آفريقي چوڻي آهي ڪتاب ته صرف لائبريريءَ ۾ موجود هوندا آهن اصل ڄاڻ جو خزانو ته سفر ڪرڻ آھي. سو پاڻ به گورک جهڙي گورک سفر تي روانا ٿياسين! جنهن بابت مختلف سفر نامه لکندڙن جون مختلف تحريرون ۽ تجربا آهن. ٻاراڻي وهيءَ ۾ ته مرزا قليچ بيگ جو گورک بابت لکيل مضمون ۾ پَرِين جي آستانن، ڏاڙُهن، زيتونن ۽ صوفن جي باغن جو ذڪر پڙهيو هو..!
پهرئين نومبر 2025 تي لاڙڪاڻي کان تقريبن ساڍي ڏهين وڳي اسان پنج دوست پروفيسر قاضي عبدالواحد، ڊاڪٽر غلام سرور چنو، پروفيسر فهيم عباس ابڙو، پرنسپال منير ڀاڳت ۽ مان نڪري پياسين. اتفاق سان پهرئين نومبر منهنجو جنم ڏينهن به آهي جنهن جي خبر مون کي ته پهريان هئي، پر فهيم ابڙو کي فيس بڪ جي ذريعي پئي! جنهن چيو تنهنجي هن سالگره کي يادگار بڻائينداسين. هُن ميهڙ مان ڪيڪ ورتو، مخدوم بلاول وٽان گُل خريد ڪيائين ۽ ڪينڊل وري جُوهِي لاڙي وٽان ورتائين، ڇو ته ميهڙ مان ڪينڊل ڪونه مليس. اسان جي دوست ڊاڪٽر غلام سرور چنو واهي پانڌيءَ کان ڪِرائي تي جيپ هڪ ڏينهن اڳ فون تي بُڪُ ڪرائي ڇڏي هئي. لاڙڪاڻو- دادو روڊ تي جُوهِي لاڙي کان گورک هل اسٽيشن 93 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جڏھن ته ان لاڙي کان جوهي 18 ڪلو ميٽر ۽ واهي پانڌي 43 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي موجود آهن. لاڙڪاڻي کان واهي پانڌيءَ تائين پهچڻ دوران اسان رستي ۾ هڪ ٻئي سان ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندا کلندا سلندا آياسين.
واهي پانڌيءَ وٽ جيئن ئي پهتاسين ته جيپ جي ڊرائيور سان رابطو ڪيوسين! جيڪو اتي اچي اسان سان مليو! توهان جيڪڏهن اڳواٽ جيپ جي بڪنگ نه ڪرائيندئو ته ٿي سگهي ٿو توهان کي واهي پانڌي کان جيپ گورک هل اسٽيشن لاءِ ملي ته وڃي، پر اها توهان کي مهانگي پئجي سگهي ٿي! واهي پانڌيءَ ۾ ننڍڙي هوٽل تي ويهي گهران کڻي آندل ماني کاڌيسين! گورک گهمڻ لاءِ اسان جو اصل سفر ته واهي پانڌيءَ کان شروع ٿيو. واهي پانڌيءَ کان توهان کي کير ٿر جبل جون ٽَڪريون چِٽيون نظر اينديون..!
واهي پانڌيءَ تائين ته اسان جو سفر سُکيو گُذريو باقي واهي پانڌيءَ کان گورک جي زيرو پوائنٽ تي پهچڻ جي لاءِ اسان جو سفر ڏُکيو شروع ٿيو. اسان جي جيپ ڊرائيور جو نالو بلاول جمالي هو، جيڪو واهي پانڌيءَ جو رهاڪو هو. گورک ڏانھن ويندي هن سان ڪچهري به شروع ڪئي سين. بلاول جي ٻوليءَ جو لهجو Dialects اسان کان ٿورو تبديل هو. هونئن به ٻوليءَ جي ماهرن جي اِها راءِ آهي ته هر ويهه کان ٽيهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ٻوليءَ جي لهجي ۾ تبديلي هوندي آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه لفظ بلاول جماليءَ جا اسان کي سمجهه ۾ نه پئي آيا..!
واهي پانڌيءَ کان گورک لاءِ نڪتاسين ته رستو اهڙو هو جو جيپ ۾ چِيڪلي ۽ اُٺ تي سواري ڪرڻ وارا لوڏا سوڏا کائي رهيا هئاسين..! جيپ ۾ ڪچهري ڪندي بلاول جمالي چيو ته 2014 کان هن رستي تي هو ڊائيوري (ڊرائيوري) ڪري رهيو آهي. هنن يارهن سالن دوران ڊائيوري ڪندي ڪڏهن به هن سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو. ڇاڪاڻ ته هن رستي جا گهَٽَ، گهيڙَ، لَڪَ، اڀيون چاڙهيون، لهندڙ لاهيون ۽ ورَ وڪڙَ هن جي اکين ۽ منَ ۾ موهجي ويا آهن. بلاول جماليءَ جي زباني ته گهڻي قدر واهي پانڌيءَ کان گورک تائين اڻوڻندڙ واقعا انهن سان پيش ايندا آهن جيڪي پنهنجيون وڏيون آٽوميٽڪ گاڏيون ته ڪاهي ايندا آهن، پر هن ڏکئي ۽ اڙانگي سفر جي وَرن ۽ وَڪڙن کان اڻواقف هوندا آهن. سو گورک گهمڻ ايندڙ دوستن لاءِ عرض ته گاڏي ڀلي پنهنجي کڻي اچن، پر ڊائيور ڪو هتان جي جوءِ جو کڻن…! بلاول جمالي هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائي ته ڪجهه ڏينھن اڳ هن جي جيپ ۾ چين جا سياح چڙهيا هئا. اهي سياح کيرٿر جبل جي پٿر ڀني (ڀڃي)، مٽي ٻٽي (سٽي) پٽي ان تي تجربن لاءِ کڻي ويا ۽ چئي رهيا هئا ته هزارين سال اڳ هي جبلَ سمنڊ ۾ اندر هئا.
بھرحال، ڊرائيور سان ڪچهري ۽ پاڻ ۾ ڀوڳن چرچن جو به هڪ طويل سلسلو هلي رهيو هو. هڪ ته واهي پانڌيءَ ۾ ماني کاڌي هئي، ٻيو جيپ جي ڇِتِ هيٺ هجڻ جي ڪري منهنجو مٿو ڇت ۾ لڳي رهيو هو..! جنهن تي مان دوستن سان احتجاج ڪيو ته جيپ روڪي وڃي ۽ مون کي جيپ ۾ آڏو ڊرائيور سان ويهاريو وڃي ۽ ڊاڪٽر غلام سرور کي پوئتي ويهارجي…! جنهن تي ڊرائيور چيو آڏو پينٽ پئنٽري اچي جتي اسان کي چانهه به ملندي، اتي هلي ٿا ساهي پٽيون..! اسان کي ته ڊرائيور جي پينٽ پئنٽري سمجهه ۾ نه پئي آئي ته اها وري ڪهڙي پينٽ پئنٽري آهي…! نيٺ ان جڳهه تي پهتاسين جتي هڪ گهر نما هوٽل ان جي آڏو سائي ڇٻر ۽ ڪجهه ڪرسيون پيون هيون. اسان جيپ مان لهي ڇَٻر تي ويهي رهياسين جتي واهي پانڌي کان وڌيڪ ٿڌڪار هئي. اُتي اسان کي هڪ همراهه پڙهيل لکيل پينٽ شرٽ سان نظر آيو. جنهن کان اسان پڇيو ته هيءَ ڪهڙي پينٽ آهي. ان همراهه اسان کي صحيح ٻڌايو ته هيءَ اصل ۾ پئنٽ پئنٽري نه، پر پوائنٽ پنجٽيهه آهي. پوائنٽ پنجٽيهه جو مقصد اهو آهي ته هي هنڌ واهي پانڌيءَ کان پنجٽيهه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. ايئن واهي پانڌيءَ کان گورک تائين ڪلو ميٽرن جي حساب سان کوڙ پوائنٽس آهن. اسان هوٽل واري کان پڇيو ته چانهه کير جي آهي يا پائوڊر واري. جنهن تي هوٽل واري سِڌو جواب ڏنو ته کير هتي ڪٿان آيو سائين..! ملڪ پيڪ واري چانهه آهي جي پيئو ته ٺاهيان…! يعني هوٽل واري رواجي ڪوڙ نه ڳالهايو جيئن ٻيا هوٽلن وارا ڳالهائيندا آهن..! ايئن ڪچهري ڪندي ان همراهه کان اسان پڇيو ته توهان هتي ڇا ڪندا آهيو. جنهن تي هن اسان کي ٻڌايو ته مان هتي ڊرپ ايريگيشن جي ذريعي وڻ ٻوٽا پوکڻ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آهيان. جنهن تي اسان سڀني هن کي ٻڌايو ته اسان به سڀ وڻن ٻوٽن جي عِلم جا استاد آهيون ۽ لاڙڪاڻي کان آيا آهيون. جنهن تي هن چيو پوءِ ته توهان ڊرپ ايريگيشن جي اصطلاح کان واقف هوندا. جنهن تي اسان هن کان پڇيو توهان ڊرپ ايريگيشن جي حساب سان ھتي ڪهڙا ٻوٽا پوکي رهيا آهيو. جنهن تي هن اسان کي چيو جيستائين چانهه تيار ٿئي تيستائين توهان مون سان گڏ هلو ته ڀلا توهان کي هائبرڊ زيتونن جا ٻوٽا ڏيکاريان. گورک جي آسپاس ۾ زيتونن جي هن قسم جي جهنگلي زيتونن جي Wild Specie اڳ ۾ ئي موجود آهي! جنهن مان اها پڪ ٿئي ٿي ته هتي هي زيتون ٿي سگهن ٿا. زيتون جو هي قسم عام زيتونن کان مختلف ٿيندو آهي جنهن کي اسان ميوي طور استعمال ڪندا آهيون. هنن زيتونن جو ميوو ٻيرَ جيترو ٿئي ٿو جنهن مان زيتون جو تيل نڪرندو آهي. زيتون جي هي اسپشي اسپين ۾ جام ٿيندي آهي جنهن جو تيل پوري دنيا ۾ مشهور آهي. زيتون جي هن قسم جي پنن مان گرين ٽي به ٺاهي سگهجي ٿي..! هن صاحب سان پوائنٽ پنجٽيهه تي ڪارائتي ۽ خوب ڪچهري ٿي جنهن کان اسان موڪلايو، پر هن صاحب چيو رات گورک جي زيرو پوائنٽ تي توهان سان گڏ آهيون..! جيڪڏهن اتي توهان کي ڪابه تڪليف ٿئي ته مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو.
هاڻي پينٽ پئنٽري (پوائنٽ پنجٽيهه) کان اڳتي مان ڊرائيور بلاول جمالي سان آڏو ويٺس..! جنهن چيو هاڻي باقي پنڌ ته پندرهن ڪلو ميٽرن جو آهي، پر ڏکيا لَڪَ ۽ خراب رستو ته اصل هاڻي شروع ٿيندو. پنجٽيهه پوائنٽ کان ڪجهه ڪلو ميٽر مٿي چڙهياسين ته گورک ڏانهن ويندڙ ڏکي ۾ ڏکيو لڪُ خاول لڪ آيو..! جنهن کي ڪراس ڪرڻ دوران مان ته اکيون ٻوٽي ڇڏيون باقي پويان ويٺل دوستن صلاتون پڙهڻ شروع ڪيون…! خيرن سان خاول لڪُ به ٽپي وياسين.
خاول لڪَ کان ڪجهه مفاصلو اڳتي اسان کي رستي تي ٻه جيپون بيٺل نظر آيون. اسان جو ڊرائيور لهي ويو جنهن ڳالهه ڪئي ته هنن سان حادثو پيش آيو آهي. هنن جي جيپ گرم ٿي ڪري بيهي وئي جنهن تي همراهه لهي آڏو انجڻ کي کولي چيڪ ڪري رهيو هو ته ٻيو دوست سگريٽ پيئندي هن وٽ آيو ته باھ لڳي وئي. هنن جي هڪ نوجوان کي باھ ساڙي وڌو…! هن کي ڄنگهن ۾ باھ زخم ڪري وڌا جن کي اسان چيو جيڪڏهن ٽوٿ پيسٽ اٿوَ ته سڙيل هنڌن تي فرسٽ ايڊ طور هڻو ته توهان کي ٿورو رليف ملندو. اسان جي ڊرائيور هتي هڪ ڳالهه ٻڌائي ته هن روٽ تي بهتر آهي ته ڊيزل تي هلندڙ گاڏي هلائجي ڇو ته پيٽرول واري گاڏي تڪڙ ۾ گرم ٿي سگهي ٿي ۽ پيٽرول کي ڊيزل جي ڀيٽَ ۾ باهه به جلديءَ ۾ لڳي سگهي ٿي. بهرحال ڏکيا پيچرا ۽ اڻانگها پنڌ پار ڪري نيٺ اسان به گورک جي زيرو پوائنٽ تي سج لهڻ کان ٿورو اڳ پهتاسين…! زيرو پوائنٽ تي سج لهڻ جو ڇا ته دلڪش منظر هو، جنهن کي لفظن ۾ لکي نٿو سگهجي. زيرو پوائنٽ تي پهچڻ وقت اسان جي جسم ۾ ٿڌي وڻندڙ هواءِ گهري وئي. اسان جا نڪَ ۽ ڪنَ هڪدم ٺَري ويا. اسان کانسواءِ زيرو پوائنٽ تي کوڙ سَياحَ موجود هئا، جيڪي سج لهندڙ جي منظر کي ڪئميرا جي اک ۾ بند ڪري رهيا هئا. سيلفيون (پاڻفيون) ۽ وڊيو ڀري رهيا هئا. پهريان اسان سوچيو ته هتي زيرو پوائنٽ تي ريسٽ هائوس بُڪُ ڪرايون بعد ۾ ڊرائيور صلاح ڏني ته هتي ٿڌ به وڌيڪ هوندوَ ۽ توهان صرف ريسٽ هائوس تائين محدود هوندئو..! ٻه ڪلو ميٽر هيٺ لهي ٿا هلئون جتي ڪيمپنگ، کائڻ پيئڻ جو هوٽل ۽ رهائش لاءِ ڪمرا به ملي ويندا…! ٻي وڏي ڳالهه توهان کي گهڻا سياح به هيٺ ملندا يعني ميلو اصل ۾ هيٺ متل ملندو. ڊرائيور جي صلاح تي اسان به هيٺ لهي آياسين ۽ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ اسان کي هيٺ ريسٽ هائوس به ملي ويو. جيئن ئي ريسٽ هائوس مليو ته اسان ان ۾ سامان رکي فريش ٿي وري ڪيمپنگ ۽ هوٽل واري هنڌ تي موٽي آياسين، جتي رونَق لڳي پئي هئي. هتي سياحن سان اسان به رِلي ملي وياسين ۽ خوب مزو ماڻيوسين، ڪجهه هنن کي به ٻڌو ته ڪجهه وري اسان هنن کي به ٻڌايو..!
ريسٽ هائوس تي واپس موٽي اچي دوستن منهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو. هتي ٻڌائيندو هلان ته منهنجي پياري دوست پروفيسر فهيم ابڙو صاحب ڪيڪ ميهڙ مان ورتو، گل شهيد مخدوم بلاول وٽان، ڪينڊل جوهي لاڙي وٽ دادوءَ جي هڪ شاھ صاحب دوست هڪ دڪان تان کڻڻ لاءِ چيو جيڪي کنيوسين ۽ ٻيون ڪينڊلس جوهي لاڙي وٽان ورتيوسين. ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ ڇُري نه هجڻ جي ڪري ڪيڪ چمچي سان ڪٽيوسين. منهنجي دوستن سالگره کي گورک هل اسٽيشن تي ملهائي يادگار بڻائي ڇڏيو ۽ خوب مذاق مستيءَ سان سيليبريٽ ڪيَن..! جن جو مان سدائين ٿورائتو ۽ مشڪور رهندس.
صبح جو اَسُر ويلَ اٿي گورک تي سج جي اڀرڻ جو خوبصورت منظر پسيوسين. گورک تي موجود روح کي راحت ڏيندڙ، دل کي ڇهندڙ ۽ دلڪش منظرن جو مزو ماڻيوسين. هنن خوبصورت منظرن کي لفظن جي ڪوڙڪيءَ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. گورک هڪ خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ آهي جنهن کي حڪومت جي لاپرواهي ڪري اها حيثيت نه ملي سگهي آهي. جيڪڏهن گورک تي پهچڻ وارو رستو بهتر ڪيو وڃي ته هي سنڌ جو هڪ خوبصورت سياحتي مرڪز ٿي سگهي ٿو..! ان سان گڏوگڏ سٺو ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو.
اسان صبح جو تقريبن ڏهين وڳين گورک تان واپس موٽياسين. رستي ۾ اسان کي اٺ گاڏي، گڏهن جا ڌڻَ جنهن تي سيڌو سامان ٻَڌل هو، يعني ههڙي دور ۾ به سامان گڏهن جي ذريعي ڍوئيو پئي ويو ۽ ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻَ نظر آيا. واپسيءَ ۾ رستي تي هڪ ڳوٺائي اسان جي جيپ جي آڏو هٿ ڏنو جنهن کي اسان جي ڊرائيور چيو توهان جي بهتر سمجهو ته هن کي به واهي پانڌيءَ کنيون هلئون. اسان چيوسيس ڀلي کڻوس. جيڪو جيپ ۾ منهنجي ڀرسان ويٺو. جنهن کان مان هن علائقي بابت حال احوال وٺڻ لڳس. هن ته پهريان مون کي چيو گورکَ تي آهي ڇا؟ جو توهان گهمڻ ٿا وڃو…! هن پنهنجو نالو سائين بخش بوزدار ٻڌايو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو نالو چڻنگ جبل ٻڌايو. مان هن کي چيو چڻنگ جبل نالو توهان جي ڳوٺ تي ڪيئن پيو. هن وراڻيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جو جنهن جبل ۾ ڳوٺ آهي اتي آبشار وهندو آهي جنهن جو پاڻي رات جو پري کان چڻنگ وانگر نظر ايندو آهي جنهن جي ڪري ان تي نالو چڻنگ پيو آهي. هن وڌيڪ به ٻڌايو ته گورک تائين پهچڻ ۾ جيڪي به جبلن جون قطارون آهن انهن جا هتي مختلف علاقائي نالا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هنن جبلن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي خوبصورت واديون آهن جنهن کي صرف پنڌ ئي ڏسي سگهجي ٿو. مان جڏهن هن کان وڌيڪ پڇڻ لڳس ته هن شَڪي نظرن سان مون کي چِتائي ڏٺو ۽ پڇيو توهان ڪير آهيو ڪنهن اين جي اوز ۾ ڪم ڪندا آهيو ڇا؟ مان چيو مان استاد ۽ ذات جو هُليو آهيان ۽ لاڙڪاڻي جو آهيان. جنهن تي هن چيو هليا دادوءَ ۾ موري واري پاسي به جام آهن..! باقي هن علائقي ۾ جمالي، شر، بوزدار، رستماڻي ۽ شاھ جام آهن. واهي پانڌيءَ کان ٿورو ٻاهر هو لهي هليو ويو. اسان به واهي پانڌيءَ ۾ جيپ تان لٿاسين. سچ پڇو نه اڄ به اسان جا ماڻهو پڪا ايماندار آهن جنهن جو مثال اسان جو جيپ ڊرائيور بلاول جمالي به آهي. جنهن واهي پانڌيءَ کان گورک تائين سفر دوران اسان جي چانهه ۽ ماني به نه پئي کاڌي. ڪابه لالچ اسان ۾ نه رکيائين. نه ته هڪ دفعي مان پنهنجي فئملي سان هڪ ننڍڙي ٽوئر تي ويس ته هڪ هوٽل تي اسان ماني کاڌي جنهن ۾ اسان ته مرغي ۽ برياني کاڌي، پر اسان جي ڊرائيور الڳ وڃي مٽن ڪڙھائي کاڌي جنهن جي خبر مون کي بل ڏيڻ مهل پئي. بهرحال واهي پانڌيءَ ۾ لهي بلاول جمالي ۽ واهي پانڌيءَ کان گورک جي جبلن کان موڪلايوسين، جيڪي واهي پانڌيءَ کان چٽا نظر اچي رهيا هئا!