نئون

عمران خان سنڌ لاءِ ميگا پروجيڪٽ ڏيڻ لاءِ تيار

پي ٽي آءِ طرفان نامزد ٿيل سنڌ جي نئين گورنر عمران اسماعيل پاران چيو ويو آهي ته عمران خان وزيراعظم منتخب ٿيڻ بعد سنڌ لاءِ هڪ ميگا پروجيڪٽ جو اعلان ڪندو. عمران اسماعيل پنهنجي سينيٽر جي عهدي جو حلف کڻي چڪو آهي ۽ نئين وزيراعظم پاران گورنر جي عهدي لاءِ چونڊجڻ بعد پنهنجي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندو. عمران اسماعيل اهو به چيو ته فيڊرل گورنمينٽ پاران گورنر منتخب ٿيڻ بعد هو سنڌ اندر هر ڊولپمينٽ جي پروجيڪٽ کي ڏسندو. سنڌ اندر اپوزيشن جي ليڊر جي نالي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان جو انتخاب ڪيو ويو آهي پر ان جو اعلان پارٽي ليڊر پاڻ ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو سنڌ جي وڏي وزير ۽ فيڊرل حڪومت وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو ۽ هو سنڌ جي وڏي وزير سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته گورنر جي عهدي تي اچڻ بعد هن جو ڌيان صرف ڪراچي تي نه هوندو پر هو سڄي سنڌ ۾ گهمي ڏسندو ۽ سڄي صوبي جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ وزيراعظم طرفان نيئن اعلان کانپوءِ ان پئڪيج جي عمل درآمد تي به نظر رکندو رهندو.