ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: خانو

سنڌ حڪومت جي تمام وڏي سڻڀي کاتي جو وڏو ڪامورو جنهن جي ھيٺان سڄي سنڌ ۾ ھزارين ملازم نوڪري ڪندا ھئا. ھن کي پنهنجي کاتي جا ضلعي ۽ ڊويزن سطح جا ننڍا آفيسر/عملدار ڪامورو نه، پر کيس کاتي جو بادشاهه چوندا ھئا. ھن پنهنجي کاتي کي سپورٽ ڪرڻ (عوام مٿان خرچ ڪرڻ) لاءِ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، آمريڪا، جاپان، يورپي يونين ۽ ذڪر ڪيل سڀني ملڪن جي وڏين اين جي اوز کان پنهنجي طريقي سان لکت ڪري ھر سال يا ڇھين مھيني امدادي رقم کاتي جي اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائيندو ھو، جن مان مليل ڪجهه رقم جي آڊٽ ٿيندي هئي. جڏهن ته ٻيا فنڊ آڊٽ کان آجا ھوندا ھئا، جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ھن جي کاتي جا ملازم پنهنجي مڇي مانيءَ جي لائق ٿي ويا ھئا… پر کاتي ۾ امدادي رقم اچڻ جو سھرو ھن ڪاموري جي ڪوششن جو نتيجو ھو جو ھڪ طرف سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي سڀني ڪامورن کان وڌيڪ دادلو بڻجي ويو ھو. جڏهن ته وفاقي حڪومت پڻ ھن کان تمام گهڻو خوش ھئي، جيتوڻيڪ وفاق ۾ سنڌ حڪومت جي مخالف پارٽيءَ جي حڪومت ھئي ڇاڪاڻ ته ھو ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ پُل جو ڪردار پڻ ادا ڪندو ھو. ساڳئي وقت تي وفاقي اسٽيبلشمينٽ جو اعليٰ ڪامورو/چيف سيڪريٽري پڻ ھن ڪاموري صاحب مان ڏاڍو خوش ھو، جو ھن ھر امير ملڪ ۽ اين جي او کان سنڌ جي ھر ٽائون، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پروگرام شروع ڪرايا ھئا. جڏهن ته ھر ڊونر ملڪ ۽ اين جي اوز جا سيمينار سنڌ جي ضلعي ۽ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرن ۾ ڪرائي سڀني وفدن کي وڏي مان ۽ مرتبي سان آڌرڀاءُ ڪري خوش ٿي ڪيو.

ڪاموري صاحب جا ٻه شوق ھئا پنهنجي فرنٽ مين جي ذريعي گهڻ رخي ڪاروباري ادارا کولڻ ۽ ٻيو وري سنڌ جي عوام، پر خاص طور تي اديبن ۽ پڙهيل لکيل طبقي جي دلين ۾ زنده رھڻ جي لاءِ ڪجهه فارين لٽريچر جا ترجما ڪري (ترجما ڪرائي) ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب لکي (لکرائي) سنڌ جي اديبن ۾ پڻ پنهنجي ھڪ الڳ جاءِ ٺاهي چڪو ھو. ھن نه فقط پنهنجا ڪتاب ڇپرايا، پر تخليقي اديب جيڪي معاشي تنگيءَ جو شڪار ھئا تن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرائي ثقافت کاتي کان ڪجهه نه ڪجهه رايلٽي وٺرائي ٿي ڏني يا وري سخت بيمار ٿيندڙ اديبن کي ثقافت کاتي کان ڪجهه خاشي رقم وٺرائي ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي طور تي صحت کاتي جي ڪاموري کي فون ڪري انهن اديبن جي اسپتالن ۾ تڪ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن وانگر علاج ڪرائيندو ھو. ڇاڪاڻ ته ھن کي ياد ھو جڏهن ھو ھڪ وڏي شھر جو عملدار ھو ته ثقافت کاتي جي عورت ڪاموري جڏهن شھر جي ھڪ وڏي اسپتال ڏانهن ھڪ نالي واري شاعر جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ پھتي ته ھن بيمار شاعر کي چيو، “توهان سنڌي اديب جلدي بيمار ڇو ٿيندا آھيو ۽ ٻيو رڳو ثقافت کاتي جي فنڊن ۾ اکيون وجهيو ويٺا آھيو.” ڪجهه گھڙيون خاموش رھندي وري چيو، “دنيا سڌرندي، پر سنڌي اديب نه سڌرندو.”

ھو به تخليقي، پر في البديع شاعر ھو، تنهن عورت ڪاموريءَ کي جواب ۾ چيو، “منهنجو ھي شعر ٻڌو پوءِ وڃجو.”

عورت ڪاموري بيٺي ته شاعر چيس،

وار ڪٽيل مٿي اگھاڙي،

ثقافت جي منهن تي چماٽون ھڻي ٿي.

عورت ڪاموريءَ سخت توائيءَ ۾ ان بيمار شاعر لاءِ ھڪ رپيو به جاري نه ڪيو ۽ ھو شاعر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو.

ڪاموري اھا ڳالهه پنهنجي ذھن ۾ ويھاري ڇڏي ته جي ادبي لڏي سان ھلڻو آهي ۽ مان به وٺڻو آهي ته پوءِ انهن جي جائز مدد ڀرپور طريقي سان ڪرڻي پوندي تنهنڪري ھن جي شخصيت تي ڪاموري واري ڇاپ گھٽ، پر اديب واري گهڻي ھئي.

ڪاموري صاحب جا ٻه پروگرام رٿيل ھئا جن مان پھريون بحريا ٽائون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي فرنٽ مين جي ذريعي قائم ڪيل ھڪ گهڻ رخي ڪاروباري اداري جو افتتاح ڪرڻ ھو جنهن جي لاءِ ھن فرنٽ مين کان شھر جي وڏن واپارين، امير طبقي جي فردن ۽ مقامي صحافين کي پڻ دعوت ڏياري ھئي، پر انهن فردن کي پاڻ به عرض ڪندي زور ڀريو ھو ته ھو ضرور شرڪت ڪن جنهن جو خاص سبب ھڪ ته انهن کي خبر پوي ڪراچيءَ ٻاھريان بحريا ٽائون ۾ به ھڪ وڏو گهڻ رخو ڪاروباري ادارو موجود آهي… ۽ ٻيو وري انهن جو رخ بحريا ٽائون جي اميراڻن بنگلن، خريداري مرڪزن ۽ گهڻ رخي واپاري ادارن ڏانهن پڻ ٿئي جتي ھن پنهنجي فرنٽ مين کان وڏي سيڙپ ڪرائي پلاٽ ورتا ھئا.

ڪاموري صاحب بحريا ٽائون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهڻ رخي واپاري اداري جي افتتاح جي لاءِ ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار ھوٽل کان ھلڪي ريفريشمينٽ سان گڏ ڪيٽرنگ سروس (کاڌو، بوتلون ۽ شربت پھچائڻ وارا) وارن کي گهرايو ھو ته جيئن ھن گهڻ رخي واپاري اداري جي ساک ۽ ڌاڪ سڄي ڪراچيءَ سوڌو سنڌ جي اميرن ۽ جاگيردارن ۾ به ويھجي وڃي.

ٻيو خيرپور شھر ۾ رات جو ھڪ وڏي ادبي پروگرام، “سنڌيءَ ۾ تخليقي ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جو تنقيدي جائزو” رٿيل ھو جنهن جو خاص مھمان ھو پاڻ ھو. ڪاموري صاحب خيرپور شھر جي مک اديب کي سڻڀي رقم ڏني هئي ته سکر ۽ خيرپور جي اديبن کي اوٽ موٽ جو ڪرايو ڏئي گهرائي ۽ ساڳي وقت تي مقامي صحافين کي تحفا ڏئي ته جيئن پروگرام اخبار جي زينت پڻ بڻجي. ھن ادبي پروگرام جو بندوبست ڪرائڻ جي لاءِ خيرپور جي ضلعي انتظامي عملدار/ڊي سيءَ کي پڻ تاڪيد ڪيو ھو ته شھر جي وچ واري ڪانفرنس ھال کي سينگاري ۽ ھڪ بھترين ريفريشمينٽ جو بندوبست پڻ ڪري.

خيرپور جي ضلعي انتظامي عملدار/ڊي سي حقيقت ۾ ھن دوست کان وڌيڪ ھن جي شخصيت ۽ ڪم جي ڏانءُ کان ڏاڍو متاثر ھو جنهن وڏي ڪاموري جي حڪم کي پنهنجي اکين تي رکي ڪانفرنس ھال کي سنوارڻ جو پاڻ جائزو وٺڻ ويو. ڪامورو صاحب پنهنجي فرنٽ مين سان گڏ بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي گهڻ رخي ڪاروباري اداري جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ پھتو. گهڻ رخي ڪاروباري اداري جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڪاموري صاحب جو مختصر خطاب پڻ رکيل ھو. آفيس جو افتتاح ڪندي لوڪل صحافين سان ڳالهائيندي چيو، “ڪجهه قومي ۽ مقامي نام نهاد صحافي ۽ سياسي تنظيمون جن جي وفاقي توڙي صوبائي سطح تي تڇ جيتري به اهميت نه آهي سي بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي هن ميگا پراجيڪٽ کي ھروڀرو ٽارگيٽ ٿيون بڻائين۔”

مهمانن کي پليٽون ۽ ريفريشمينٽ ڏياريندي ھن وري چيو، “…پر جي ھو غور ڪندا ته بحريا ٽائون ڪراچيءَ ۾ اڪثريت ۾ بنگلا، فليٽ ۽ ڪاروبار سنڌين جا آهن…” شهر جي اهم شخصيتن تائين هر شيءِ پهچائڻ جي لاءِ فرنٽ مين کي اشارو ڪيو ته جيئن هو ڪيٽرنگ وارن کي هدايت ڪري ۽ پوءِ وري سڀني آيل مھمانن کي هن نئين اداري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “ھي وڏو ۽ گهڻ رخي ڪاروباري ادارو پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ھي علائقو سڀني جي لاءِ آهي” ميڊيا وارن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، “سواءِ دھشتگردن جي… باقي، ھي علائقو امن پسند ماڻهن جي لاءِ جنت مثل آهي.”

هن پنهنجو خطاب جاري رکندي چيو، “بحريا ٽائون جي لاءِ مهم هلايو ساٿيو، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جڏهن چائنا پاڪستان اڪانامڪ ڪاريڊور (سي پيڪ) مڪمل طور تي فنڪشنل (عملي) ٿي ويندو ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو ڏک ۾ رھجي ويندا ته ڪاش جيڪر بحريا ٽائون ۾ ڪو فليٽ، بنگلو يا ڪو ڪاروباري پلاٽ خريد ڪري وٺون ها…!”

اڃان ڪجهه چوڻ وارو هو ڪاموري صاحب کي اوچتو ٻئي فرنٽ مين ڪن ۾ آھستي چيس، “سائين، توهان جي آفيس تي نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو (نيب) جي آفيسرن ڇاپو هنيو آهي.”

“ھان…!!”

پنهنجي ٻئي فرنٽ مين کي پنهنجي ڪاروباري اداري جي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ سڄي حقيقت پڇيائينس ته ھن ٻڌايس، “سائين، نيب جي آفيسرن توهان جي آفيس جو ھرھڪ پنو جاچيو اٿائون..”

“اڙي نڀاڳا، منهنجي سيف ۾ ئي ته ڪجهه اھم فائيل پيا ھئا جيڪي ثبوت جي لاءِ ڪافي ھئا.”

ھن ٻه ٽي ٿڌا ساھ ڀري ۽ وارن ۾ ھٿ ڦيريندي چيو، “مان اتفاق سان اھي فائيل گهر ڏانهن نه کڻي ويس” ڪجهه قدم اڳتي پوئتي کڻندي چيائين، “واھ ڙي قسمت ..!!!”

“سائين، ھو پنهنجو سيڪش آفيسر جواد آهي نه…سو توهان جا اھم فائيل کڻي واش روم ۾ پاڻ کي لاڪ ڪري ويھي رهيو.” ٻئي فرنٽ مين کيس تڪڙو ٻڌايس.

“ھان…!!!” ڪاموري کان حيرت مان رڙ نڪري وئي.

“سائين، جواد جو پاڻ کي بند ڪرڻ کانپوءِ نيب جي آفيسرن کي ڪجهه نه مليو ته ھو منهن ڦڪو ڪندي مايوسيءَ مان آفيس ۽ کاتي جي بلڊنگ مان ئي ٻاهر ھليا ويا.”

“*واھ واھ…!!!” وڏو ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين، “جواد کي ايڏي وڏي رسڪ کڻڻ جي لاءِ ضرور ڪجهه صلو ڏبو”

…..پر اوچتو وري ڳالهه ياد پيس، “اڙي، نيب آفيسر منهنجي گهر ڏانهن ته نه ويا…!!!”

“سائين، نيب آفيسر جڏهن توهان جي آفيس جي تلاشي وٺي رهيا ھيا تڏهن مان ٻاھران فون گھمائي بيگم صاحبه کي سڄي صورتحال کان آگاھ ڪيم” ساھ پٽيندي ٻئي فرنٽ مين چيو, “سائين، بيگم صاحبه کي چيم ته مختصر ڪپڙن جو ٿيلھو, سڀ زيور، روڪ رقم ۽ ٻيا ضروري فائيل کڻي ڳوٺ ڏانهن ھليا وڃو پر جلدي.”

“وڏا مٿي جو سور لاھي ڇڏيئي.” ھي لفظ چوندي ھن پنهنجي گهر واريءَ کي فون ڪري ھن کان حال احوال ورتو ته ھن ٻڌايس ته ھوءَ ٻارن سوڌو ڄامشورو ڪراس ڪري چڪي آهي.

ڪاموري وڏو ٿڌو ساھ ڀريندي ھڪ ڊگهي صوفي تي پاڻ کي ڇڏي ڏنو جو ھن جي ساک پت بچي وئي.

“سائين، مھمان اوھان جو انتظار ٿا ڪن جيئن ھو موڪلائي ھليا وڃن.” پھرين فرنٽ مين کيس ٻڌايو.

“اف…!!” ھو ڪمري ٻاهر نڪتو ۽ ھڪ بناوٽي مرڪ سان سڀني امير ۽ ڪاروباري شخصيتن کي آفيس مان ٻاهر وٺي کين گاڏين ۾ موڪلائيندو ويهاريندو ويو ۽ سڀ هليا ويا.

“منهنجي مٿي ۾ شديد سور پيو آهي.” ھو پنهنجي دماغ کي ٻئي ھٿ ڏئي آفيس جي صوفي تي ويٺو ۽ ڪنهن گهري سوچ ۾ ھليو ويو ته ھن جي وفاق ۽ سنڌ ۾ ھيڏي ساک ۽ اثر پوءِ به نيب آفيسر مون کي اطلاع ڪرڻ کانسواءِ ڪاھي پيا، پر ھن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مان ڪنهن به اھم وزير يا وري وفاقي اسٽيبلشمينٽ جي وڏي ڪاموري کي به رنگ نه ڪئي.” ھن اڃان پاڻ مغز کي زور ڏيڻ شروع ڪيا ته پھريون فرنٽ مين اڳتي وڌي ڪاموري جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳو ته ٻئي فرنٽ مين وري ڄنگھن ۽ ٻانهن کي زور ڏيڻ شروع ڪيس ته پھرين فرنٽ مين چيس، “سائين، خيرپور واري پروگرام کي ڪينسل/رد ڪيو ته سي ويو واري بنگلي تي ھلي آرام ڪيو ۽ پنهنجي سنگتياڻيءَ سان ڪچھري به ڪيو ته ڪو ذھني سڪون مليو.”

ڪجهه دير تائين پنهنجون اکيون بند ڪري کوليائين ۽ پھرين فرنٽ مين کي چيائين، “گاڏي ڪڍ ته خيرپور ٿا ھلون.”

پھرين فرنٽ مين ٻاهر ڀڳو ۽ ڊرائيور کي اشارو ڪيائين ته ھو تڪڙ ۾ گاڏي ڪاھي آيو، تيستائين ھو به ٻاهر نڪري آيو ۽ گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ويھندي فرنٽ مين کي چيائين، “تون اڳيان ويھ ۽ مان پويان آرام ٿو ڪندو ھلان.”

خيرپور شھر ۾ پھچڻ سان ئي ڊي سي صاحب وڏي ڪاموري جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ پاڻ انتظار ڪري رهيو ھو جڏهن ته ڊي سي صاحب جي پويان وري سڀ  اديب بيٺا ھيا.

وڏو ڪامورو جيئن ئي گاڏيءَ مان لٿو ته ھن جو آڌرڀاءُ ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ کيس وڏي جلوس جي صورت ۾ ڪانفرنس ھال ۾ ٺھيل اسٽيج تي آندو ويو جتي پڻ گلن جي ورکا ۽ ڪجهه سندس حق ۾ نعرا پڻ لڳاـ اسٽيج سيڪريٽري تڪڙ ۾ پروگرام جي شروعات ڪندي وڏي ڪاموري ۽ ڊي سي صاحب کي ڪجهه ئي گھڙين ۾ مھمان خاص وارين سيٽن تي ويھڻ جي دعوت ڏني.

وڏو ڪامورو ۽ ڊي سي جيئن پنهنجي سيٽن تي ويٺا ته ڊي سي تمام  آھستي چيس،

“سر، نيب جي آفيسرن توهان جي آفيس تي ڇاپو ھنيو، پر بڇڙا ٿي خالي ھٿين موٽيا.”

وڏي ڪاموري کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ سمجهي ويو ته ھن جي آفيس تي نيب جي آفيسرن جي ڇاپي واري خبر پکڙجي وئي آهي، پر ڪٿي سامهون سڄي ھال ۾ ويٺل ڪنهن اديب کي کڙڪ نه پئجي وڃي ته منهنجي سڄي ادبي ساک تباهه ٿي ويندي. تنهنڪري ھن پنهنجي تخليقي دماغ کي حرڪت ۾ آڻيندي ھڪ ڳالهه گھڙي ورتي ته ھو “سنڌيءَ ۾ تخليقي ڪھاڻيءَ جو پڄاڻيءَ جي تنقيدي جائزو” تي لکيل آرٽيڪل جي بدران گھڙيل ڳالهه پيش ڪري پنهنجو ڪجهه ذھني بار به ھلڪو ڪري ۽ ادبي ماحول ۾ ھڪ تاثر به ڇڏي ته نيب جي آفيسرن جو ھن جي آفيس تي ڇاپو حقيقت ۾ وفاقي ۽ صوبائي  حڪومت جي اختلافن جي پسمنظر ۾ آهي جنهن ۾ ھن جي شخصيت کي داغدار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر ھن ڪنهن به قسم جي ڪرپشن نه ڪئي آهي.

خيرپور ۽ سکر جي اھم اديبن پنهنجا مختصر تنقيدي مقالا پڙهي پورا ڪيا ته اسٽيج سيڪريٽري وڏي مان ۽ شان سان وڏي ڪاموري کي پنهنجي خيالن جي اظهار پيش ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي گهرايو ته سڄي ھال ھن جي تقرير شروع ڪرڻ تائين تاڙيون وڄايون ۽ نيٺ وڏي ڪاموري سڀني کي ھٿ جي اشاري سان خاموش رھڻ جو چوندي مائيڪ ۾ ھٿ وجھي تقرير شروع ڪئي، “جيئي سنڌ جيئي مرشد لطيف ۽ مرشد جي ٻولي.”

سڄي ھال ۾ خاموشي ٿي وئي ته ھن چيو، “اڄ مان پنهنجي تحقيقي تنقيدي آرٽيڪل جي بدران ھڪ ڳالهه ٿو ٻڌايان ته جڏهن مان اڃان ننڍو ھئس ته اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ چوري ٿي، جنهن جي چوري ٿي تنهن جو ايس ايڇ او يار ھو تنهن ڳوٺ ڏانهن ھر ايندڙ شخص کان آڏي پڇا ڪري ھڪ شڪي ھمراھ کي گرفتار ڪيو. گرفتار ڪيل شخص جا وار وڏا ۽ گھنڊيدار، شھپر ٿلھا، پر چوٽين سان وڪوڙيل ۽ قد جو ڊگهو ۽ ڪڻڪ رنگو ھو. ھن جو نالو خان محمد عرف خان ۽ پيار مان ھن کي خانو سڏيندا ھئا، تنهن کي ايس ايڇ او گهڻي مارڪٽ ڪئي، پر ھن تي چوري ثابت نه ڪري سگهيو. نيٺ ايس ايڇ او سندس خاندان ۽ ڳوٺ وارن جي ميڙ کي مان ڏيندي ضمانت تي آزاد ڪيو. وڏي ڪاموري ٿورو پاڻي جو ڍڪ ڀريندي بيان ڪيو ته تر ۾ ٿيندڙ ھر ننڍي يا وڏي چوريءَ ۾ خانو جي گرفتاري لازمي ھوندي ھئي، پر ڪجهه مار ڏيڻ کان پوءِ خانو کي ضمانت تي ڇڏيو ويندو ھو جو ايس ايڇ او کي خبر ھئي، پر ڳوٺ جا ماڻهون پھريون شڪ خانو ۾ ڪندا ھئا” “ساھ پٽيندي وري بيان ڪيو، ھڪ ڏينهن ڳوٺ جا ڪافي ماڻهون خانو کي وٺي ايس ايڇ او ڏانهن ويا، پر ھنن جي پويان ڳوٺ جي ھڪ ھندو زميندار جي گهر ۾ ڌاڙو لڳو ته ھندو زميندار پنهنجي مسلمان زميندار دوست ۽ ٻين ساٿين سان جڏهن ٿاڻي تي پھتو ته خانو کي ٿاڻي ۾ ڏسي دنگ رھجي ويو.”

ايس ايڇ او ھندو زميندار سندس مسلمان زميندار دوست ۽ ٻين ساٿين ڏانهن منهن ڪندي چيو، “ديوان، خانو چور نه آهي.”

اڃان وڏي ڪاموري اھي لفظ چئي ھال تي گهري نظر وڌي ته ھڪ اديب جيڪو گيٽ جي ڀرسان آخري سيٽ تي ويٺو ھو تنهن سگريٽ جو وڏو ڪش ھڻي دونھين کي نڪ ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندي ھوا ۾ ڇڏيو ته اھو ڇلا ڇلا ٿي مٿي وڃڻ لڳو ۽ ھن پنهنجي سيٽ تان اٿندي وڏي ڪڙڪ آواز ۾ رڙ ڪندي چيو، “خانو ڪلھه به چور ھو، خانو اڄ به چور آهي ۽ خانو سڀاڻي به چور رھندو.”

ھن اديب جي اھڙي جواب تي سڄي ھال ۾ خاموشي ڇانئجي وئي جو سئيءَ جو به کڙڪو ٻڌڻ ۾ اچي. اھڙا جواب ڏيندي ساڳيو ئي اديب سخت جذباتي حالت ۾ ڀرسان واري گيٽ مان ٻاھر نڪرندي ھال جي گيٽ تي بيھي ھڪ وڏو ڪش ھڻندي سڄي ھال تي نظر وجھندي دونھين کي نڪ ۽ وات مان ڪڍيو ته اھو ڇلا ڇلا ٿي ھوا ۾ وڃڻ لڳو ۽ پوءِ ھو تڪڙو تڪڙو ھليو ويو.

***