بلاگنئون

ويٽنام جي جنگ آزادي ۽ آمريڪا جو ڪردار!

اها 20 جولاءِ 1954ع جي منجهند هئي جڏهن جنيوا ۾ معاهدي تي صحيحون ٿي رهيون هيون ۽ ويٽنام ۾ توپن جو پڙاڏو اڃان به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. معاهدي ۾ واعدو ڪيو ويو هو ته ٻن سالن کانپوءِ يعني 1956ع ۾ سڄي ويٽنام ۾ عام چونڊون ٿينديون ۽ ملڪ پرامن طريقي سان ٻيهر گڏجي ويندو، پر صرف ڇٽيهن ڪلاڪن کانپوءِ سائگون جي نوروڊم پيلس ۾ هڪ ويٽنامي آفيسر نگودين ڊيم وزيراعظم جو قسم کڻي ورتو. ايندڙ ٻارهن مهينن ۾ آمريڪا هن جي اقتدار کي پئسن، فوجي امداد ۽ سياسي چالبازين جي وسيلي مضبوط ڪيو. چونڊن کي بهانو بڻايو ۽ ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. آمريڪا ڪوريا جيان ويٽنام کي به گهرو ويڙھ جي باھ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

اها ڪهاڻي جيڪا ٻي جنگ عظيم کانپوءِ شروع ٿي، فرانس ڪيترن ئي سالن کان ويٽنام تي قابض هو، پر 1954ع ۾ جڏهن ديئن بيان ڦو جي جنگ ۾ فرانسيسي فوج هارائي وئي ته بيٺڪيتي دور جو خاتمو نظر اچڻ لڳو. آمريڪا کي خوف هو ته جيڪڏهن فرانس شڪست کائي ويو ته هي سمورو پرڳڻو ئي آمريڪا جي هٿن کان نڪري ويندو.

بالادستي جي خواهش ۽ طاقت جي نشي آمريڪا کي ويٽنام ۾ مداخلت ڪرڻ تي مجبور ڪيو. صدر آئزن باور جي دور ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل هڪ ڳجهو منصوبو جوڙيو ته ڏکڻ مشرقي ايشيا ۾ اهڙو اثر ۽ رسوخ قائم رکڻ جي لاءِ فوجي طاقت استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان وقت آمريڪا کي نگودين ڊيم جهڙو هڪ ڪيٿولڪ سياستدان ملي ويو، جيڪو پاڻ کي قومپرست سڏرائيندو هو، پر اصل ۾ مغرب جو ايجنٽ بنجڻ جي لاءِ تيار هو.

جنيوا معاهدي جي مطابق ويٽنام کي وقتي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. اتر ۾ هوچي منھ جي حڪومت هئي ۽ ڏکڻ ۾ شاهه بائودائي جو انتظام هو، جيڪو ويٽنام جو آخري بادشاهه هو. معاهدي ۾ صاف لکيل هو ته 1956ع ۾ عام چونڊون ٿينديون ته جيئن عوام فيصلو ڪري ته ملڪ کي ڪير هلائيندو، پر ڊيم ان معاهدي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مان انهن شقن جو پابند ناهيان جن تي منهنجون صحيحون ناهن. واشنگٽن جي اشاري تي ئي انهي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي. آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ڊيم کي هدايت ڏني ته هو اهو موقف اختيار ڪري ته اتر ۾ آزادي ناهي، ان ڪري اتي چونڊون ممڪن ناهن۔

پئسي ۽ طاقت جي وسيلي آمريڪا ڊيم جي لاءِ هڪ نئين رياست بيهاري، صرف هڪ سال ۾ آمريڪا ٽي سئو ٻاويھ ملين ڊالر جي امداد ڊيم کي ڏني. ڪرنل ايڊورڊ لينسڊيل جنهن کي فلپائن ۾ بغاوت جو تجربو هو، ويٽنام پهتو۔ هن ننڍڙا پمفليٽ ڇپرايا، پروپيگنڊا مهم هلائي ۽ اتر ويٽنام جي اٺ لک پناهگيرن کي ڏکڻ علائقي ۾ آڻي آباد ڪيو ته جيئن ڊيم جي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪيو وڃي. مذهب جي نالي تي هڪ سياسي قلعو تعمير ڪيو ويو، جنهن کي بعد ۾ آمريڪا فرنٽ لائين رياست بڻايو.

ڊيم جي اقتدار جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ڏکڻ ويٽنام جي اندر موجود هٿياربند گروهه هئا، ڪي ڏوهاري قسم جا گروهه، ڪي مذهبي ۽ ڪي اڃان به فرانسيسي اثر ۾ هئا. ڊيم آمريڪي توپ خاني ۽ ڳجهي مدد سان انهن سڀني کي چٿي ڇڏيو. صرف ٽن ڏينهن ۾ سائگون جا رستا لاشن سان ڀرجي ويا ۽ ڊيم فاتح بڻجي نڪتو. واشنگٽن ان قتل عام تي جشن ملهايو، ٻئي قدم تي ڊيم شاهه بائودائي کي هٽائي پاڻ صدر بڻجي ويو. آڪٽوبر 1955ع جي ريفرنڊم ۾ هن 98 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، ان اليڪشن ۾ ووٽن جو انگ ووٽرن کان به وڌيڪ نڪتو.

جڏهن 1956ع آيو ته چونڊن جو واعدو ٽوڙيو ويو، ڊيم آمريڪا جي حڪم جي مطابق اعلان ڪيو، ڇو ته ڏکڻ ويٽنام جنيوا معاهدي تي صحيحون نه ڪيون، ان ڪري هو انهن چونڊن جو پابند ناهي۔ پرڏيهي وزير جان فوسٽر ڊنس چيو ته اهڙيون چونڊون هڪ ٺٺول ٿيندون۔ اتر احتجاج ڪيو، پر متحد قوم خاموش رهي۔ ان ريت هڪ وقتي لڪير هڪ مستقل سرحد بڻجي وئي ۽ اها اهڙي لڪير هئي جيڪا بعد ۾ رتائين لڪير بڻجي وئي. آمريڪي مداخلت جا نتيجا تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا، ٻهراڙي وارن علائقن جا هاري جن هن ملڪ جي اتحاد ۾ اميد رکي هئي، مايوس ٿي ويا. ڪميونسٽ پارٽي ٻيهر منظم ٿي ۽ ڪجھ سالن ۾ مزاحمتي جنگ شروع ڪري ڇڏيائين.

آمريڪا اهو فارمولو ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ به ورجايو، جتي به چونڊن ۾ ان جي مفادن کي خطرو ٿيو، هن ووٽ ئي ختم ڪري ڇڏيا يا حڪومت اونڌي ڪري ڇڏي. اهوئي طريقو 1979ع ۾ چلي، 1984ع ۾ نڪاراگوا ۽ بعد ۾ فلسطين ۾ ڏٺو ويو. ويٽنام ۾ جنهن ڏينهن اليڪشن روڪي وئي، انهيءَ ڏينهن اهو سبق طئي ٿيو ته جهموريت عالمي طاقتن جي لاءِ صرف ان وقت قابل قبول آهي، جيستائين نتيجا انهن جي حق ۾ هوندا.

اڄ به ان واقعي جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، هنوئي جا نوجوان جڏهن بلدياتي چونڊن ۾ شفافيت جو مطالبو ڪن ٿا ته اهي 1956ع جي رد ٿيل اليڪشن جو مثال ڏين ٿا. ستم ظريفي اها آهي ته آمريڪي دنيا ۾ جهموري اصولن تي گڦ وهائيندي ٿڪجن ئي نٿا، پر انهن ئي اهڙن جهموري اصولن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجن مفادن جي لاءِ بار بار پامال ڪيو آهي. ويٽنام جي جنگ آمريڪا جي نرڙ تي اهڙو داغ آهي، جيڪو ڪڏهن به ڌوپجي نٿو سگهي.