سنڌ حڪومت جي تمام وڏي سڻڀي کاتي جو وڏو ڪامورو جنهن جي ھيٺان سڄي سنڌ ۾ ھزارين ملازم نوڪري ڪندا ھئا. ھن کي پنهنجي کاتي جا ضلعي ۽ ڊويزن سطح جا ننڍا آفيسر/عملدار ڪامورو نه، پر کيس کاتي جو بادشاهه چوندا ھئا. ھن پنهنجي کاتي کي سپورٽ ڪرڻ (عوام مٿان خرچ ڪرڻ) لاءِ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، آمريڪا، جاپان، يورپي يونين ۽ ذڪر ڪيل سڀني ملڪن جي وڏين اين جي اوز کان پنهنجي طريقي سان لکت ڪري ھر سال يا ڇھين مھيني امدادي رقم کاتي جي اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائيندو ھو، جن مان مليل ڪجهه رقم جي آڊٽ ٿيندي هئي. جڏهن ته ٻيا فنڊ آڊٽ کان آجا ھوندا ھئا، جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ھن جي کاتي جا ملازم پنهنجي مڇي مانيءَ جي لائق ٿي ويا ھئا… پر کاتي ۾ امدادي رقم اچڻ جو سھرو ھن ڪاموري جي ڪوششن جو نتيجو ھو جو ھڪ طرف سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي سڀني ڪامورن کان وڌيڪ دادلو بڻجي ويو ھو. جڏهن ته وفاقي حڪومت پڻ ھن کان تمام گهڻو خوش ھئي، جيتوڻيڪ وفاق ۾ سنڌ حڪومت جي مخالف پارٽيءَ جي حڪومت ھئي ڇاڪاڻ ته ھو ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ پُل جو ڪردار پڻ ادا ڪندو ھو. ساڳئي وقت تي وفاقي اسٽيبلشمينٽ جو اعليٰ ڪامورو/چيف سيڪريٽري پڻ ھن ڪاموري صاحب مان ڏاڍو خوش ھو، جو ھن ھر امير ملڪ ۽ اين جي او کان سنڌ جي ھر ٽائون، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پروگرام شروع ڪرايا ھئا. جڏهن ته ھر ڊونر ملڪ ۽ اين جي اوز جا سيمينار سنڌ جي ضلعي ۽ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرن ۾ ڪرائي سڀني وفدن کي وڏي مان ۽ مرتبي سان آڌرڀاءُ ڪري خوش ٿي ڪيو.