سنڌ جا سرڪاري ملازم جيڪي هن ملڪ جي ڍانچي کي پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان هلائي رهيا آهن، اڄ رستن تي بيوس ڀٽڪي رهيا آهن. سوال اُٿي ٿو ته آخر انهن جو هي معاشي قتل ڇو؟ ڇا سنڌ جا ملازم صرف حڪمرانن جي تجربي لاءِ بچيا آهن؟ نئين پينشن پاليسي ۽ ريفارمز جي نالي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، سي سراسر ظلم ۽ زيادتي آهن. تقريبن 30 هزار سرڪاري ملازم ادارا خالي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جن جي پويان خاندان، ٻار ۽ سڀ گهرڀاتي آهن. ڇا انهن جي چُلهن کي ٿڌو ڪرڻ ئي نئين پاليسي جو مقصد آهي؟
گريڊ 1 کان وٺي 22 تائين جا سرڪاري ملازم جڏهن احتجاجي ريليون ڪڍن ٿا، تڏهن اهو فقط هڪ هڙتال نه، پر سنڌ جي ملازمن جو مستقبل جيڪو داءُ تي لڳل آهي ان بابت احتجاج آهي. سندن مطالبا ۽ سندن احتجاج سندن بنيادي حق آهي. نئين پينشن پاليسي ختم ڪئي وڃي. 50 سيڪڙو DRA الائونس ڏنو وڃي. سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪيو وڃي. هائوس رينٽ الائونس وفاقي ملازمن جيترو ڪيو وڃي. ڇا اها ڳالهه انصاف جي آهي ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جا ملازم DRA الائونس کڻن، پر سنڌ جا ملازم رڳو تماشو ڏسن؟ ڇا سنڌ جي ملازمن جي محنت جو قدر فقط تقريرن تائين محدود آهي؟
هي احتجاج ڪنهن به صورت ۾ معمولي نه آهي. هي صرف ريليون ڪڍڻ نه، پر اها جدوجهد آهي جيڪا آهستي آهستي انقلابي رخ اختيار ڪري رهي آهي. جيڪڏهن حڪمرانن وقت سر هوش نه ڪيو ته اها لهر اقتدار جي ديوارن سان ٽڪرائيندي. حيرت آهي ته حڪمرانن لاءِ وڏا وڏا منصوبا، شاهوڪار لاءِ اربين رپين جا پيڪيج ۽ اشرافيا لاءِ عيش ۽ عشرت موجود آهي، پر جڏهن غريب سرڪاري ملازم جي ڳالهه اچي ٿي ته خزانن تي ڇو تالا لڳي وڃن ٿا؟ ڇا رياست جو بنيادي فرض نه آهي ته هو پنهنجي ملازمن کي معاشي تحفظ فراهم ڪري؟ معاشي تحفظ ئي معاشري ۾ امن امان قائم رکي سگهي ٿو. اهو سوال هر ڪنهن جي زبان تي آهي ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان ناانصافي آخر ڇو؟