خواجه سرا، ٽرانسجينڊر ۽ اڌرڪن کان ٿرڪن تائين
(دنيا جي مٿو ڦيريندڙ ائبنارملٽي)
گذريل ڏينهن ۾ هڪ دوست سان ڪچهري ٿي رهي هئي ته ملڪ جي سماج جي موجوده صورتحال تي ڪچهري ڪندي چيائين ته يار بهتر اهو ناهي ته واپس جهنگ ۾ هلجي ۽ جانور ٿي گذارجي، بس گهڻو ٿيو. مان ڇرڪي پيس سماج مان ايتري بيزاري پيدا ٿي چڪي آهي، پر ٿورو سوچيندي نتيجو سامهون آيو ته سماج ته آهي ڪونه، سماج ته ٽٽي چڪو آهي، هي ته شيطانن جو جهنگ آهي، سماج ته ڊسيپلين ۽ قانون سان هلندا آهن، سماج انهيءَ کي چئبو جتي انصاف هجي، امن سان جيئڻ ڏنو وڃي، انسانيت ۽ پيار جا رشتا هجن هتي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. ماڻهو اهڙي سماج مان بيزار ٿي چڪو آهي، واقعي انهيءَ کان جانور ڀلا آهن، ايستائين ته ٺيڪ آهي جو اسان جا ماڻهو پاڻ کي شينهن سڏائين ٿا، ڪي بگهڙ سڏائين ٿا، پر ڪي ٻلي سڏجن، پر ڪتو يا مِرون ڪير ڪونه ٿو سڏائي. ڳالهه صرف سڏائڻ تائين هجي ها ته ٺيڪ هئي، پر ان وقت مٿو ڦري ٿو وڃي، جڏهن واقعي ئي ماڻهو جانور بڻجي پاڻ کي ڪنهن جانور جهڙو حليو ٺاهي جيئن ٿا، اهو ممڪن ڪيئن آهي؟
ٽرانسجينڊر ڇا آهي، اسان سمجهندا هئاسين کدڙا فقير شايد هاڻ ٽرانسجينڊر سڏجن ٿا، پر بلڪل اهو خيال غلط ثابت ٿيو اصل ۾ ٽرانسجيڊرGay or Lesbian کي سڏجي ٿو. 1931ع ۾ جرمني جي ڊورا رچرڊ کي اچي خيال ٿيو ته مان هڪ عورت آهيان، بلڪه عورت جهڙيون وصفون منهنجي اندر موجود آهن. پوءِ ڇو نه عورت بڻجي گذارجي انهيءَ ڪري سرجري ڪرائي پاڻ کي هن عورت بڻايو رڪارڊ موجب پهرين مرد مان عورت بڻجڻ واري عورت هئي. ان کانپوءِ ڊينمارڪ جو هڪ مرد للي ايلب جنهن پنهنجي سرجري ڪرائي پاڻ کي عورت قرار ڏنو، ان کانپوءِ آمريڪا جو ڪرسٽين جارجينسين کي اچي وسوسو ٿيو ته پاڻ هڪ عورت آهي، سرجري ڪرائي عورت ٿي ويو. ان کانپوءِ مائيڪل ڊلون هڪ عورت هئي جنهن کي خفت پيدا ٿي ته هوءَ مرد آهي، سرجري ڪرائي مرد ٿي ويو. ايستائين ته وري به ٺيڪ آهي، پر آهستي آهستي قطار وڌندي وئي، تان جو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو ته هم جنس پرستي عام ٿي وئي. عورتون عورتن سان سيڪس ڪن ته مرد مردن سان. وري گهڻا ڇوڪرا توهان کي وار وڏا پونيون ٻڌيون پيون هونديون، کلي عام ٻين ڇوڪرن جي هنج ۾ ليٽيا پيا هوندا آهن. ويپ پيئندا يا ڪو نشو ڪندا، پارڪن ۾ گاڏين ۾ عام توهان کي ملندا. ٻئي طرف ڇوڪرين جا سيڪسي ناتا وري ڇوڪرين سان وڌندا وڃن، ليزبن ۽ گي کان علاوه هنن ماڻهن سيلڪان جا سيڪسي عضوا وٺي استعمال ڪرڻ شروع ڪيا جنهن جي دنيا الڳ آهي.
اچو ته علم نفسيات جي روشني ۾ انهيءَ کي ڏسون. ڊاڪٽر جنگ چيو هو ته مرد ۽ عورت دراصل هڪ ئي تخليق جا ٻه روپ آهن، هر عورت ۾ ٿورو مرد هوندو آهي، هر مرد ۾ ٿوري عورت هوندي آهي، عورت ۾ مرد جي نمائندگي انيمس ڪندو آهي، مرد ۾ عورت جي نمائندگي انيما ڪندو آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن به عورت ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هوندو ته اها عورت ٽرانسيجنيڊر ٿيندي، جيڪڏهن مرد ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ هوندو ته اهو مرد ٽرانسجينڊر ٿيندو.
اچو ته ڏسون ته بائلاجيءَ ۾ ڪهڙو نقص ٿئي ٿو. بائلاجيءَ ۾ هر مرد يا عورت ۾ ايڪس ۽ واءِ جا جوڙا ٿيندا آهن. ڪل 46 ڪروموسومز جا 23 جوڙا هوندا آهن. مرد لاءِ ايڪس ۽ واءِ ٻنهي جا جوڙا ٿيندا آهن، پر عورت لاءِ صرف ايڪس جا ڪروموسومز جا جوڙا ٿيندا آهن. انهيءَ جو مطلب ته جيڪڏهن ڪروموسومز جي تعداد ۾ صرف هڪ ڪروموسوم به وڌيڪ هوندو ته بائلاجي بگڙي پوندي يا ٽرانسجينڊر ٿيندو يا وري قد وڏو يا بندرو يا وري ڪو ٻيو ڏڦير ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪنهن مرد ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ هوندو ته ان مرد ۾ عورتاڻيون خاصيتون وڌيڪ نظر اينديون، پر جيڪڏهن عورت ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هوندو ته ان عورت ۾ مرد جون خاصيتون وڌيڪ ٿينديون. اهڙي طرح ڪامياب شادي شده زندگي لاءِ به هڪ عورت ۾ مرد جيڪڏهن وڌيڪ آهي ته مرد ۾ عورت جو وڌيڪ هئڻ ضروري آهي. جيڪڏهن عورت ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ آهي ته مرد ۾ مرد جو تناسب وڌيڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت ۾ مرد وڌيڪ آهي ۽ مرد ۾ به مرد وڌيڪ آهي ته شادي ناڪام ٿيندي.
هاڻي اسان اچون ٿا اڌرڪن(Other kin) ڏانهن. اڌرڪن اهڙن ماڻهن کي چئجي ٿو جيڪي پاڻ کي ڪا خلائي، روحاني، جانور يا شيطاني مخلوق سمجهن ٿا. هنن جو خيال آهي ته سندن گذريل جنم ڪنهن جانور جو هو، ڪي وري جنم کي نٿا مڃين، پر سمجهن ٿا ته ڪا بائلاجي غلطي جي ڪري هو انسان جي روپ ۾ ظاهر ٿيا آهن، پر اصل ۾ ڪا ٻي مخلوق آهن. مثال: پريون، جن، شيطان يا ڪو جانور، هڪ ٻيو گروپ جيڪو پاڻ کي صرف جانور سمجهي ٿو انهيءَ کي ٿيرڪن their kin سمجهن ٿا جيڪي صرف جانور جو روپ اختيار ڪن ٿا. ڪڏهن بگهڙ ته ڪڏهن ڪتو يا وري ٻلي جي روپ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا. 1990ع ۾ آمريڪا جيUniversity of Kentucky ۾ هڪ شاگرد Elesar کي اچي وسوسو ٿيو ته هو انسان ناهي، بلڪه هڪ جانور آهي، هن جي خيال ۾ ته هن جو روح ڪنهن ٻلي جو آهي ڪنهن بائلاجيءَ جي غلطي سان هو ماڻهو جي روپ ۾ آيو آهي. هن باقائده پاڻ کي سرجري ڪرائي هزارين ڊالر خرچ ڪري پاڻ کي ٻلي جو روپ ڏنو. پوءِ 2012ع تائين هو ٻلي جي روپ ۾ رهيو. هن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ داخل آهي، جلدي هن اهڙن ماڻهن کي انٽرنيٽ تي ڳولهيو جيڪي جانور محسوس ڪن ٿا. رابطا ڪاري ڪري جلد ئي هڪ وڏو جٿو وجود ۾ اچي ويو، جيڪي پاڻ کي جانور سمجهڻ لڳا. 1995ع ۾ ايترا ماڻهو جانور جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا جو هنن پنهنجو منشور ٺاهيو، ويب سائيٽون کوليون، هنن جي تنظيم وجود ۾ اچي وئي.
هنن جي منشور جا ڪجهه نقطا هن ريت آهن:
ڪنهن کي به بدني ساخت يا گوشت پوشت سان سڃاڻي نٿو سگهجي، بلڪه اصل ۾ سڃاڻپ سندن روح سان ٿيندي آهي.
هي سڃاڻپ يا ذات جو اظهار جو طريقو آهي، اندر ۾ جيڪا مخلوق اصل ۾ آهي، انهيءَ کي ظاهر ٿيڻ گهرجي.
اسان سڀني مخلوقن جي عزت ڪريون ٿا انهن کي تسليم ڪريون ٿا.
اسان لاشعور سان ڳنڍجي، پنهنجي ياداشت ۽ مراقبي ذريعي پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. اسان دنيا ۾ انسان ۽ جانور جي وچ ۾ جيون ٿا، پر پنهنجي اندر جي سڃاڻپ جو اظهار ڪريون ٿا.
اسان پنهنجي جٿي کي وڌائي وجود کي کلي آزادي جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا.


(دنيا جي مٿو ڦيريندڙ ائبنارملٽي)