بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم عوامي ليگ جي رهنما حسينه واجد کي 16 نومبر 2025 تي انٽرنيشنل ڪرائيمز ٽربيونلز جي تحت سزا ٻڌائي وئي. اها عدالت شيخ حسينه واجد جي حڪومت ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد 1971ع جي بنگلاديش جي آزادي جي جنگ دوران ٿيل جنگي ڏوهن جي جاچ ۽ ان جي خلاف فيصلا ڏيڻ هو. 2010ع ۾ آءِ سي ٽي جو قيام ٿيو ۽ ان ٽربيونل ذريعي جماعت اسلامي ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي جنگي ڏوهن جي الزام تحت سزائون ڏنيون ويون. اڄ ساڳئي ٽربيونل کيس سزاءِ موت ڏني آهي.
سندس ڏوهه اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن 2024ع ۾ شاگردن جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل احتجاجي جلوسن تي خونريز ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ هزارين شاگرد مارجي ويا ۽ کيس انسانيت خلاف ڏوهن جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا پڻ ٻڌائي وئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بنگلاديش ۽ ڀارت جي وچ ۾ قيدين جي حوالي ڪرڻ جو هڪ معاهدو جيڪو 2013ع ۾ ٿيو هو، اهو پڻ موجود آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بنگلاديش شيخ حسينه واجد کي ڦاسي ٻڌائڻ کانپوءِ ڇا ڀارت کان سندس حوالگيءَ جي گهر به ڪري ٿو يا نه. جيڪڏهن بنگلاديش اها گهر ڪئي ته پوءِ ڀارت لاءِ اهو هڪڙو امتحان هوندو. ڇو ته معاهدا شخصي طور تي ناهن ٿيندا، بلڪه رياستن جي وچ ۾ ٿيندا آهن، پر ان معاهدي جي وچ ۾ ڪجهه اهڙيون شقون موجود آهن جيڪي ڀارت کي انڪار ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون. ان معاهدي تحت هڪ شق اها آهي ته جيڪڏهن ڏوهه سياسي آهي ته ان کي استثنيٰ حاصل هوندو.
جيئن ته حسينه واجد مٿان اهو الزام آهي ته هوءَ ڀارت نواز رهي ۽ ڀارت سان سندس ۽ سندس والد جا تمام گهرا لاڳاپا رهيا. سندس والد شيخ مجيب الرحمان جي قتل کانپوءِ 1975ع ۾ حسينه واجد ڀارت ۾ پناهه ورتي. سندس حڪومت ڪجهه اهڙا اهم معاهدا ڀارت سان ڪيا جن کي حسينه واجد جي مخالفن ڀارت جي مفادن جي خلاف قرار ڏنو، جنهن ۾ پاڻيءَ جي حصيداري ۽ ڏوهارين جي حوالگي شامل آهي. سندس مخالفن مطابق هن آزاد ۽ خود مختيار پرڏيهي پاليسيءَ کي نظر انداز ڪندي ڀارت جي خواهشن کي وڌيڪ اهميت ڏني. هن وقت عوام جي راءِ شيخ حسينه واجد جي سزا تي ورهايل نظر اچي ٿي. سندس دور ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ظلم ۽ جبر جو دور رهيو ته ڪيترن لاءِ ترقي جو دور رهيو.
سندس سزا جي حمايت ڪندڙن ۾ خاص طور تي اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي حسينه واجد جي دور ۾ احتجاجن جي دوران ظلم جو شڪار رهيا ۽ جن حسينه واجد جي پاليسين کي ناپسند ڪيو. ٻئي پاسي اهي ماڻهو آهن جيڪي سندس سزا کي سياسي انتقام قرار ڏئي رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته حسينه جي دور ۾ بنگلاديش تمام گهڻي معاشي ترقي ڪئي ۽ غربت جو خاتمو آندو. سندس حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي آئي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جيڪي آزاد ٿيڻ وقت هڪ ملڪ هئا، ڌار ٿيڻ کانپوءِ به ٻنهي جون حالتون ڪيتري حد تائين ساڳيون نظر اچن ٿيون. خاص طور تي جڏهن جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان پاڪستان کي ڏسجي ته عدالتي نظام جو سياسي استعمال جيئن حسينه واجد کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، ايئن پاڪستان ۾ به عدالتن ذريعي سياسي قيادتن کي سزائون ملنديون رهيون آهن، جنهن ۾ سڀ کان بدترين سزا ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏني وئي، جنهن جي عدالت کان مٿانهين قتل جو اعتراف عدالت به ڪيو. ٻنهي ملڪن ۾ سياسي ورهاست نظر اچي ٿي.
ادارن جي مداخلت ٻنهي ملڪن جي اندر تمام گهري هجڻ جي ڪري سياسي صورتحال ڪڏهن به استحڪام حاصل نه ڪري سگهي آهي. ان کان علاوه ٻنهي ملڪن جي معيشت هميشه ڪمزور رهي آهي، پر تنهن هوندي به بنگلاديش پاڪستان جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ٻنهي ملڪن ۾ ادارن جو جهيڙو، قانون جو سياسي استعمال ۽ ادارا جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ خطرو بڻيل رهيا آهن. پاڪستان جي سياستدانن کي ۽ آئيني ادارن کي بنگلاديش جي صورتحال کي ڏسندي پنهنجو پاڻ کي ان رستي تان تمام گهڻو احتياط سان گذرڻ لاءِ پنهنجون پاليسيون جيڪي ننڍي مدي کان وٺي ڊگهي مدت جون ٻنهي ۾ انتهائي احتياط سان تبديلي ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياست ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سڀني ڌرين کي ضرورت آهي ته جيئن دشمنيون ايتريون نه وڌي وڃن جو هڪ ڌر کي ٻي ڌر کان ايترو خطرو هجڻ گهرجي.
ان کان علاوه پاڪستان کي هن وقت ضرورت آهي ته ملڪ ۾ معيشت ۾ سڌارا آڻي هڪ گڏيل قومي چارٽر يا گڏيل پاليسيون ٺاهي انهن تي اتفاق راءِ سان عمل ٿيڻ گهرجي ۽ ادارن کي غير جانبدار ۽ قانون جي حڪمراني ڪرڻ گهرجي ته جيئن عدالتن جا فيصلا سياسي نه، پر قانوني اصولن تي ٻڌل هجن. پاڪستان ۾ به سياست ۾ سياسي انجنيئرنگ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ جيڪڏهن اسان جون چونڊون ٿين ٿيون ته اهي مقامي ادارن سميت عام چونڊون منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجن، جنهن سان سياست جو سياسي عمل عوام جي اندر پذيرائي حاصل ڪري سگهي، پر اهو سڀ ڪجهه اسان کي في الحال ٿيندي نظر نٿو اچي.
اهو سڀ ڪجهه سوچڻ ته تمام سولو آهي، پر عملي طور تي ان جي اندر ڪافي مشڪلاتون موجود آهن، پر اها ڳالهه ناممڪن به ناهي. عقلمندي ۽ حڪمت سان جيڪڏهن سوچ ويچار ڪري سياست ۽ ملڪي نظام هلايو وڃي جنهن ۾ سڀني جي نيت ملڪ کي صحيح رستي تي چاڙهڻ هجي ته يقينن ڪجهه ڏکيائين کانپوءِ اسان اهڙي صورتحال مان نڪري سگهون ٿا جيڪا صورتحال هن وقت پاڪستان ۾ به موجود آهي ۽ جنهن جو نمونو اسان کي بنگلاديش جي سياست ۾ به نظر اچي ٿو.