بلاگنئون

سڪرنڊ جي معصوم نياڻي جو قتل انصاف جو منتظر

سنڌ ڌرتيءَ تي ڪي وحشي جانور رھن ٿا، جيڪي ڪڏھن فاطمه جھڙي نياڻين کي ته ڪڏھن پريا ڪماري جھڙي نياڻي کي ماءُ کان جيئري جدا ڪريو ڇڏين. تازوئي سڪرنڊ ۾ هڪ باگڙي قبيلي جي ننڍڙي معصوم نياڻي جي ڪنن مان سونيون واليون ڪپي بيدردي سان کيس قتل ڪيو ويو آهي. ڇا ھن جو ڏوھ اھو آھي ته ھيءَ ماءُ پيءُ جي دادلي ھئي. ماءَ ھن کي پيار منجھان سون جون واليون پارايون. اڄ سون جھڙي نياڻي ظالمن مٽي حوالي ڪري ڇڏي. نياڻي ھـندو ھجي يا باگڙي ھجي. سنڌ ۾ رھندڙ نياڻي سنڌ جي آھي. اسان جو مذھب انسانيت ۾ ڪو فرق نٿو رکي. انسانيت جو ناتو احساس ڏک آھي. ٻئي جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ سندس ڏکئي وقت مدد ڪرڻ، دلاسو ڏيڻ ئي انسانيت آھي. اسان سڀني جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اها گهر آهي ته ھن نياڻي جي قاتلن کي ڳوليو وڃي ۽ کيـن ڦاسي تي چاڙھيو وڃي. اھڙا ظالم وحشي ھن ڌرتي تي ڄڻ بار آھن. جن ھن ڌرتيءَ تي گلاب جھڙين معصوم نياڻين کي بي گناھ قتل ڪيو آھي. اسان سنڌ حڪومت کان اپيل ڪيون ٿا ته سڪرنڊ جي ھن نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ھن واقعي جو جلد نوٽيس ورتو وڃي ۽ قاتلن کي جلد کان جلد قانون جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي ۽ قانون مطابق کين سزا ڏني وڃي.