بلاگنئون

روس خلاف يوڪرين کي آمريڪا ۽ يورپ ڇو استعمال ڪيو؟

فيبروري 2014 ۾ ڪيف جي رستن تي گولين جي برسات جاري هئي، صدر يانو ڪووچ کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ۽ روس جي دروازي تي آمريڪي حمايت سان هڪ ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته دوستو، ساٿيو ۽ همدردو يوڪرين ۾ نه ته ڪا مقامي تحريڪ هئي ۽ نه ئي ڪو سياسي انقلاب هو، بلڪه اها روس جي خلاف فيصلي ڪندڙ محاذ جي شروعات هئي. هڪ نئين عالمي جنگ جي شروعات جنهن جا اثر اڄ تائين ختم ناهن ٿيا ۽ اهو سڀ ڪجھ اوچتو نه ٿيو هو، يوڪرين ۾ مداخلت جي سازش سوويت يونين جي وکرڻ سان گڏ ئي ٿي چڪي هئي، ان سازش تي عمل ڪرڻ لاءِ 2024 ۾ قدم کنيو ويو هو. جڏهن آمريڪا ۽ هن جي اتحادين يوڪرين جي سياسي، فوجي ۽ جاگرافيائي حالتن کي هڪ نئين پاسي موڙي ڇڏيو هو.

پسمنظر سمجهڻ نهايت ضروري آهي، سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ 1991 ۾ يوڪرين آزاد ٿيو ته ظاهر ۾ هڪ نئون ملڪ هو، مگر اندر کان ٽٽل، ٻن ٽارين ۾ ڦاٿل، مغربي يوڪرين يورپ سان ڳنڍيل قومپرست ۽ مغربي قدرن جو حامي هو. جڏهن ته مشرقي ۽ جنوبي حصا روس سان تاريخي، لساني ۽ معاشرتي طور تي لاڳاپيل هئا. سيواستوپول ۾ روس جو بحري اڏو انهيءَ لاڳاپي جي نشاني هو. يوڪرين جي سياست ۾ هڪ توازن قائم هو، هڪ پاسي ماسڪو سان گڏ صديون پراڻو ڳچ عرصي وارو تعلق ۽ ٻئي پاسي مغرب جي مسلسل ڇڪتاڻ ۽ ڪوڙي ڪشش، انهن ٻن طاقتن جي وچ ۾ ڪرپشن وارا سياستدان ويٺا هئا، جيڪي ٻنهي پاسي مفادن سان کيڏي رهيا هئا، اهو توازن سن 2024 ۾ صدارتي چونڊن ۾ ٽٽي ويو.

اهو هڪ اهڙو وقت هو جڏهن ٻه ٽڪرايل نظريا آمهون سامهون اچي ويا، هڪ پاسي روس جو حامي وزيراعظم وڪٽر يانو ڪووچ جڏهن ته ٻئي پاسي مغرب نواز حڪمران اميدوار وڪٽر يوشيچينڪو جڏهن سرڪاري نتيجن ۾ يانو ڪووچ کي فاتح قرار ڏنو ويو ته سموري ملڪ ۾ احتجاج ڦٽي پيا. اهي مظاهرا ڪي عام عوامي رد عمل نه هئا، بلڪه سالن کان آمريڪي تيارين جو نتيجو هئا. آمريڪا يو ايس ايڊ نيشنل اينڊومنٽ فار ڊيمو ڪريسي ۽ ٻين ادارن جي وسيلي ڪروڙين ڊالر يوڪرين جي سول سوسائٽي نيٽ ورڪس ۾ وجهي رکيا هئا. اين جي اوز، ميڊيا ۽ نوجوانن جي گروپن کي مڪمل تربيت ڏني وئي هئي ته ڪيئن ڪارگر احتجاج منظم ڪري سگهجن ٿا. انهن ۾ سڀ کان چٽي تحريڪ “پورا” هئي، جيڪا سربيا جي تحريڪ “اوٽپور” جي ماڊل تي ٺهي هئي. آمريڪي سي آءِ اي جي ليبارٽري ۾ تيار ڪيل ان تحريڪ ڪيف جي ٿڌن کي هڪ سياسي طوفان ۾ بدلائي ڇڏيو. عوامي پريشر ۽ مغربي حمايت جي اثر هيٺ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وئي ۽ يوشيچينڪو صدر ٿيو. آمريڪي پاليسي سازن ان کي جمهوريت جي فتح قرار ڏنو، پر حقيقت اها هئي ته اها هڪ سياسي انجينئرنگ هئي جنهن يوڪرين کي ماسڪو کان ڏور ۽ نيٽو جي ويجهو ڪري ڇڏيو.

يوشيچينڪو جي حڪومت کانپوءِ اندرين اختلافن ۽ ڪرپشن جي سبب ڪمزور پئي ۽ يانوڪووچ 2010 ۾ ٻيهر صدر بڻجي ويو، ليڪن مغربي اتحادين جي لاءِ يوڪرين هڪ اهڙو محاذ هو، جنهن کي بند نٿي ڪري سگهجو. اصل ٽڪراءَ ڏهن سالن کانپوءِ شروع ٿيو۔ سن 2013 جي پچاڙي ۾ يانوڪووچ يورپي يونين سان گڏ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان معاهدي کي يوڪرين جي مغرب سان وابستگي جي نشاني سمجهيو پئي ويو، پر روس سان گڏ دوستي ۾ يانوڪووچ حڪومت پوئتي هٽڻ جو فيصلو ڪيو. بس اهو اهڙو لمحو هو جڏهن سمورو منظر بدلجي ويو. مغربي فنڊنگ ۽ سياسي انجينئرنگ سان ڪيف ۾ مظاهرا شروع ٿيا، جنهن کي رياست ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سياسي مقام کان ڪنهن به تحريڪ کي انقلاب ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت مغرب پنجاهه سالن کان اڳ ئي حاصل ڪري چڪو آهي، اهو فارمولو مغرب درجن ڀيرا آزمايو آهي. ايران جي محمد مصدق جي خلاف پاڪستان جي ڀٽو جي خلاف چلي ۾ پنوشي جي وسيلي انڊونيشيا ۾ سهارتو کي استعمال ڪري، مغرب جي مداخلت سان ستت ئي ان تي رياستي تشدد جو ٽيگ لڳايو ويو، جنهن ان تحريڪ کي عوامي بغاوت ۾ بدلائي ڇڏيو، سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ احتجاج وڌندو ويو.

آمريڪا جي پاليسي چٽي هئي، کليل نموني مظاهرو ڪندڙن جي حمايت، سياسي بيان، مالي امداد ۽ سفارتي پريشر، آمريڪي سينيٽر جان مڪين ڪيف جي ميدان ۾ عوام سان گڏ موجود جمهوريت ۽ آزادي جا نعرا هڻي رهيو هو، مگر پردي جي پٺيان هڪ ٻي راند هلي رهي هئي. آمريڪي عهديدار وڪٽوريا نولينڊ جي ليڪ ٿيڻ واري ڪال سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو. هو آمريڪي سفير سان ڳالھ ڪندي نئين حڪومت جي لاءِ پنهنجن پسنديده اميدوارن تي ڳالھ ڪري رهي هئي. ايستائين ته يورپي اتحادين کي هڪ گار ڏئي ڪري رد ڪري رهي هئي. ان ڪال روسين جي خوف کي سڄي دنيا ۾ حقيقت بڻائي پيش ڪيو ته اهو انقلاب اصل ۾ هڪ آمريڪي منصوبو آهي. فيبروري 2014 ۾ حالتون ان قدر بگاڙيون ويون ته يانوڪووچ کي روس فرار ٿيڻو پيو ۽ هڪ نئين ڪٺ پتلي حڪومت ٺاهي وئي. ماسڪو کي مجبورن پنهنجي دفاع جي لاءِ سخت قدم کڻڻا پيا. روس ڪريميا ۾ ڪجهه هفتن ۾ ريفرنڊم ڪرائي ان کي روس ۾ شامل ڪري ڇڏيو. يوڪرين جي ملٽري مشرقي علائقن ۾ روسي ڳالهائڻ وارن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو، جنهن جي جواب ۾ باغي گروهه سامهون آيا، جن کي ماسڪو پنهنجي دفاع جي لاءِ هٿيار ميسر ڪيا. ان ريت هڪ نئين جنگ شروع ٿي جنهن ايندڙ اٺن سالن ۾ چوڏهن هزارن کان وڌيڪ زندگيون وٺي ڇڏيون. ان دوران آمريڪا يوڪرين کي هٿيارن سان نه بلڪه هڪ مڪمل فوجي نظام سان هٿياربند ڪرڻ شروع ڪيو. آمريڪي سي اِي اي ڪيترائي بيس قائم ڪيا. سن 2014 کانپوءِ يوڪريني فوج کي نئين سر تربيت ڏني وئي. آمريڪي آفيسرن مغربي جنگي اصولن جي مطابق ان جي نئين سر تنظيم ڪئي. نيٽو سان گڏيل مشقون شروع ڪيون ويون ۽ ان کي جديد هٿيار ميسر ڪيا ويا. ان منصوبي جي تحت يوڪرين کي نيٽو جي معيار جي مطابق هڪ فوجي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو. ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه روس جي سلامتي جي لاءِ خطرو هو، ان سازش جو نشانو شروع کان ئي روس هو. سن 2021ع جي پچاڙي تائين پيوٽن جي لاءِ تصوير چٽي هئي. هڪ مغربي تربيت يافته فوج، آمريڪي هٿيار ۽ ڪيف ۾ نيٽو جا اتحادي اهي سڀ روس جي دروازي تي بيٺا هئا. روس تي اها جنگ مڙهي وئي هئي، نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو دنيا 2022ع ۾ ڏٺو. ان کان اڳ اتحادي يوڪريني پراڪسي جي وسيلي روس تي حملو ڪري وجهن، روس هڪ محدود حملو ڪري يوڪرائني فوجين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. مغرب فورن پنهنجي عالمي پروپيگنڊه مشينري کي ميدان ۾ لاٿو. اهو تاثر ڏنائين ته روس يورپ کي ٻي جنگ عظيم ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ان جنگ ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته روس اقتصادي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي. اتحادي اها جنگ کٽي وٺندا۔ روس جا ٽڪرا ٿي ويندا، ليڪن ائين نه ٿيو، پر ابتو آمريڪا ۽ يورپ پاڻ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي چڪا آهن ۽ يوڪرين جي مسئلي تي پاڻ ۾ ناراض ڏيک ڏين ٿا. آمريڪا جي موجوده قيادت ان جنگ کان نڪرڻ چاهي ٿي. يورپي ملڪ ڪنهن به قيمت تي روس کي شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. يوڪرين ۾ اڄ جو مقصد سموري اوڀر يورپ کان ڀاڄ جو مقصد ٿي سگهي ٿو.

هن ڏهائي جا اثر نهايت ڳوڙها هئا، سياسي طور تي يوڪرين ۾ مغربي ڪٺ پتلي حڪومت جي تعمير مڪمل ٿي چڪي هئي. جهڙي ريت آمريڪا مغربي جرمني، اٽلي ۽ يونان ۾ جمهوري ادارن جي وسيلي مڪمل ڪنٽرول جو نظام بڻايو هو ۽ اهو ئي نظام يوڪرين ۾ ٺاهي مخالف نظرين جو نالو ۽ نشان ئي مٽايو ويو. يوڪرين ۾ روسي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو وڏ انگ موجود آهي. يوڪرين ۾ هڪ تمام وڏو انگ روس سان سٺا تعلقات رکڻ چاهي ٿو، مگر اهو نقطهءِ نظر ئي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو ۽ يوڪرين پنهنجي سڃاڻپ روس جي مخالف طور تي مڪمل ڪري ورتي. هينئر اهو ملڪ جيڪو ڪڏهن هڪ بهترين توازن سان گڏ هلي رهيو هو. مغرب جي ڪٺ پتلي بڻجي چڪو آهي. ڪجهه سال اڳ روس جو دوست ملڪ هن وقت آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي اشاري تي روس سان گڏ جنگ ۾ پنهنجن شهرين کي ائين ڌڪي رهيو آهي، جيئن ڪنهن بٺيءَ ۾ ڪوئلو ڦٽو ڪيو ويندو آهي. مغرب يوڪرين جي وسيلي پراڪسي جنگ وڙهي روس کي شديد نقصان پهچايو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي لاءِ شروع ۾ اها هڪ تمام وڏي ڪاميابي شروع ٿي. ڇوته بنا پنهنجي فوجي ميدان ۾ لاهي روس کي منجهائي ورتو هو. ان سازش جو سڀ کان وڏو نقصان يوڪرين کي کڻڻو پيو. مغربي مفادن جي قيمت نهايت ڳري ثابت ٿي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، معيشت تباهه ٿي وئي ۽ پورو معاشرو هڪ ڊگهي جنگ ۾ ڌڪيو ويو. عالمي سطح تي ان جنگ توانائي ۽ خوراڪ جا بحران پيدا ڪيا ۽ مغرب ۽ مشرق جي وچ ۾ هڪ نئين ورهاست بيهاري ڇڏي. چين ۽ ڀارت سميت سموري خطي جا ٻيا ملڪ هاڻي انهيءَ ورهاست جي وچ ۾ پنهنجي جڳھ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سن 2004 کان 2014 تائين جو اهو سمورو سلسلو اڄ جي جنگ جي پاڙ آهي. آمريڪي حڪمت عملي يوڪرين کي هڪ اهڙي جهڳڙي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر شايد ڪيترن ئي نسلن تائين ختم نه ٿين. يورپ هن وقت تيزي سان زوال جو شڪار آهي. ڪريميا، دونباس ۽ ڪيترائي علائقا يوڪرين جي هٿ کان نڪري چڪا آهن ۽ اهو سلسلو رڪجي ناهي رهيو. ائين لڳي رهيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين بچيو به ته هڪ بلڪل مختلف جاگرافيائي شڪل ۾ بچندو. اڄ اها ڳالھ روس سان گڏوگڏ سڄي دنيا تي چٽي ٿي چڪي آهي ته مغرب روس کي ٽوڙڻڻ جي مهم تي آهي.

اڄ جڏهن اوهان يوڪرين جي جنگ کي ڏسو ٿا ته توهان کي سمجهڻ ته اها ڪهاڻي گذريل ڪجهه مهينن يا سالن جي ناهي، بلڪه ان وقت جي آهي جڏهن آمريڪا پهريون ڀيرو يوڪرين جي سياست ۾ سڌو سنئون مداخلت ڪئي ۽ هڪ پرامن قوم کي پنهنجن مفادن جي خاطر جنگ جي رستي تي وجهي ڇڏيو. ان مداخلت صرف يوڪرين کي ئي نه، بلڪه سموري اوڀر يورپ کي جنگ جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي. اڄ جڏهن ٽرمپ يوڪرين ۾ امن جي ڳالھ ڪري ٿو ته هو اهو ڪم چين سان جنگ ڪرڻ جي تياري جي لاءِ ڪري رهيو آهي. اها ڳالھ به سموري دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته مسلمانن سان گڏ ابرهيم معاهدي جي وسيلي زبردستي جي دوستي هجي يا پوءِ سڄي دنيا ۾ جنگ بندين جون ڪوششون سڀ هڪ ڊرامو آهي. اها فيصلو ڪندڙ جنگ شروع ڪرڻ جي تياري آهي. صديون پراڻو يورپ سامراج هن وقت خطري ۾ آهي، انهيءَ کي ان خطري کان منهن ڏيڻ جو اڪيلو رستو جنگ ئي ۾ نڪرندو ڏيک ڏئي ٿو.