيم ۾ پڙهيا سو پڙهيا وري مڙي نھارئين به ڪانه، پئسن ڪمائڻ ۾ ايڏو مشغول ٿي ويو هو سو شوقي پهرين ته ڊائجسٽن پويان هٿ ڌوئي پيو، تشنگي جيئن جي تيئن ويئي ٿي پوءِ وڌندي.

جاسوسي ناولن جو ته بٽاٽن جي پلاءُ کان به وڌيڪ شوقين ٿي پيو، سدا اونڌن ابتن خيالن ۾ گم، شل غور نه ڪري ڪنهن شئي تي، آڳا پيڇا ويا.

غور سان ڏسندو، ٿلهن چپن ۾ پاڻ هرتو ڀڻڪندو.

اڳئين کيسي ۾ ڪورن ۽ ڪارن ڪاڳرن جا ٿها، پاسي وارا کيسا گوري وارين پينن، نب، ٽٽل قلم، جي اڪثر ڀاڻس ٿورو نب چٻي ٿيڻ تي ڦٽا ڪري ڇڏيندو هو ۽ مس ڪپڙن سان، پر هوندا هئا. ڪتابن سان عشق کان اڳي، سندس کيسي مان بيرنگ،لاٽون، ڏوريون، چوسيل سپاريون، بلور، ڪوڏيون، نسوار تي ويڙهيل رٻڙ، ٻيو ڀانت ڀانت جون شيون لڀڀيون هيون، کيسو ڪونه هو ڄڻ خزانو هو.

اس ڇانوَ جهڙو مزاج، کٽيون مٺيون تکيون ڳالهيون، ٻڌندي مٿي کي ڀنواٽي نه آئي تڏهن بدهضمي ٿيندي، جي نه ته کٽيون ڇار اوڳرايون اوس اينديون. کڻي ڪنهن سان ڪاوڙيو اهڙي ڇنڇري ڪڍندس جو الا توبهه، واڇن مان گگ پئي ڳڙنديس. گهر ڀاتي منهن تي شوقي چوندا هئس، پر پٺ اڌ مغزو. مرضي پونديس ته وڻن کي پاڻي ڏيندو، جي اڃان وڌ پور پوندس ته ٻارڻ لاءِ ڪاٺـيون به چيريندو. خوشامد کان اصل ونئون ويندو، وئوڻاٺين جي ڀري آڻڻ لاءِ ڪڏهن ڪراڙي ايلاز ڪندي، سئو رپين جي لالچ به ڏيندي پر ٺٺيو.

بٺي تي انڱ اگھاڙن کي تکي اس ۾ ٻرندي مزدوري ڪندي ڏٺئين، اڍنگي خيال دماغ ۾ واسو ڪيو “مئن جي ڪڇ ۾ ڪهڙي ڪني پگهر جي ڌپ هوندي.” هڪ نظر پنهنجي ڪلف لڳل ڪپڙن کي ڏٺئين، جن کي پهرڻ کان پهرين چڱي طرح فوگ اسپري ڪيو هئين، اڄ ته لڪي ڀاڻس جو فيس واش به هنئي  ۽ جيل سان وار پڻ سيٽ ڪيا هئين.

ٻيو سج اڀريو، ڪائي تبديلي نه اهي ئي ڪم حاج.

گيدوڙي جي ڌوپ درخت هيٺ ڪو ڪتاب ٿي پڙهين، ڪڻس سمجهه ۾ گهٽ ايندو هو پہ ڀائيندو ائين هو کيس سڀ ذھين فتين بلا سمجهن. پڻس به مائٽن مان ٿي موٽيو هو، جيئن پئي آيو، هڪڙو ٻه ٽي هڻي ڊاهي رکئين. شوقي گهڻيئي مارون کاڌيون، پر ڪون ڪڇيو هو، اڄ ته ري گناھ ڪٽاڻو هو، وٺي دانهون ڪئين پورو ڳوٺ اچي ڀيڙو ٿيو. ٻه ٽي ڄڻن وچ ۾ پئي ڇڏايو، ڪٽڻ جو سبب نه پڻس سڻايو، نه ڪنهن پڇيو معمولي ڳالھ هئي، آئي ويئي ٿي وئي.

برڪت شهر مان موٽيو هو، ڪاٺ جو سودو طئي ڪري. شوقي لاءِ ڪتاب آندئي، ماڻس لاءِ مڇي، ڀينرن لاءِ چاڪليٽ ۽ پڻس لاءِ مٺائي، پنهنجي  مائي ۽ ٻارن جو ڪوٿر ئي الڳ جو ننڍڙي ڪونج وڃي ماڻس کي ٿمائي آئي هئي.

برڪت واپاري ماڻهو سمجهي لاٿائين، ڪا ڳالھ ٿي آھي. ڀينرن جا چھره چپ چپ، ڪراڙيءَ جو منهن لٿل هو، شوقي ڏي گهور وڌائي، اڄ ڪتاب وٺڻ مهل ڪائي هٻڇ لالچ ڪا هلچل ڪانه هئي، ماٺ ميٺ ۾ وصول ڪري پاسي ۾ رکي ڇڏيائين.

ڪائي خوشي نه، چهري تي صدين جون مسافتون هيون، زماني جا دک ماحول جون انڌوناڪيون، اداسيون انديشا ۽ اڻ ڄاتل خوف هو، ڪيترائي خوابن جا کڙکٻيتا اکين ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري رهيا هئا، ائين ٿي لڳو هڪ ئي وقت ڪيترن بحرانن مان گذري رهيو هو. برڪت بيزاري مان پڇيو، “امان کڻي ڳالھ ڪر، ڇا ٿيو آ؟”

ٿيندو وري ڪڄاڙو، پڻهين پر متڙيو اڄ وري شوقي ۾ پادرن جي ڪنڌي وڌئي!

“ڇو؟”

“تو وارا ڏاڏاڻا ۽ پاڻ وارا ڳوٺاڻا وڏا نيٿ جا مٺل اٿئي، شوقي کي اخبارن ڇاپيو آهي، سا ڳالھ سَٺي نٿي ٿئين، پڻهين کي دانهون ٿا ڏين، ميان ماءُ ڀيڻ وارو آهيين، تون جهڙي مومن جو پٽ اگھاڙا نظم ٿو لکي، پڻهين چئي ويو آهي، اهيي ڪارا ڪاڳر ٻاري رک ڪر، نه ته مال مان وران ٿو ته پاڻهي اچي ککر جي ماناري کي تيلي ڏيندس.

ائين ڪيئن مٺل کي تيلي ڏيڻ ڏينديس، منهنجي شوقي رڱڻ جي پاڻيءَ تي جاڳي نظم لکيا آهن، آزاد نظم جن جا پر ۽ پير آهن جن جون حدون ۽ سرحدون مقرر ناهن هونديون، جيڪي اڏري ۽ پنڌ ڪري ڄاڻن، جيسين جيئري آهيان، شوقي جا پر ڪپڻ ڪونه ڏينديس.!”

ڪراڙي جي آواز ۾ لغزش ڪان هئي، عزم هو.

اڄ سندس ڪتاب جي رونمائي تقريب هئي، چپن ڪناري مرڪ هئي، ورچيل ورچيل ڪونه هو. مئل مئل اکين ۾ اڻ مئي ذهانت ۽ چمڪ هئي. شهر ڀر جا اديب ۽ دانشور ٻه اکر ڳالهائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا، پنهنجي واري جو انتظار ڪندي وڃي ماضيءَ مان نڪتو. “ڏس شوقي” برڪت کيس سمجهائيندي چيو، “ڏات وڏي شئي هوندي آهي، اھا خريد ڪرڻ سان يا وراثت ۾ ناهي ملندي، اھا ڪنهن جي ٻارڻ سان ناهي ٻرندي ڪنهن جي مارڻ سان ناهي مرندي. جيڪڏهن تو وٽ ڏات آهي ته ان کي پنهنجي ڏانء جي فن سان تراش خراش، لفظن کي باھ جهڙي گرمي طوفان جهڙي مستي ۽ پاڻيءَ جهڙي نرمي عطا ڪر ۽ خبر اٿئي نه اهيي ٽئي شيون بي قابو ٿينديون آهن.” شوقي ها ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، لڙڪ پڏر پسائي پنبڻين مان ٿي وهيا، سنگھ ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمي ٿي. ٻانهن سان نڪ اگهندي، پڪو فيصلو ڪئين. هو پنهنجي نج نبار ٻوليءَ جي واٽ وٺندو ۽ قلم کنئي، ڪردار پنهنجي سيم مان چونڊيئين. مائڪ تي مسلسل پنهنجي نالي جي گونج ٻڌي هال ۾ موٽيو، اڄ هن جون ڳالهيون فلسفي سان نه تڏھن به زندگي سان ڀرپور سنجيديون هيون، پاڻ کي پڙهندي ان ڳالھ جو احساس ٿيو آهي ۽ ان احساس کي زبان ملي، منهنجي خيالي محبوبه جا ريشمي وار ۽ پشمي پير ناهن بلڪه هوءَ جدوجهد به ڪري ٿي، هوءَ وڙهي به ٿي ۽ سرخرو به ٿئي ٿي. مان ايترو بولڊ ڪانفيڊنٽ ۽ جاکوڙي ناهيان جيترا منهنجا ڪردار آهن. مان پنهنجو ڪتاب رڱڻ جو پاڻي، پنهنجي ڪردارن ۽ پنهنجي ڪراڙي امڙ جي نانءُ ٿو ڪيان.

چوڻ وارا چون ٿا، شوقي وري منظر عام تي ناهي آيو، سندس ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي ۽ وڪامجي چڪا آهن.

***