ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ ماڙيءَ جي مقام تان تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ (MPCL) طرفان گهوٽڪي ضلعي جي علائقي ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ملڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي ۾ ماڙي غازيج جي علائقي مان CF-B1 کوهه تي نوان تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن کوهه مان روزانو 305 بيرل تيل ۽ 3 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گئس ملي آهي. ماڙي پيٽروليم جو چوڻ آهي ته هي غازيج جي علائقي ۾ سڀ کان ٻيو وڏو تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ کوهه آهي.

ٿورو وقت اڳ ماڙي انرجي سنڌ جي سجاول ضلعي ۾ به هڪ اهم گئس دريافت جو اعلان ڪيو هو. هيءَ دريافت سوهو-1 کوهه تي ٿي، جتان روزانو 30.01 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گئس ملي هئي. هن وقت ماڙي پيٽروليم ملڪ ۾ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ انهن دريافتن کي پاڪستان جي توانائي واري شعبي لاءِ اهم سمجهيو وڃي ٿو. ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاڪستان ۾ گئس پيدا ڪندڙ وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي، جيڪا هيستائين ملڪ جي مجموعي گئس جو اٽڪل 18 کان 23 سيڪڙو حصو فراهم ڪري ٿي.

اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته ماڙي گئس فيلڊ ملڪ جي کاڌي جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڇو ته ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ طرفان فراهم ڪيل گئس ۽ تيل تي ئي مشتمل آهي. گئس جي نئين دريافت کانپوءِ ماڙي مان سپلاءِ ٿيندڙ گئس جو حصو ملڪي پيداوار ۾ اڃان وڌي ويندو، جنهن سان ملڪ جي توانائي جي گهرج ۽ رسد جي وچ ۾ گهٽتائي کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي توانائي جي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي. کوهه ۾ گئس سان گڏ قدرتي تيل جي پيداوار به ٿي رهي آهي ۽ گئس ۽ تيل جو گڏ ملڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته ذخيرو هائيڊرو ڪابارن سان ڀريل آهي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ گئس جي ڪوالٽي پروسيسنگ کانپوءِ بهتر ٿي ويندي، جنهن سان ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۾ به واڌارو ايندو.

جتي گئس جو ملڻ ۽ گئس سان گڏ تيل جي ملڻ جي خوشي آهي اتي آئين ۽ قانون جي مطابق انهن قدرتي وسيلن جو استعمال نه ٿيڻ ڪري صوبي جي ماڻهن سان جيڪا ناانصافي ۽ ٻه اکيائي ٿئي ٿي ان بابت به ڳالهائڻ ضروري آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ هي اصول واضح طور بيان ٿيل آهي ته “جنهن صوبي ۾ قدرتي گئس جو کوهه واقع هجي ان صوبي جي رهواسين جو ان گئس تي پهريون ترجيحي حق آهي، ان کان اڳ جو اها گئس ٻئي ڪنهن صوبي ڏانهن موڪلي وڃي.” پر هن وقت افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي گهريلو صارفين جي طور تي به گئس مڪمل طور تي فراهم نه ٿي رهي آهي.

ماڻهو سلينڊر ۾ ايل پي جي گئس ٻارڻ تي مجبور آهن، جنهن جي ڪري مختلف وقتن تي گهرن ۾ حادثا ٿيڻ عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي. جنهن ڪري ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي قيمتي جان وڃائي چڪيون آهن، ڪيترائي ٻار زخمي ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي گهر ۽ دڪان تباهه ٿي چڪا آهن. گهريلو صارفين جي گئس جي ضرورت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪرڻ آئين جي شق ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ ان آئيني حق کي پورو ڪرڻ، سياري ۽ اونهاري ۾ گئس جي يقيني فراهمي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي، جنهن ۾ هنن کي اهڙي پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي جيڪا عوام جي سهولتن ۽ خاص طور تي گهريلو صارفين جي ضرورتن کي ترجيح ڏيئي ٺاهي وڃي، ان کانپوءِ جيڪا گئس سرپلس آهي اها صنعتن جي استعمال ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿي، پر افسوس سان چئي سگهجي ٿو ته هن وقت ان جي بلڪل ابتڙ ٿي رهيو آهي.

ان کان علاوه ٻيو تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي اهم ذميداري آهي ته جتان ايتري قيمتي گئس ۽ تيل نڪري ٿو ان علائقي کي سٺو انفرااسٽرڪچر ٺاهي ڏنو وڃي، پر هن وقت ماڙي شهر ۾ سرڪاري اسڪول موجود آهن، پر انهن جو معيار، عمارتون ۽ استادن جي کوٽ هڪ عام مسئلو آهي. اتي ڪجهه نجي اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهن، پر اڃان تائين ماڙي شهر ۾ ڪابه يونيورسٽي موجود ناهي، جتي شاگرد پنهنجي علائقي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ماڙي پيٽروليم ڪمپني کي پنهنجي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) تحت تعليمي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪمپني کي گهرجي ته سرڪاري اسڪولن جي مرمت، نوان ڪلاس روم ٺهرائي ڏيڻ، تعليمي سامان فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن کي راند ۽ سائنس جي ميدان ۾ ترقي وٺرائڻ لاءِ مدد فراهم ڪري.

انهن جي لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم جي بندوبست لاءِ ووڪيشنل سينٽر تعمير ڪرائي ۽ اسڪالرشپون ڏئي شاگردن کي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ سهولت فراهم ڪري. اميد آهي ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ، ماڙي مان نڪرندڙ ان قدرتي وسيلن کي جتي ملڪي ۽ قومي ضرورتن جي لاءِ استعمال ڪندي اتي اتان جي مقامي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جيڪا سندس ذميداري آهي ان کي به پورو ڪندي.