نئون

ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪ اسان سان ڪاروبار نه ڪري سگهندو: ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي پابنديون هڻڻ بعد ان سان ڪاروباري رابطا رکڻ وارن ملڪن لاءِ به سخت بيان ڏئي ڇڏيو، ٽوئيٽر تي پنهنجي ڏنل پيغام ۾ هن چيو ته اهڙا ملڪ جيڪي ايران سان ڪاروبار ڪن پيا اهي آمريڪا سان ڪاروبار نه ڪري سگهندا. آمريڪي صدر جي صحيح کانپوءِ ايران تي اڱاري جي صبح پهرين مرحلي جون پابنديون لڳايون ويون. انهن پابندين ۾ ايران تي مختلف شعبن تي پابنديون  لڳايون ويون آهن. جڏهن ته ايران تي تيل جي درآمد تي پابنديون نومبر کان لاڳو ٿينديون. ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته هن کان پهرين ايران تي اهڙيون پابنديون نه لڳايون ويون هيون پر هاڻي نومبر کان لڳندڙ پابنديون اڃان به سخت هونديون ۽ هاڻ صرف عالمي امن جو مطالبو ڪري رهيو آهيان. ظاهري طور تي آمريڪي صدر جو اشارو يورپي يونين جي ملڪن ڏانهن آهي، جنهن پاران چيو ويو هو ته اهي آمريڪي پابندين جي مخالفت ڪن ٿا. هنن پابندين جي شروعات سومر ڏينهن کان ٿي آهي. ياد رهي ته هنن پابندين جو اثر انڊيا تي به پوندو. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ۽ عراق بعد انڊيا کي تيل وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ ايران ٽئين نمبر تي آهي. ٻئي طرف شام ۽ روس پاران ايران تي هنيل پابندين جي مذمت ڪئي وئي آهي.