بلاگنئون

هُو جُهوپڙن جو سج هو…!

هُو جنهن جي للڪار هانسي سوڍي جي تلوار وانگي ثابت وِيڄ سڙاڪ هُئي، هُو جڏھن “گُهورن جُون گهٽائون” ڪري پنهنجي ويس ۾ ديس جي مِٽي هاڻن ماروئڙن سان لاڙ جي لهجي ۾ محو گُفتگُو ٿيندو هو تڏھن سُورج مُکيءَ جا گُل پيلا ڦُل کڻي هوائن جي لولين تي جهولين ۾ جهلي سندس آجيان ڪندا هُئا. هُو سراپا سنڌ هو. سنڌ هُن جي رڳ رڳ ۾ رچي ريٽو ٿيل هُئي.

هُن جي مِٽيءَ سان مُحبت ڪنهن مادي شيءِ جي ھڙ حاصل ڪرڻ لاءِ قطعي نه هُئي، پر هُن جي وطن سان مُحبت جو مقصد فقط ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪن جا چَنڊ اُڀارڻ هو. هُن اهو نه ٿي چاهيو ته هُو پارليامانيءَ سياست جي سينوريل سفيني ۾ سُنوار ٿي پرايا حق ڦَٻائي پنهنجو پيٽ ڀري ها، پر هُن چاهيو ٿي ته جُهڳين ۽ جُهوپڙين ۾ رهندڙ مُنهنجا جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا سرها ۽ سورها هُجن. هُن چاهيو ٿي ته منهنجي سنڌ جي هارين جي لُڙڪن کي ڪو لهجو ملي، هُن چاهيو ٿي ته ڪو ڀتي خور ڀاڙي منهنجي ڌرتيءَ جي ٻاڙي به نيلام نه ڪري. هُن چاهيو ٿي ته اُن هاريءَ جا هٿ خالي نه هُجن جنهن هاريءَ رات ڏينهن پنهنجو رت سينچي ڌرتيءَ مان سونا سونا سنگ اُپايا آھن. هُن چاهيو ٿي ته آچار جي پُٽڙن جا انگ ليڙون لَٽن ۾ اُگهاڙا ٿي بي رنگ نه بڻجن، هُن چاهيو ٿي ته رُوپا جا جُهوپا رڻ ۾ ٺريل رات جو چانڊوڪيءَ ۾ چُوڙن وانگي چمڪندا رهن. هُن جي من ۾ بس اها ئي تمنا هُئي ته چاڳلي جي نياڻيءَ جُون ڪرايون ڪانچ جي ڪَنگڻين کان محروم نه هُجن. هُن چاهيو ٿي ته مِينهن جي ڏينهن ۾ منهنجن ماروئڙن جي اَجهن جُون ڇتيون ۽ سندن اکيون نه ٽمن. هُن جي حسرت هُئي ته عيد جي ڏينهن منهنجا اباڻا لانگهي نه سُمهن.

راهوڪيءَ جي رهواسيءَ ڪاڪي عنايت جي اکين جو تارو هي ڌرتيءَ جو راڄ دُلارو شھيد فاضل راهو، جڏھن لاڙ پَٽن جي شامن ۾ بيد مُشڪ جي لامن هيٺ ويهي ڪنهن ڪارڙي ڪولهي جَي ٻاتڙي ٻارڙي کان حال پُڇندو هو تڏھن نَڀُ جا نَو لک ستارا سرها ٿي اُن ٻار جي اکين جي ماڻڪين وانگي مُرڪي پوندا هُئا. هُو جڏھن مِٺو ڪَڇيءَ جي آلاپ اڄ ته مارن عيد ڪئي، کي اوگنائي پنهنجي اندر جي عُميق ۾ لهي ويندو هو تڏھن سندس اکيون اهو سوچي ڀرجي اينديون هُيون ته منهنجا مارو الئه ڪڏھن عيد ڪندا..؟

شهيد فاضل راهُو جھڙا ڌرتيءَ جا دلبند پُٽ جڏھن وطن تان وارجي ڪنهن ڀاڙيتو بُزدل هتان مارجي ويندا آھن، تڏھن وطن وانجهيا ٿي پوندا آھن، وطن جي قدآور ڪوهسارن جا ڪنڌ شرم منجهان جُهڪي پوندا آھن، سمندر سوڳ جي لهر ۾ شانت ٿي ويندا آھن. دريائن جُون دانهُون ٻُڌي سر زمينِ سنڌ سراپا درد بڻجي ويندي آھي. صالحن جي مائرن جُون جهوليون سُڏڪي پونديون آھن. هُو جيڪو هارين جي حقن لاءِ وِيرن وانگي وڙھندي پنهنجي هيرن جھڙي حياتيءَ جو هار وطن تان گهوري اِتهاس جي اک ۾ سدا امرتا پائي ويو..!

هُو اهڙو آسمان هو جيڪو اَڀرن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجندو هو، هُو اهڙو اڳواڻ هو جيڪو غريب جُون ڳالهيون ٻُڌي غمن ۾ ٻُڏي ويندو هو. هُو اھڙو بَڙ جو جهاڙ هو، جنهن جي پاڙ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کُتل هُئي. هُو اهڙو معصوم انسان هو جنهن سان ملاحن جا ٻار هينئن جو هار سمجهي پيار ڪندا هُئا.

هُو محلاتن جو چَنڊ نه، پر جُهوپڙن جو سج هو. هُو جڏھن لاڙ تان هميشه لاءِ لهي ويو تڏھن نريڙيءَ جو رڻ راڙو ڪري گجيو هو. هُو اهڙو آواز هو جنهن جي انداز ۾ ڌرتيءَ چنگ جي ڌُن تي مور ناچ ڪندي محسوس ٿيندي هُئي. هُو اهڙي ارڏي اک جو ڌڻي هو، جنهن اک جي گرهوڙي گُهور دُشمن لاءِ ڀالي ۽ بڙڇي وانگي هُوندي هُئي. هُن جي ڪڙڪيدار ٻولي دُشمن لاءِ گولي جو گهاوَ ھُوندي هُئي. جڏهن هُو هو ته لاڙ لاڏا ڳائيندي هُئي، هُو هو ته سنڌ ننڌڻڪي نه هُئي. هُو هو ته هميري ڪولهيءَ جو هينئون ڀريل هو، هُو هو ته خميسي ملاح جو خالي کيسو به سندس دل وانگي درياءَ هو. هُو هو ته سنڌُو جُون لهرون ڇولين جي ڏولين تي هسوار ٿي ڇم ڇم ڪندي کاري ڇاڻ سان هم ڪلامي ٿي سنڌ ساگر جي سلامي ڀرينديون هُيون.

هُو بيٺ تي سنڌرا ٻَڌي لَڙيو هو سنڌ جي اُنهن لکين هارين ۽ نارين لاءِ جيڪي ظالم زميندارن جي شاطر چالن ۾ ڦاٿل هُئا جن جُون حياتيون ڳري ويون، پر قرض نه ڳريو. هُو للڪار ڪندي لٿو هو سنڌ جي اُنهن هزارين هارين لاءِ جن وٽ پنهنجي ٻنيءَ جي ٻاوڙيءَ به نه هُئي، جيڪي پاپي پيٽ لاءِ گهٽ ريٽ تي بي رحم زميندارن وٽ حياتيون گرويءَ رکي ويٺا هُئا. جيڪي نه پنهنجن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيا ٿي نه غميءَ ۾. هُو آواز بڻيو هو سنڌ جي اُنهن لکين لاوارث هارين جو جيڪي هيبتناڪ حالتن هٿان مجبور هُئا. جن کي ظالم زميندار ماڻهو نه، پر پورهئي جُون مشينون سمجهندا هُئا. جيڪي هزارين ٽن اَن پيدا ڪرڻ باوجود اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي لاءِ سڪندا هُئا، جن لئه عيدون ۽ هوليون به غمن جُون گوليون کڻي اينديون هُيون.

شهيد فاضل راهو کي خبر هُئي ته پُوھ پارن ۾ آڌيءَ رات جو اُٿي بنا ڪنهن گنديءَ جي ڪَڙين تي بيهه پاڻي وارڻ ڪيڏو ڏُکيو ڪم آھي، پر هيٽر ۾ سُتل اُنهن زميندارن کي ڪهڙي خبر جيڪي هر سال کري ۾ هارين جي ٻچن جي روزيءَ تان پاڻي ڦيري هليا وڃن ٿا، پر هارين جي اُداس نارين جي اکين جو پاڻي نٿا ڏسن. اونهاري جو اي سي ۾ ويهي هارين جي کاتن جو جوڙ ڪَٽ ڪندڙ ڪمدارن کي ڪهڙي ڪَل ته اونهاري جا ڏينهن ۽ سانوڻ جا مينهن اُگهاڙن پُٺن تي وسائڻ ڪيڏو ڪَٺن آھي. پوھ پارن ۽ ڳپ ڳارن ۾ ٽن ڪپڙن ۾ جيون ڪَٽڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ٿورو ئي هوندي آھي.

شهيد فاضل راهو ڄاتو ٿي ته ڪيڏو نه ننگو ناحق آھي جو رُکن مرچن سان ماني کائيندي مرچ پوکين هارين ۽ مرچن جھڙا رتا نوٽ زميندار کڻي وڃن. سون جھڙي ڪڻڪ اُپائين هاري ۽ بدلي ۾ اُنهن کي سُرو کاڌل اَٽو به نٿو ملي. ميندري جي مومل جي ڏندن جھڙا چانور هارين جي پورهيت هٿن جي محنت سان پيدا ٿين ۽ اُنهن کي بدلي ۾ چانورن جو داڻو به نصيب نٿو ٿئي. شهيد فاضل راهو کي اهو سوچي ننڊ نه ايندي هُئي ته زميندارن وٽ سڀ ڪُجهه هُوندي به هارين کي ٻج ڀاڻ وياج خور سيٺين کان وياج تي کڻي ڏين ٿا، جنهن جو وياج ڀريندي ڀريندي عمر جو سج لهي وڃي ٿو، پر هارين تان قرض نه لٿو.

17 جنوري 1987ع وارو اُهو اڀاڳو ڏينهن ڀلا ڪيئن وسرندو جنهن ڏينهن سنڌ جي هن ارڏي شينهن کي هڪڙي بُزدل لڪي وار ڪري اسان کان ڌار ڪيو هو. اُن ڏينهن رڳو راهوڪي رت ڪونه رُني هُئي، پر سموري سنڌ سُڏڪي پئي هُئي. لاڙ پنهنجو لهجو وساري ويٺي هُئي ته ٿر جي هر گهر ۾ پٿر پئجي ويا هُئا. ننگر کان ڪيٽي بندر تائين هر اک مان منڇر وانگي انڇر نير وهي رهيو هو…!