بلاگنئون

ڇا مار واقعي ٻار جي سنوار آهي؟

اھو 8 نومبر 2025 جو ھڪ ڏينهن ھو، انڊيا جي ھڪ رياست مھاراشٽر جي ھڪ سرڪاري اسڪول جي ڪلاس ۾ خاموشي هئي. ٽيچر جي نگاهن ۾ غرور، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ھو ۽ سامهون ڪيترن ٻارن سان گڏ بيٺي هئي هڪ ننڍڙي گلن جھڙي معصوم 13 ورهين جي ڪاجل، جنهن جي منهن تي سياري جي موسم ۾ به چمڪندڙ پگھر جا ڦڙا صاف نظر پئي آيا. اوچتو ئي ٽيچر جو گجگوڙ ڪندڙ آواز گونجڻ لڳو، جنهن ۾ سڀني ٻارن کي سئو دفعا اٿڻ ويھڻ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي! سندن ڏوهه فقط اهو آھي ته اھي صبح جو وقت تي اسڪول نه اچي سگھيا! گھر پھچڻ تي ڪاجل جي حالت خراب ٿيڻ لڳي ٿي ۽ ھوءَ مسلسل ٽنگن ۾ تڪليف جي شڪايت ڪري ٿي! آخرڪار تڪليف وڌي وڃڻ بعد والدين ان کي علائقي جي لوڪل اسپتال ۾ داخل ڪن ٿا، پر ڪوبه فرق نه پوڻ تي وري کيس ممبئي جي ھڪ وڏي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو، جتي 15 نومبر تي ڪاجل جي زندگيءَ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو! ان بعد والدين جو مسلسل اھو چوڻ آھي ته ڪاجل جي موت جي ذميدار اسڪول انتظاميه ۽ ٽيچر آھي، جنهن ڪاجل کي اھڙي قسم جي سزا ڏني!! ڇا واقعي ڪاجل جي موت جو ڪارڻ اھا سزا جيڪا سئو دفعا اٿڻ ويھڻ جي سزا هئي يا نه؟ اھو حتمي رپورٽ اچڻ بعد ئي واضح ٿيندو.

سڀاڻي جيڪڏهن ان جي موت جو سبب اھا سئو دفعا اٿڻ ويھڻ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي ته ڇا اتان جو اھو نظام شرمندو ٿيندو؟ اھا ٽيچر شرمسار ٿيندي؟ يا فقط هڪ ماءُ پيءُ سڄي عمر درد ڀوڳيندي جنهن کان تعليم جي نالي تي جگر جو ٽڪرو کسيو ويو! ڪارپورل پنشمينٽ (Corporal Punishment) يعني جسماني سزا، خاص طور تي شاگردن يا ٻارن کي مارڻ، ٿف يا ٿڏو هڻڻ يا ٻين جسماني تڪليفن ذريعي سڌارڻ، هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو صديون پراڻو آهي، پر اڄ جي دور ۾، جتي انسانيت، نفسيات ۽ ٻارن جي حقن بابت شعور وڌي چڪو آهي، تڏھن اھو سوال اڀري ٿو ته ڇا مار ۽ تشدد ذريعي تعليم ۽ تربيت صحيح طريقي سان ممڪن ٿي سگهي ٿي يا نه؟ پاڪستان ۾ 2013ع جيThe Right to Free and Compulsory Education Act ۽ ٻارن جي تحفظ بابت قانونن مطابق اسڪولن ۾ جسماني سزا ممنوع قرار ڏني وئي آهي. ان کان علاوه پاڪستان پينل ڪوڊ (PPC) جي سيڪشن 89 تحت جسماني سزا جي اجازت انهيءَ صورت ۾ جائز آهي. جڏهن اھا ٻار جي ڀلائي لاءِ هجي، پر ان جي تشريح به مبھم ۽ غير واضح آهي، جيڪا قانون جي غلط استعمال جي راهه هموار ڪري ٿي. سنڌ ۾ 2017ع ۾ سنڌ اسيمبليءَThe Sindh Prohibition of Corporal Punishment Act منظور ڪيو، جنهن تحت تعليمي ادارن، مدرسن، گهرن، بازارن ۽ ڪنهن به جاءِ تي ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ قانوني طور تي سخت منع قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان قانون جو مقصد ٻارن جو تحفظ، نفسياتي سڪون ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ آهي، پر بدقسمتي سان ان قانون تي صحيح عملدرآمد اڃان تائين ناھي ٿي سگهيو ۽ ان جا ڪيترائي ڪارڻ پڻ آھن. جھڙوڪ: استادن جي تربيتي کوٽ، والدين جو عدم شعور، عدم دلچسپي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمزوري وغيره.

انھيءَ ڪري افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃان به ٿف ھڻڻ، لڪڻ ھڻڻ ۽ زباني بيعزتي ڪرڻ کي ھڪ تربيتي عمل سمجهيو وڃي ٿو، پر ٻار جي نفسيات تي ان جا خطرناڪ اثر پون ٿا. دنيا جي نامور نفسياتدانن جي راءِ ۾ جسماني سزا (ڪارپورل پنشمينٽ) ٻارن ۾ ڊپ، اعتماد جي کوٽ ۽ منفي رويي کي جنم ڏئي ٿي، تشدد جي رواجن کي وڌائي ٿي ۽ ٻار ۾ علم کان نفرت ۽ تعليم کان بيزاري پيدا ڪري ٿي. يونيسيف ۽  WHOجي رپورٽن مطابق ڪارپورل پنشمينٽ تعليمي معيار گهٽائڻ سان گڏوگڏ ٻارن جي سماجي ترقي کي به روڪي ٿي. اسان جيڪڏهن ڪارپورل پنشمينٽ جو عالمي تناظر ۾ جائزو وٺنداسين ته اسان کي چڱي طرح خبر پوندي ته سوئيڊن دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن 1979ع ۾ جسماني سزا تي مڪمل پابندي لڳائي، ان کانپوءِ ناروي، ڊينمارڪ، جرمني، فرانس جهڙن ملڪن ۾ ان عمل کي سماجي جرم قرار ڏنو ويو. برطانيه جي حڪومت اڪثر اسڪولن ۾ جسماني سزا کي ختم ڪري soft-discipline techniques  کي رائج ڪيو. ڀارت ۾ پڻ عدالتون جسماني سزا کي غير قانوني قرار ڏئي چڪيون آهن، پر عملدرآمد جو مسئلو پاڪستان وانگر اڃان جاري آهي. ھوڏانھن وري افغانستان، نائجيريا، ايران وغيره ڪجهه اھڙا ملڪ آھن، جتي اڃان به جسماني سزا قانوني طور جائز آهي، پر بين الاقوامي دٻاءُ سبب تبديليءَ جو عمل به جاري آهي. پاڪستان ۾، خاص طور سنڌ جهڙي صوبي ۾ جتي تعليم جو شعور ھاڻي آهستي آهستي وڌي رهيو آهي، اتي اڃان به ڪيترائي والدين ۽ استاد ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته مار ٻار جي سنوار آهي! پر موجوده دور جي علم، تحقيق ۽ سماجي شعور جي روشني ۾ اها سوچ پاڻ ئي سزا جوڳي آهي. ڇو ته تعليم صرف ڪتاب پڙهائڻ جو نالو نه، بلڪه ٻار جي ذهن، دل ۽ روح کي نکارڻ جو عمل آهي، جتي عزت، محبت ۽ همدردي جو ماحول هوندو، اتي ئي حقيقي تربيت ممڪن ٿي سگهي ٿي. ڪارپورل پنشمينٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف قانون نه، پر سوچ جي تبديلي، استادن جي تربيت، والدين جي آگاهي ۽ تعليمي ادارن جي نگراني پڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته اھو هٿ جيڪو مارڻ لاءِ نه، پر مٿي تي شفقت رکڻ لاءِ وڌي، اهوئي استاد جو حقيقي هٿ چئي سگهجي ٿو.