نئون

اين سي اي جي سنڌي شاگرد جي قتل خلاف احتجاج

سول سوسائٽي پاران جيڪب آباد ۽ حيدرآباد ۾ اين سي اي جي شاگرد قطب رند جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ مقتول جا گهر ڀاتي ۽ مائٽ به شريڪ ٿيا. احتجاج ڪندڙن پاران انصاف جي گهر ڪئي وئي. جيڪب آباد اندر احتجاج شهيد الهه بخش پارڪ کان شروع ٿيو، جيڪو پريس ڪلب تائين پهتو. احتجاج دوران ٽريفڪ معطل رهي. ان موقعي تي قطب رند جي مائٽن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن خطاب ڪيا، هنن ٻڌايو ته قطب کي تشدد ڪري هن جا هٿ پير لوهه جي سيخن سان ڀڳا ويا، جنهن بعد هن کي ٽي ماڙ کان هيٺ ڪيرايو ويو. هنن لاهور پوليس تي الزام هڻندي چيو ته پوليس پاران نشئي مجرم کي رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو آهي. هنن چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته هنن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مجرمن کي قانون مطابق ڏوهه جي سزا ڏني وڃي.