بلاگنئون

ڪوريا جي پيريلل-38 لڪير، جنهن لکين ماڻهن جو خون وهايو

سال 9 آگسٽ 1945ع جي هڪ رات، جڏهن ڳاڙهي فوج جي ٽينڪن ڪوريا جي درياءَ ٽومن کي ڪراس ڪيو ۽ هڪ هفتي جي اندر پيونگ يانگ جي رستن تي جاپاني آفيسر پنهنجا فائيل ساڙي رهيو هو. ٽي هزار ڪلو ميٽر پري واشنگٽن ۾ ٻه آمريڪي آفيسر هڪ نيشنل جيوگرافڪ جي نقشي تي لائين ڪڍي رهيا هئا ته جيئن سيول سوويت يونين جي اثر کان بچي وڃي. انهن ٻنهي ڪوريا جي باري ۾ ڪجھ نٿي ڄاتو، بس اندازي سان هڪ ليڪو ڪڍيو ويو، جنهن کي بعد ۾ 38 parallel سڏيو ويو. اها اهڙي بي معنيٰ لڪير هئي، جيڪا اڳتي هلي ڪري پنجهتر سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سرحد بڻجي وئي. اها ڪهاڻي اصل ۾ جاپاني تسلط جي خاتمي کان شروع ٿئي ٿي. چاليھن سالن تائين جاپان ڪوريا کي پنهنجي ڪالوني بڻائي رکيو هو. جڏهن جاپان هارايو ته سموري ڪوريا ۾ ترقي جي لهر ڊوڙي وئي، ماڻهو رستن تي نڪري آيا. مقامي سطح تي عوامي ڪميٽيون بنجڻ لڳيون، جن جاپاني حاڪمن کي هٽايو، خوراڪ ورهائي ۽ ملڪ جو نظام سنڀالي ورتو. پندرهن آگسٽ 1945ع تي ليو وون هيونگ نالي اڳواڻ سيول ۾ آزادي جي تياري جي لاءِ هڪ مرڪزي ڪميٽي ٺاهي. ڪجھ هفتن ۾ اها تحريڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. مگر نه آمريڪا انهن ڪميٽين کي تسيلم ڪيو نه سوويت يونين. آمريڪا جو جنرل هاج انچون جڏهن ڪوريا ۾ آيو ته ان جي هٿ ۾ هڪ حڪم نامو هو ته  Parallel 38جي ڏکڻ ۾ هاڻي جاپاني حڪومت جي جاءِ تي آمريڪي فوجي انتظاميه هوندي. جنرل هاج ايندي ئي مقامي عوامي ڪميٽين تي پابندي هڻي ڇڏي. جاپاني پوليس آفيسرن کي ٻيهر مقرر ڪيو ۽ واشنگٽن کان هڪ پراڻي جلاوطن سياستدان سنگمن ري کي گهرايو ته جيئن آمريڪي قبضي کي مقامي رنگ ڏنو وڃي.

جڏهن روس آمريڪا کي اها سازش ڪندي ڏٺو ته هن اتر ۾ جاپاني حاڪمن کي برطرف ڪري مقامي گوريلن کي هٿيار ڏنا، جن جاپان جي خلاف ويڙھ ۾ حصو ورتو۔ انهن ۾ هڪ نوجوان ڪمانڊر ڪم ال سنگ به هو جيڪو هڪ قومپرست ڪميونسٽ ليڊر هو ۽ ڪميونسٽ ڌرين ۾ وڏي عزت وارو هو. ڪجھ مهينن ۾ روسين اتر ڪوريا ۾ ڪميونسٽ نظام قائم ڪري ڇڏيو. زمين ضبط ڪري هارين ۾ ورهائي ڇڏي، ڪم ال سنگ کي وقتي حڪومت جو اڳواڻ بڻايو ويو. سن 1946ع تائين ڪوريا ۾ ٻنهي حصن تي مزاحمت شروع ٿي وئي. ڏکڻ ڪوريا ۾ هارين ۽ مزدورن آمريڪي قبضي جي خلاف بغاوت ڪري ڇڏي. آڪٽوبر ۾ تانگو جي علائقي ۾ مظاهرا ٿيڻ لڳا، جن کي آمريڪي فوج سختي سان چٿي ڇڏيو. سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ هزارين گرفتار ٿيا. اهو اهڙو پل هو جڏهن ڏکڻ ڪوريا جي کاٻي ڌر جي تحريڪ کي شديد تشدد ۽ ظلم ۽ جبر کان بچڻ جي لاءِ انڊر گرائونڊ ٿيڻو پيو. ائين ڏکڻ ڪوريا ۾ اهائي قيادت بچي جنهن کي آمريڪين جي حمايت حاصل هئي. سن 1948ع ۾ ٻنهي پنهنجي پنهنجي چونڊ ڪرائي، جنهن سان ڪوريا انتظامي طور تي ورهائجي ويو. آمريڪا ڏکڻ ڪوريا ۾ چونڊ ڪرائي جنهن ۾ پنهنجي ڪٺ پتلي سنگمن ري کي صدر بڻائي ڇڏيو. اتر ۾ عوام ڪم ال سنگ کي وزيراعظم چونڊيو. اتر ڪوريا سڄي ڪوريا تي دعويٰ ڪئي ۽ پوءِ ٻنهي پاسي فوجيون تيار ٿيڻ لڳيون، ايندڙ ٻن سالن ۾ هزارين فوجون ۽ گوريلا  Parallel 38تي هڪٻئي سان وڙهڻ لڳيون. مغربي پروپيگنڊا نفرت جي اهڙي ڀت قائم ڪري ڇڏي، جيڪا اڄ به مضبوطي سان بيٺي آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ کاٻي ڌر جي خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيو، جيجو ٻيٽ ۾ هزارين شهري ماريا ويا۔ هڪ طرف سرمائيداراڻو نظام ۽ آمريڪي امداد تي بيٺل ڏکڻ ڪوريا هو، ٻئي پاسي سوويت ماڊل تي ٻڌل اتر ڪوريا۔

وقت گذرندو ويو، پر ان قسم جي سياست سموري خطي جي سياست کي بدلائي ڇڏيو. اتر ڳري صنعت ۽ فوجي طاقت تي زور نه ڏنو، جڏهن ته ڏکڻ آمريڪي امداد ۽ برآمدي معيشت تي، سن 1969ع جي ڏهاڪي ۾ اتر ڪوريا جي في سيڪڙو پيداوار ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪ هئي، پر ستت ئي ڏکڻ ڪوريا جي معيشت جي رفتار تيز ٿي وئي. اتر ڪوريا ۾ ڪم ال سنگ جي بي لوث خدمت ۽ عوامي ڪردار عوام جي دل ۾ ان ريت جاءِ ٺاهي جو عوام ان کي خدا جو درجو ڏيڻ لڳو. ايستائين ته عوام ان جي نسلن سان به محبت ۽ عقيدت جا رشتا رکيو ويٺو آهي. ڏکڻ ۾ سنگمن ري جي آمريت کانپوءِ فوجي حڪومتن جو سلسلو هلي پيو، جيڪو 1980ع جي ڏهاڪي تائين قائم رهيو. آمريڪا طرفان مڙهيل ان ورهاست جي قيمت تمام ڳري هئي، ڪوريا جي جنگ ٽيھ لک زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون. هر شهر تباهه ٿيو، خاندان وکري ويا، اڄ به هزارين خاندان اهڙا آهن، جيڪي Parallel 38  جي ٻنهي پاسي پنهجن پيارن کي تلاش ڪري رهيا آهن.

پنجهتر سال ٿي ويا آهن، پر سرحد اهائي آهي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ هٿياربند سرحد. جيڪڏهن آمريڪي جنرل هاج عوامي ڪميٽين کي ختم نه ڪيو هجي ها ته اڄ اتر ڏکڻ نه بلڪه صرف هڪ ڪوريا هجي ها، ٻه ڀائر نه ورهائجن ها، ايتري رتو ڇاڻ نه ٿئي ها، ايتري نفرت نه هجي ها. شايد هن وقت گڏيل ڪوريا جي ڪميونسٽ پارٽي به ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽي جيان سڄي دنيا سان واپار ڪري رهي هجي ها. اڄ آمريڪا کي چين جي وڌندڙ اثر جو خوف آهي ۽ هو ڏکڻ ڪوريا کي چين جي خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. اتر ڪوريا آمريڪي پابندين جي باوجود دبيا ۾ اڪيلو نه رهيو. هو روس ۽ چين جي ويجهو ٿيندو پيو وڃي، دنيا تيزي سان بدلجي رهي آهي. اميد آهي ته اها خوني لڪير جيڪا ٻن آمريڪي آفيسرن ڪڍي هئي، ستت ميسارجي ويندي. ڪوريا جا ماڻهو هڪٻئي سان متحد ٿي ڪري امن سان رهندا ۽ وڌيڪ خوشحال ٿيندا۔ مغرب جي لاپرواهي سان گڏ لڳايل لڪيرن دنيا ۾ ڪيترن ئي المين کي جنم ڏنو آهي.