بلاگنئون

نيتن ياهو ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو غرور…

ٻه ٽي ڏينهن اڳ دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد رياست اسرائيل جي ذهني مريض وزير اعظم نيتن ياهو دنيا جي اڳيان هڪ زهر ڀريل جملو چيو، ”جنهن وٽ به موبائيل فون آهي، اهو ڄڻ پنهنجن هٿن ۾ اسرائيل جو هڪ ٽڪرو کنيو پيو هلي.”  اهو جملو ٻڌڻ ۾ ته طاقتور لڳي ٿو ڄڻ ته اسرائيل واقعي دنيا جي ٽيڪنالاجي جو بي تاج بادشاھ هجي، پر حقيقت انهيءَ جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته حقيقت اصل ۾ اها آهي ته جيڪا دنيا جي سامهون رنڀي رڙيون ڪري ذهني مريض نيتن ياهو پنهنجي ذهني مريض هجڻ جو اقرار ڪري رهيو آهي. ٿورو سوچيو! جيڪڏهن واقعي اسرائيل ٽيڪنالاجي جي دنيا جو شهنشاھ آهي، جيڪڏهن سندس ٽيڪنالاجي ايتري اعليٰ ۽ ناقابل شڪست آهي، جيڪڏهن وٽس دنيا جون سڀ کان وڏيون طاقتون آهن ۽ انهن جي پٺڀرائي به حاصل آهي ته پوءِ 710 ڏينهن جي گذري وڃڻ جي باوجود به تون پنهنجن قيدين کي ڇو آزاد نه ڪرائي سگهيو آهين؟

اهوئي ته اصل سوال آهي يعني اهڙو سوال جيڪو سندس غرور جو گهنڊ وڄائي ٿو ڇڏي. وٽس ڊرونز، جديد هٿيار، سيٽلائيٽ سسٽم، ايٽمي هٿيار آهن ۽ دنيا جون سموريون انٽيليجنس ايجنسيون سندس پٺڀرائي ڪن ٿيون، پر نتيجو ڇا آهي؟ ڪجھ سئو مجاهدن کيس ٻن سالن کان وڌيڪ جو وقت ڏئي ڪري به سندس غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، اهو آهي سندس ٽيڪنالاجي جو حال. اها آهي سندس سپر پاور هجڻ جي حقيقت. اها آهي سندس ناقابل شڪست فوج جي اوقات. هو وساري ويٺو آهي ته سندس ڪيترائي شهري، سندس فوج جا ڪيترائي بهادر سپاهي اڄ به مجاهدن جي قبضي ۾ آهن، سندس ٽيڪنالاجي انهن کي ڳولهي لهڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

سندس عالمي اتحاد کيس ذلت جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن سندس مڪروهه چهري تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي. نيتن ياهو! وساري ويٺو آهي ته ٽيڪنالاجي جي حقيقت ايمان جي مقابلي ۾ سدائين ٽڪر ٽڪر ٿي آهي. هٿيار وڏا ٿي سگهن ٿا، ايجادون عظيم ٿي سگهن ٿيون، پر جڏهن هڪ ماڻهو ايمان سان بيٺو هجي، جڏهن ان جي دل ۾ الله جي راضپي جو شوق هجي، جڏهن ان جي سامهون شهادت جو جذبو هجي ته پوءِ دنيا جي ڪا طاقت، ڪا ٽيڪنالاجي، ڪو سپرپاور سندس وکون روڪي نٿو سگهي. فلسطين جي مجاهدن توکي ڏيکاري ڇڏيو ته ايمان جي طاقت ڪيئن ٿيندي آهي. هنن تنهنجين ٽينڪن کي خاڪ ۾ بدلائي، تنهنجا ڊرونز فضا مان ڪيرائي تنهنجين فوجين کي زمين تي گهليو ۽ تنهنجي ٽيڪنالاجيءَ کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. اها حقيقت آهي ته تنهنجي اسرائيلي ٽيڪنالاجي هڪ پاسي ۽ فلسطينين جو سرفروشيءَ جو جذبو ٻئي پاسي، جيڪو هميشه کٽيندو آيو آهي. اهو جملو ته “موبائيل اسرائيل جو ٽڪرو آهي” اصل ۾ تنهنجي اندر جي خوفزده سوچ کي ظاهري ڪري ٿو. تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجا بنياد ڪمزور آهن، تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجا خواب چڪنا چور ٿيڻ وارا آهن، تون ڄاڻين ٿو ته تو وٽ طاقت آهي، پر عزت ناهي، تو وٽ هٿيار آهن، پر همت ناهي، تو وٽ ٽيڪنالاجي آهي، پر غيرت ناهي. تو مصنوعي ڏاهپ ۽ سيٽلائيٽ تي فخر ڪيو، پر ايمان وارن توکي اونداهين ۾ ٻوڙي ڇڏيو. تو ايٽمي هٿيارن تي غرور ڪيو، پر هڪ پٿر تنهنجي دل کي ڌوڏي ڇڏيو. اها ٽيڪنالاجي الله جي مدد ۽ ايمان جي طاقت آهي. اي ذهني مريض نيتن ياهو! تنهنجو غرور هاڻي وڌيڪ زنده نه رهندو ۽ فلسطين جا ٻارڙا، جن جي هٿن ۾ پٿر آهن، اهي تاريخ جا اصل فاتح ٿيندا.