بلاگنئون

اوزون تهه جي تحفظ جو عالمي ڏينهن

اھا 22 مارچ 1985 جي ڳالھ آھي جڏھن آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ گڏيل قومن جي طرفان ھڪ ڪنوينشن منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اوزون جي تھه کي پھچندڙ نقصانن ۽ ان کي بچائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. 16 سيپٽمبر 1987 تي ڪينيڊا جي شھر مانٽريال ۾ ھڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جنھن کي “مانٽريال پروٽوڪول” جو نالو ڏنو ويو. ھن معاهدي مطابق اوزون تھه کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي تياري ۽ ان جو استعمال مرحلي وار ختم ڪرڻ جو پھه ڪيو ويو. عوام جي آگاھيءَ لاءِ گڏيل قومن طرفان 16 سيپٽمبر کي “اوزون تھه جي تحفظ جو عالمي ڏھاڙو” قرار ڏنو ويو. اوزون تھه ۾ ٿيندڙ سوراخ کي سڀ کان پھريان “برطانوي اينٽارڪٽڪ سروي” جي سائنسدانن، جو فارمن، برائن گارڊينر ۽ جوناٿن شنڪلن پاران دريافت ڪيو ويو، جن مئي 1985 ۾ جرنل “نيچر” ۾ پنهنجا اهم نتيجا شايع ڪيا. هن تاريخي دريافت اينٽارڪٽيڪا تي اهم موسمي اوزون جي گهٽتائي کي ظاهر ڪيو. اوزون، آڪسيجن جي ٽن ايٽمن تي مشتمل ماليڪيولن سان ٺهندڙ گيس آھي جيڪا سج مان خارج ٿيندڙ ۽ ڌرتيءَ ڏانھن ايندڙ الٽرا وايوليٽ شعاعن کي روڪڻ لاءِ ڍال جو ڪم ڪري ٿي. اوزون جو اھو تھه زمين کان 6 کان 50 ڪلو ميٽر اوچائيءَ تي اسٽريپٽوسفيئر واري حصي ۾ موجود ھوندو آھي. ھن جي اھميت کان واقف ھوندي به انسان ھن کي مسلسل تباھ ڪري رھيو آھي. ڪاربان ٽيٽرا ڪلورائيڊ، ميٿائيل ڪلورو فارم، ھائڊرو ڪلورو فلورو ڪاربان، ڪلورو فلورو ڪاربان ۽ ٻيون اھڙيون گيسون جيڪي خاص طور ايئر فريشنر، جيت مار اسپري، ريفريجريٽرن ۽ ايئر ڪنڊيشنرن ۾ استعمال ٿينديون آھن. اوزون جي تھه جي لاءِ انتھائي خطرناڪ آھن. اھي گيسون جڏھن اسٽريپٽوسفيئر واري تھه تائين پهچنديون آھن ته الٽرا وايوليٽ شعاعن جي موجودگيءَ ۾ اھي ڪلورين ۽ برومين جي ايٽمن ۾ تبديل ٿي وينديون آھن. اھي ايٽم ايترا ته طاقتور ھوندا آھن جو ھنن جو ھڪ ايٽم اوزون جي ھزارين ماليڪيولن کي ٽوڙڻ جي سگھه رکندو آھي. بنيادي طور اوزون جو ماليڪيول مستحڪم يا جٽادار نه ھوندو آھي. ان ڪري اھي گيسون جڏھن کليل فضا ۾ خارج ٿين ٿيون ته انھن ۾ موجود ڪلورين ۽ برومين، آسانيءَ سان اوزون سان ڪيميائي عمل ڪري کيس ڪلورين ۽ برومين مونو آڪسائيڊ ۽ آڪسيجن گيس ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون ۽ اوزون جي تھه کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون. ان کان علاوه خلا ڏانھن سيٽلائيٽ کڻي ويندڙ راڪيٽن مان خارج ٿيندڙ گيسون پڻ اوزون جي تھه کي ڪجھ حد تائين نقصان رسائين ٿيون. نتيجي ۾ اوزون جي تھه ۾ سوراخ ٿي وڃن ٿا ۽ اھو تھه سج منجھان خارج ٿيندڙ الٽرا وايوليٽ شعاعن کي مڪمل طور روڪڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي. اھي الٽرا وايوليٽ شعاعون نه صرف ڌرتيءَ جي گرمي پد کي وڌائين ٿيون، پر ان سان گڏ اکين جي بيماري ۽ چمڙيءَ جي ڪينسر جھڙن موذي مرضن کي به جنم ڏين ٿيون. اوزون جي تھه جو نقصان هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ مختلف ملڪن جي حڪومتن پاران مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. تنهن هوندي به اوزون جي تھه جي گهٽتائي کي روڪڻ لاءِ انفرادي سطح تي پڻ قدم کڻڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو ماحول کي نقصان کان بچائڻ، ڌرتيءَ تي رھندڙ ھر انسان جي ذميواري آھي، اھي قدم ھيٺيان ٿي سگھن ٿا.

1) ايئر ڪنڊيشنر يا ريفريجريٽر خريد ڪرڻ وقت اھو خيال رکڻ گھرجي ته ھن ۾ استعمال ٿيندڙ گيس اوزون دوست آھي. 2) ايئر فريشنر جو استعمال ختم ڪري گھر ۾ خوشبودار گلن وارا ٻوٽا رکجن. اڄڪلھه اھڙا ٻوٽا مارڪيٽ ۾ دستياب آھن جيڪي ڪمرن ۾ اندر رکي سگھجن ٿا. 3) مڇر مار اسپري جو استعمال گھٽ ۾ گھٽ ڪيو وڃي. 4) گھريلو ڪچري کي ساڙڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو ان ڪچري ۾ اھڙيون شيون موجود ٿي سگھن ٿيون جيڪي ماحول ۽ اوزون لاءِ نقصانڪار ٿي سگھن ٿيون. 5) ڪپڙن ڌوئڻ ۽ سوئمنگ پول جي صفائيءَ لاءِ بليچنگ پائوڊر يا ڪلورين وارن ڪيميڪلن جو استعمال بند ڪجي. 6) باهه وسائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاربان ٽيٽرا ڪلورائيڊ ۽ ھيلون گيس وارن فائر ايڪسٽنگئشرن جو استعمال پڻ اوزون لاءِ نقصانڪار آھي. ھنن جو استعمال ترڪ ڪرڻ گھرجي.