پوسٽ اسٽرڪچرلزم نظريو هڪ انفرادي معنيٰ ۽ قدرن جي ماحول ۽ فردن جي هڪ گروھ جي عام معنيٰ مان ورتو ويو آهي ته جيئن ٻوليءَ ۽ گفتگوءَ جي حقيقتن کي سماجي طور تي ترتيب ڏنو وڃي. پوسٽ ماڊرنزم وري هڪ ادبي تنقيدي تصور جي طور تي هڪ پيچيده پيرويءَ جو نالو آهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو اصل ۾ آهي ڇا؟ اسان وٽ داستاني حڪمت عملين ۽ شاعراڻي ٽيڪنڪ جو هڪ سلسلو يا روايت رهندي آئي آهي، جن کي حقيقت ۾ پوسٽ ماڊرنزم جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو، پر اهو نظريو سمجهاڻين ۾ ايترو ڏکيو به آهي جيترو آسان سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري پوسٽ ماڊرنزم جي هن مخصوص اوتار کي رد ڪرڻ لاءِ پر خلوص طور تي پرجوش به ٿي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ پوسٽ ماڊرنزم لفظ ڪڏهن ڪڏهن مختلف صورتن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، ان کان اڳ جو اهي ادبي تنقيدي لفظن ۾ داخل ڪيا وڃن، پر اهو ادبي اڀياس ۾ به شامل آهي ته اهي پهرين منظم طريقي سان استعمال ڪيا وڃن، جيئن شروعات ۾ لکڻ جي نت نون طريقن جي بحث ۾ ٿيندو رهيو آهي.
انساني سماج جي ترقيءَ جو سڀ کان اهم راز جدت ۾ لڪل آهي. جدت جو مطلب آهي نوان خيال، طريقا، طريقيڪار يا شيون ايجاد ڪرڻ ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ. جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهبي ته هر دور ۾ انساني زندگيءَ ۾ نئين شين جي آمد زندگيءَ کي آسان ۽ ترقي يافته بڻايو آهي. مثال طور: ڦيٿيءَ جي ايجاد کان وٺي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ مصنوعي ذهانت تائين هر قدم جدت جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. جدت رڳو ايجاد ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر اهو عمل آهي جيڪو ڪنهن نئين خيال کي عملي صورت ڏئي، ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي. ڪاروبار، تعليم، زراعت، طب، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي شعبن ۾ جدت بنيادي اهميت رکي ٿي. جدت جو سادو مطلب آهي، ڪو نئون طريقو، نئين سوچ يا نئين مصنوعات ايجاد ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ. جدت صرف نئين شيءِ ٺاهڻي ناهي، پر پراڻين شين کي به وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عمل آهي. جدت هميشه عملي فائدي سان لاڳاپيل هوندي آهي، يعني اهو خيال جيڪو انسانن يا ادارن لاءِ قيمتي ۽ فائديمند هجي. جدت جي اهميت کي جيڪڏهن سمجهجي ته اها ڳالھ سمجھ ۾ ايندي ته جدت بنا ڪنهن به سماج يا ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي. مقابلي ۾ برتري جو مقصد ۽ مطلب به رڳو ڪاروبار ۽ صنعتون جدت ذريعي نون طريقن سان مارڪيٽ ۾ اڳڀريون ٿين ٿيون. زندگيءَ کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جدت سان اسان جا روزانه ڪم تيزيءَ سان ٿي وڃن ٿا. مثال معاشي استحڪام جديد معيشت ۾ نوان موقعا پيدا ڪري ٿي، جهڙوڪ: نوان ڪاروبار ۽ نوڪريون. سماجي بهتري لاءِ تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن ۾ جدت ماڻهن جي زندگيءَ ۾ سڌارو آڻي ٿي.
ادب ۽ فن ۾ پوسٽ ماڊرنزم هڪ پيچيده ۽ گهڻ رخي اصطلاح آهي، جيڪو ادب ۽ فن ۾ ترقيءَ جو هڪ وسيع سلسلو بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي 20 صديءَ جي وچ ڌاري سامهون آيا ۽ اڄ به تخليقي اظهار تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. پوسٽ ماڊرنزم جديديت پسند تحريڪن کان هڪ روانگي جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو ان کان اڳ هو ۽ ڪيترن ئي اهم خاصيتن سان منسوب ٿي سگهي ٿو، پوسٽ ماڊرنزم اڪثر ڪري وڏين، وڏين داستانن يا ميٽانيريٽووز جي خيال کي رد ڪري ٿو، جيڪي انساني تجربن جي پوري وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان جي بدران، هي حقيقت جي مجموعي فطرت تي زور ڏئي ٿو. پوسٽ ماڊرنزم جي تعريف ڪرڻ تمام مشڪل آهي، جيئن فلاسافر عام طور تي پوسٽ ماڊرنسٽ کي تصور ڪن ٿا، يعني دريدا ۽ فوڪاٽ وغيره، انهن ڪڏهن به پاڻ کي ڪنهن خاص فلسفياڻي تحريڪ ۾ شامل نه ڪيو. Jean-Jacques Lyotard پهريون فلسفي هو جنهن پنهنجي ڪمThe Postmodern Condition ۾ پوسٽ ماڊرن لفظ استعمال ڪيو. ان کي آسانيءَ سان بيان ڪرڻ لاءِ هن ان جي تعريف ڪئي، مڪمل ردِ عملMetanarratives جي انساني حالت يا سموري انساني تاريخن لاءِ وڏيون وضاحتون ڏنيون، جهڙوڪ: عيسائيت، مارڪسزم، جدلياتي ماديت، سرمائيداري، وغيره وغيره. جديديت اوترو ئي ڦهلجندڙ اصطلاح آهي جيترو پوسٽ ماڊرنٽي، در حقيقت جديد موضوع جي تاريخ ريناسنس جي اوائلي طور تي اڀري آهي. هي اهو دور آهي جنهن ۾ فاشزم، نازي ازم، ڪميونزم، انارڪيزم وغيره جهڙيون انقلابي سياسي تحريڪون نظر آيون.
سرمائيداري جي راڄ هيٺ ثقافت مڪمل طور تي جمود جو شڪار ٿي چڪي آهي، جمالياتي پيداوار اڄ عام طور تي شين جي پيداوار ۾ ضم ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ثقافت جي هڪ شاندار توسيع سماجي دائرو به آهي.Modernism هڪ مخالف فن رهيو آهي ۽ اڃان به سياسي تنقيد پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جي نسبتي خود مختاري يعني سرمائي کان ان جو فاصلو عام طور تي بلڪل واضح ٿي چڪو آهي. سچائي جو تصور جنهن کيPost Structulism ڇڏڻ چاهي ٿو ۽ هڪ تاريخيت جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري خود مابعدالطبعياتي سامان جو حصو آهي. ان کان علاوه جديديت جي موضوع کان ڌار ٿيڻ جنهن کي سياسي تنقيد جي اجازت ڏني وئي آهي، سو هاڻي موضوع جي ٽڪراءَ جي ڪري بي ترتيب آهي، سرمائي جي دٻاءُ هيٺ پوسٽ ماڊرنزم ادبي نمائندگي کي ڇڏي ڏنو آهي. هن جو مطلب اهو ناهي ته سياسي اختلاف جي سموري صلاحيت ختم ٿي وئي آهي، پر جديد فن ۽ ادب ۾ اهڙو ڪوبه اهم نقطو پيش نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته ليوٽارڊ جي نمائندگي اسان کي مطلق العنانيت جي رستي تي وٺي وڃي ٿي، جتي رڳو اختلاف راءِ مخالف نمائندگيءَ سان آزاديءَ جا متبادل پيش ڪري ٿي،Post Modernism جي نمائندگيءَ ۾ مشغول ٿيڻ کان انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي ائين ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ سياسي ڪمزوريءَ جو سبب بڻجي ٿي.
هي ڪتاب تاريخي، تحقيقي، ثقافتي، ادبي ۽ صحافتي ڪهاڻين تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب ۾ فياض عباسي اداري پاران ٻه لفظ لکيا آهن، مهاڳ حزب الله آءِ سومرو جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ رايا به شامل آهن جن ۾ ڪوثر ٻرڙو جو ڪفايت گل هڪ اڻ ٿڪ صحافي، ممتاز ڪنول جو ڪفايت گل بااخلاق ڪردار، ضمير لاشاري جو ڪفايت گل منهنجو دوست، ميڊم دُر بتول ڪاظمي جو منظر ڪشيءَ وارو ڪتاب، امجد دراني جو سٺو صحافي، سٺو شاعر، اياز جاني جو هڪ سٺو صحافي، خان محمد سولنگي جو ڪفايت گل جستجو جو نالو ۽ مقيم ناز بلوچ جو سچ لکڻ جو قائل جهڙا رايا شامل آهن. ان سان گڏ ليکڪ پاران به هڪ مضمون ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي فهرست ۾ استاد منظور علي خان، خيرپور ضلعو ۽ کجيون، قطعي ۽ رُبائي جو بادشاھ شاعر اميد خيرپوريءَ جي اٺين ورسي، سچل سرمست، مسجد گولي شاھ، فيض محل، خيرپور ۽ جرڳا، گهوڙن جا سُنبَ، خيرپور ضلعو ڌاڙيلن جو ڳڙهه بڻيل، سچل ۽ تصوف، خيرپور ريلوي اسٽيشن، خيرپور ۾ جنڊيءَ جو ڪم، خيرپور ۽ اسٽيج ڊراما، خيرپور جو فلٽر پلانٽ، خيرپور ۾ ٺڪر جا ٿانو، سراج پٺاڻ، خيرپور ۾ ماتمي زنجير ۽ گُرز، سينٽرل جيل خيرپور ۾ بيماريون، خيرپور ۾ مينارڪو ڪم ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، امير شاھ ڌاڙيل جو انٽرويو، امير شاھ جي گرفتاري، ڪوٽڏيجي قلعو، سچل سرمست لائبريري جا نسخا، خاڪي شاھ پُل، 6 ڊسمبر سنڌي ٽوپيءَ جو ڏينهن، خيرپور ۾ سنڌي ٽوپي جي حوالي سان راڳ رنگ، مهانگو ڪاٺُ، خيرپور ۾ لوهار پذيرائي ماڻي نه سگهيو، پکين جا پڃرا، خيرپور ۾ رلين جو عروج، سچل سرمست جو 187 هون عُرس مُبارڪ، گهنٽا گهر خيرپور، ونجھ وٽي راند، ميڊيم ويز جي بند پيل نشريات ۽ ليکڪ جو تعارف جهڙا مضمون شامل آهن، جيڪي پڙهڻ وٽان آهن.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪفايت گل جي صحافتي اهميت ۽ خدمت تي وڏي تفصيل سان لکيل آهن، ان ڪري ته سڀ رايا پڙهي هڪ ڳالھ جو پختو يقين ٿيندو ته ڪفايت گل واقعي ئي هڪ بي باڪ صحافي آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ لڳن سان صحافتي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي ۽ گڏوگڏ ٻن اخبارن (چنگ ۽ عين عبادت) جو ايڊيٽر (مالڪ) پڻ آهي، سٺي صحافت ذريعي معاشري جي اوڻائين، باريڪين، برائين ۽ ڀلائين جي پروڙ ڪري سگهجي ٿي، جنهن تي ڪفايت گل جو قلم وهي ٿو ۽ ثابت ٿو ڪري ته واقعي هو ڀلوڙ صحافي آهي، هو هن ڪمرشل دور واري صحافت ۾ به پاڻ مڃائي ٿو، جو جتي صحافت وڪائو ٿي وئي آهي، جتي صحافت درٻاري ٿي وئي آهي، اتي هن جي بي باڪي ساراھ جوڳي آهي. ڪتاب جي مضمونن جو ذڪر ڪجي ته “استاد منظور علي خان اڪيڊمي” مضمون اندر ادارن جي هلائڻ وارين ڏکيائين جي پروڙ ٿيل آهي ته ڪيئن ادارا رتُ ستُ پي ٿا ڇڏين ۽ واهر ڪندڙ ارباب اختيار ڪنهن به سهائتا ڪرڻ کان آجا هوندا آهن، انهن جي مرضي آهي ته اهي ادارو هلڻ ڏين يا نه ڏين يا اداري جي مالي سهائتا ڪن يا نه ڪن، ان ڪري ته ادارن کي هلائڻ جي لاءِ Funding ۽Dedication جي ضرورت ٿي پوي، جيڪا سولي نه ٿي ملي ۽ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هن مضمون ۾ اهي شيون تفصيل سان ڏنل آهن جيڪي پڙهڻ وٽان آهن. مضمون “خيرپور ضلعو ۽ کجيون” ۾ خيرپور ۾ ڏونڪا (ڏوڏا) جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي ته ڪيئن مند اچڻ سان خيرپور ۾ اهي سڀ ڪاروهنوار ڀرپور هلن ٿا جيڪي علائقي جي ماڻهن جي خوشحالي جو سبب پڻ آهن، پر سرڪاري خاطر خواھ سهائتا ۽ انڊسٽري جو رجحان نه هجڻ جي ڪري کجين جي پوکيءَ جي پروجيڪشن نٿي ٿئي، پر شهر ۾ لاڏو ماڻهن کي روزگار جا موقعا پوءِ به ملي ٿا وڃن، جيڪي سيزن اچڻ سان پئسا ڪمائي وري پنهنجن شهرن ڏي روانا ٿين ٿا. مضمون “قطعي ۽ رُبائي جو بادشاھ شاعر اميد خيرپوريءَ جي اٺين ورسي” ۾ اميد خيرپوريءَ جي ذاتي زندگي تي جا ڪجھ ذڪر ٿيل آهن، هي مضمون گهڻو تحقيقي مواد تي ٻڌل آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اميد خيرپوري جي ادبي خدمت جي پروڙ پئي ٿي. مضمون سچل سرمست به تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هڪ اعتراض ڀلو لڳو ته مزار جوڙڻ مهل سچل سرمست جي والد جي قبر مبارڪ به مزار جي احاطي ۾ اچڻ کپي ها، مضمون ۾ عُرس مبارڪ جون خبرون به تفصيل سان شامل آهن.
مضمون “گوله شاھ” به هڪ تاريخي مضمون آهي، جنهن ۾ تحقيقي پهلو شامل آهن، جس لهڻي رائيٽر جيڪو ايترا تفصيل هٿ ڪري اهي مضمون ترتيب ڏئي ويو، جيڪي پڙهي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن مضمون ۾ مسجد گوله شاھ جي تاريخي هيئت ۽ حيثيت ڄاڻايل آهن، هي مسجد 1234 جي جوڙيل آهي، هن مضمون ۾ اها ڳالھ وائکي ٿيل آهي ته 200 سال پراڻيون مسجدون ۽ ادارا به سرڪار جي سنڀال کان وانجهيل آهن، جنهن جي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي ته سرڪار (اوقاف کاتو) تاريخي جاين جي مالڪي ڪري ۽ انهن جي لاءِ هڪ خاص بجيٽ مختص ڪري ته جيئن تاريخي ماڳن جو بچاءُ ڪري سگهجي. مضمون “فيض محل” به هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ ماڳ آهي، هي محل پراڻي پارليامينٽ، وزيراعظم هائوس، لکي بنگلو ۽ والي رياست جي نالن سان مشهور آهي، 1894 ۾ جوڙايل هي مهل سرڪاري سارسنڀال کان وانجهيل آهي. مضمون “خيرپور ۽ جرڳا” ۾ شهر اندر ترت فيصلا ڪرڻ ۽ ڌرين جي وچ ۾ خوني تڪرارن جو نبيرو جرڳن جي ذريعي سلوڻي انداز ۾ اڻيل آهي ۽ اها ڳالھ به سمجهي يا مڃي سگهجي ٿي ته ملڪ جي ڪورٽن اندر هزارين ڪيس پيل آهن جن جي واهر نه ٿي ٿئي، پر جرڳا هڪ واحد حل آهن جنهن ۾ ڌريون کير کنڊ ٿيو وڃن ۽ لکين ڪروڙين رپيا ڀري مسئلن جا حل ڳولهين ٿيون. هن مضمون ۾ خيرپور اندر ٿيل جرڳن ۽ فيصلن ۽ چَٽين جو ذڪر به تفصيل سان ٿيل آهي.
مضمون “گهوڙن جا سنب” ۾ ٽانگن ۽ ان سان لاڳاپيل دڪانن ۽ هڪ صنعت جي زوال جو ذڪر ٿيل آهي، پر اها حقيقت مڃڻي پوندي ته انجڻين جي اچڻ سان ۽ مشينري جا وافر مقدار ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب شهرن ۽ مارڪيٽن جا نقشا بدلائي ڇڏيا آهن، جتي ٽي ويون ۽ ريڊيا کپندا هئا اتي ڪمپيوٽر ۽ موبائيلن جا دڪان جاءِ والاري ويا آهن. شهرن اندر نوان نوان مارڪيٽ جڙن ٿا، پر هڪ روايت ۽ سونهن جيڪا گهوڙي بگي (ٽانگي) ۾ هوندي هئي، جيڪا ٽاٻڙڪا ۽ آواز ٽانگي سان سلهاڙيل هئا سي هاڻي خاموش ٿي ويا آهن. مضمون “خيرپور ضلعو ڌاڙيلن جو ڳڙھ” ۾ خيرپور اندر بدامني جي راڄ کي وائکو ڪيو ويو آهي. ان ڪري جو ضياءَ جي دور کان وٺي جيڪي هٿيارن ۽ اسمگلنگ ۽ افغان طالبان جي فيڪٽري کلڻ جي ڪري جيڪي اثر ملڪ جي ٻين حصن ۾ پيا ساڳيا پرتوا سنڌي سوسائٽي ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي روپ ۾ آيا جيڪي اڃان تائين هلندا پيا اچن، پر انهن جي روڪٿام ممڪن نٿي لڳي، ان ڪري ان ساڳي تناظر ۾ هاڻي وري ساڳي ڪارِ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪجھ ٻين علائقن ۾ به ڏسي سگهجي ٿي. مضمون “سچل ۽ تصوف” ۾ تحقيقي انداز ۾ تصوف سمجهايل آهي ته ڪيئن 15 جاين تي سچل پنهنجي ڪلام ۾ تصوف کي ڳايو ۽ ساراهيو آهي. مضمون “خيرپور ريلوي اسٽيشن” ۾ خيرپور اندر ريلوي اسٽيشن جي زبون حالي جو ذڪر ٿيل آهي ته ڪيئن انگريز دور جا جوڙيل ادارا ۽ ان دور جون ٺهيل عمارتون اسان جي سرڪار سنڀالي نه پئي سگهي. ان ڪري ته جيتري ايمانداري سان انهن بي دين ماڻهن هن خطي ۾ ڪم ڪيو شايد اسان به ڪٿي ڪيو هجي، ان ڪري ته ان دور جا ڏنل ادارا هاڻي تائين فعال ته آهن، پر عمارتن جي زبون حالي ڏسي ڏک ٿيندو آهي ته انگريز جي اڃان به هجي ها ته هن خطي ۾ اڃان به ترقي ممڪن هجي ها، پر هاڻي چائنا جي ڪمرشلائيزيشن جي ڪري پنجاب اندر ٽرين سسٽم ڀلو ڪم ٿو ڪري، اتي ريلوي نظام جديد بڻايو ويو آهي، پر رائيٽر جي ڳالھ وانگي خيرپور اندر اٺَ ريلوي اسٽيشنن منجهان رڳو ٻه ڪم جون آهن جن جا اسٽاپ به ڪم ڪن ٿا، ساڳيو حال ملڪ جي ٻين ريلوي اسٽيشن جو به آهي، ان ڪري ته مافيائن ملڪ جي ادارن جو حال بُرو ڪري ڇڏيو آهي، مضمون حصن تي مشتمل آهي جنهن جي هر حصي ۾ هڪ بهترين تحقيق ٿيل آهي.
مضمون “خيرپور ۾ جنڊيءَ جو ڪم” ۾ خيرپور اندر جنڊِيءَ جي ڪم جو ٺَپُ ٿيڻ جا سبب ڄاڻايل آهن، جنهن پنجاب مان شهر اندر سستن اگهن تي آندل جنڊيءَ جا ڪم لوڪل دڪاندارن کي پنهنجا دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏيو ته اهي پنهنجا ڪاروبار بند ڪن، ساڳي ڳالھ هاڻي چائنا سان به واڳي سگهجي ٿي ته ڪيئن چائنا اسان جي ملڪ جي صنعتن کي به ٺَپُ ڪري ڇڏيو آهي، جتي به ڪا صنعت هلي نه ٿي سگهي، ان ڪريLabor Cost ، بجلي ۽ ٽيڪس جي آزارن جي ڪري فيڪٽرين ۽ صنعتن جا ملڪ صنعتن کي تالا هڻڻ تي مجبور آهن. “خيرپور ۽ اسٽيج ڊراما” مضمون ۾ خيرپور اندر اسٽيج ڊرامن جي زوال جا سبب ڄاڻايل آهن ان ڪري ته 90 واري ڏهاڪي ۾ جيڪا Attraction اسٽيج ڊرامن ۾ هوندي هئي سا هاڻي ناهي رهي ته ميڊيائن جي بدلاءَ شين جا رخ ۽ شڪليون موڙي ٽوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي هاڻي وري ساڳي عروج جي لاءِ آتا آهن، جيڪو ممڪن به ناهي، ان ڪري ته هاڻي Commodities ۽ مارڪيٽ به چينج ٿي ويا آهن جن جا نوان نوان سودا سامانConsumerism ۾ نوان رخ ۽ لاڙا آڻڻ تي مجبور آهي. “خيرپور جو فلٽر پلانٽ” مضمون ۾ سرڪار جي لاپرواهي ڄاڻايل آهن ته ڪيئن سرڪار ادارن جي اندر ڪرپشن جي عروج جي ڪري ادارا تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. “خيرپور ۾ ٺڪر جا ٿانوَ” مضمون ۾ شهر اندر انهن پراڻين ۽ اوائلين صنعتن جو زوال اچي ويو آهي، جنهن کي رائيٽر ڳڻي ساري سنڀالي لکيو آهي، پر حيرت اها به آهي ته نوان نوانLife Style ۽ جدت جي دنيا ماڻهن جي زندگي به بدلائي ڇڏي آهي، جتي مٽ، دِلا، گگهيون هونديون هيون جتي ٺڪر جا ٿانوَ هوندا هئا اتي هاڻي جديد شين جاءِ والاري ورتي آهي ۽ ماڻهن جي گهرن مان اهي شيون هاڻي آهستي آهستي غائب ٿينديون ٿيون وڃن ۽ نئين طرز جون شيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن جن جي Replacement ممڪن ناهي يا ائين چوڻ سولو ٿيندو ته هر صدي زندگي جا روپ به بدلائي ٿي ڇڏي. مضمون “سراج پٺاڻ” ۾ پهلوان جي ذاتي زندگي جا ذڪر اڻيل آهن. “خيرپور ۾ ماتمي زنجير ۽ گرز” اندر شهر ۾ مذهبي ريتن جا ذڪر ٿيل آهن. “سينٽرل جيل ۾ بيماريون” مضمون ۾ جيل اندر قيدين جي حالت زار جو ذڪر ٿيل آهي. “خيرپور ۾ مينارڪي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم” مضمون ۾ گذريل ڏهاڪن کان Trend چينج ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيل آهن ته هاڻي بازاريون ۽ ماڻهن جي خريد مٽجي وئي آهي، جن شين جو عروج هوندو هو اهي هاڻي زوال پذير آهن، جيڪي شيون پهرين رواج ۽ رسمن ۾ شامل هونديون هيون اهي هاڻي غائب ٿي ويون آهن. “امير شاھ ڌاڙيل جو انٽرويو” مضمون ۾ امير شاھ جي ذاتي زندگي جو سربستو احول ڏنل آهي. مضمون “ڪوٽڏيجي قلعو” ۾ قلعي جي تفصيل ڏنل آهي جيڪي پڙهڻ ۽ قلعو گهمڻ وٽان آهي. مضمون “سچل جي لائبريري جا نسخا” ۾ سچل جي لائبريري ۾ پيل ڪتابن ۽ مواد جو ذڪر ٿيل آهي. “خاڪي شاھ پُل” مضمون ۾ ان جي مختص بجيٽ جو ذڪر ٿيل ۽ ان سان گڏوگڏ ناقص مٽيريل جو احوال به ڏنل آهي. “6 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي جو ڏينهن” مضمون ۾ ثقافتي رنگن جي ڳالھ اڻيل آهي. “مهانگو ڪاٺ” مضمون ۾ خيرپور ۾ زوال پذير ٿيندڙ صنعت جو ذڪر ٿيل آهي جنهن ۾ ليکڪ جي ڳڻتي ۽ تحقيق پڙهڻ جهڙي آهي ته هن اهڙين شين جي اپٽار ڪئي آهي جيڪي ورلي ڪيون ويون هجن، ان ڪري ته پراڻين ۽ اوائلي شين ۽ بازارين جي ختم ٿيڻ سان انهن جي استعمال ۾ به گهٽتائي آئي آهي. “خيرپور جا لوهار پذيرائي ماڻي نه سگهيا” مضمون به اهڙي ڪٿا جوڙي ٿو هلي جو هاڻي مشيني ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪري عام ۽ هٿراڌو دڪان به مشيني ۽ ٽيڪنيڪل بڻجي ويا آهن جيڪي پراڻين شين جي زوال جو سبب بڻيا آهن.” “پکين جا پڃرا” مضمون ۾ اهڙي ڪٿا اڻيل آهي جنهن ۾ پراڻا دڪان ۽ ڌنڌا ڪاروبار بند ٿي ويا آهن.
“خيرپور ۾ رلين جو عروج” مضمون ۾ ثقافتي شين جي زوال ۽ عروج جون ڪٿائون جڙيل آهن. مضمون “سچل سرمست جپ 187 هون عُرس مُبارڪ” ۾ سچل جي ميلي جا ذڪر ٿيل آهن. مضمون “گهنٽا گهر خيرپور” ۾ شهر اندر انگريز دور ۾ ٺاهيل شين ۽ عمارتن جا ذڪر ڪيل آهن. “ونجھ وٽي راند” مضمون ۾ خطي جا اوائلي راندين جا ذڪر ڪيل آهن جيڪي هاڻي نٿيون کيڏيون وڃن ان ڪري ته هڪ دور هو جڏهن ٽي وي ميڊيا ۽ ايتري جدت نه هئي، پر ان دور ۾ راندين ۽ ثقافتي رنگن ۾ رڱيل شين جا پنهنجا مزاج ۽ مزاحيا، هاڻي جي دور ۾ ٽيڪنالاجي جي هوندَ جي ڪري شين جي حيثيت تبديل ٿي وئي آهي، آخر ۾ “ميڊيم ويوز جي بند پيل نشريات” مضمون ۾ ريڊيي جي دور ۽ زوال پذيريءَ جا سبب ڄاڻايل آهن، پر هاڻي جي دور ۾ اهي رواج ۽ ريتون ناهن رهيون جو ماڻهو فوني جي آڏو به ويهي راڳ ٻڌي سرور ڀائيندا هئا هاڻي ميڊيا ۽ شين جي گهڻ ٽيڪنالاجي جي عروج ڪري ۽ تيزي سان مٽجڻ جي ڪري اهيCharm ۽ مزا ناهن رهيا ۽ شين جي گهڻائي جي ڪري ميوزڪ، فلم، ڊرامن، اخبارن، ڪتابن مان چس هلي وئي آهي. مشيني دور جي ڪري هاڻيScreen Addiction به گهٽبو ٿو وڃي، ماڻهن ۾ اهيTrends ۽Traditions به ناهن رهيا جو ڪنهن وٽ ويهي ڪا فلم ڏسجي ياEntertain ٿجي ان ڪري موبائيل ٽيڪنالاجي پراڻين شين کي سهيڙي سوگهو ۽ سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪتابي مضمون خبري انداز ۾ شامل آهن، حالانڪه خبري ۽ مضموني اندزا مختلف آهن، پر ليکڪ کي شاباس آهي جنهن ايترا موضوع ۽ مضمون ۽ انهن تي لاڳاپيل تحقيقون سانڍي رکيون ۽ انهن کي مضموني شڪل ڏني وري انهن کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪيو، ان ڪري ته انهن شين، صنعتن، فيڪٽرين، بازارين، مارڪيٽن ۽ ريتن رسمن ڏي ڪنهن جو ڌيان ورلي ويندو هوندو جو اهي ماڻهو کڻي تحقيق ڪن، ان ڪري ته هر ماڻهو تماشائي آهي اهي نين شين جي استعمال جا شوقين آهن ۽ پراڻين شين کي بدلائڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن، ڪتاب اندر ڪجھ پروف رهجي ويا آهن جيڪي بهتر ڪجن ها ته ڀلو هو بهرحال ڪتاب سانڍڻ جهڙو آهي جنهن تحقيقي مضمون پڙهڻ ۽ ونڊڻ جهڙا آهن ۽ سائين ڪفايت گل مان اها ئي اميد آهي ته هو اهڙا املھ ڪتاب ڏيندو رهندو.